ممتاز قريشي
سينيئر رڪن

سياري ۾ ڊپريشن کي SAD (Seasonal Affective Disorder) چيو ويندو آهي.
سبب!
1. سج اونهاري جي ڀيٽ ۾ سياري ۾ گهٽ چمڪي ٿو. سج جي روشنيءَ جي گھٽتائي سبب دماغ ۾ ڪجهه ڪيميائي مادا هيٺ مٿي ٿي ويندا آهن.
2 سياري ۾ ڏينھن ننڍا ۽ راتيون ڊگھيون ٿي وينديون آھن انڪري سمهڻ، جاڳڻ ۽ ٻين سرگرمين جي معمول ۾ تبديلي اچي وڃي ٿي۔
3. اسان جي چوڌاري اونهاري جي ڀيٽ ۾ سياري ۾ ماحول ۾ گوڙ گهٽ هوندو آهي، نتيجي ۾ هر طرف وڏي خاموشي محسوس ٿئي ٿي۔
4 اسان ننڍپڻ کان ٻڌندا ۽ پڙهندا آهيون ته ڊسمبر جي برسات، سياري جي ڏينهن جون ٿڌيون هوائون، سرد راتين جي خاموشي، اڪيلائي ۽ اداسي سان لاڳاپيل آهن۔ انڪري سياري ۾ جيڪي ماڻهو جذباتي طور تي حساس هوندا آهن، اهي جلدي SAD جو شڪار ٿي ويندا آهن۔


SAD جو علاج:
1. جيڪڏهن توهان يا توهان جي پيارن کي SAD آهي ته جلد از جلد نفسياتيات جي ماهر سان رابطو ڪريو.
2. اونداهي ، اڪيلائي ۽ خاموشيءَ سان جڙيل پنهنجي اندر جي خوف کي ختم ڪريو۔
3. ٿڌي موسم ۾ پنهنجي سمهڻ ۽ جاڳڻ جو مناسب وقت مقرر ڪريو۔ سمهڻ وقت ٽي وي ۽ موبائل جو استعمال گھٽ ۾ گھٽ ڪريو۔
4. جڏهن سج اڀري ته سج جي روشني ۾ وڌ کان وڌ ويهڻ جي ڪوشش ڪريو۔ متوزن غڊا ۽ پابندي سان ورزش ڪريو۔
5. رشتن ناتن یا مٽن مائٽن جا مسئلا اگر توهان جي حقيقي زندگي ۾ آهن ته انهن کي حل ڪريو، اهي به اداسي جا سبب آهن،(هن معاملي ۾ هڪ ماهر نفسيات توهان جي مدد ڪري سگهي ٿي بهترين صلاح مشوري سان علاج ممڪن آهي)
6. سڀ کان وڌيڪ اهم هي آهي ته توهان کي ماضي وساري حال ۾ رهڻو آهي، ڇو جو ماضي ۾ رهڻ ڊپريشن جي ابتدائي علامتن مان هڪ آهي۔ SAD جي مريضن کي گهڻو نقصان ماضي جي خيالن سان ئي پهچي ٿو.

