شفيق الرحمان شاڪر ملڪ ۾ ايندڙ چونڊن جي حوالي سان اڃا تائين مونجھارا ۽ مختلف انومان موجود آھن.ڪجھ تجزيي نگار تہ ملڪ ۾ نئين مارشل لا جون اڳڪٿيون بہ ڪري رھيا آھن توڙي جو سپريم ڪورٽ پنہن جي واضح رويي ذريعي اھو اشارو ڏيئي چڪي آھي تہ چونڊون ھر حالت ۾ پنہنجي مقرر وقت تي ئي ٿينديون.اصل مسئلو اھو ناھي تہ چونڊن ۾ ڪھڙي جماعت اقتدار ۾ ٿي اچي پر سڀ کان اھم سوال اھو آھي تہ ڇا ھاڻوڪي ماحول ۾ جڏھن سياسي ماحول ۾ تمام گهڻي گرمي آھي ۽ خاص طور تي ھڪڙي سياسي جماعت رياست،نگران حڪومت توڙي اليڪشن ڪميشن تي جانبداريء جا مختلف قسم جا الزام ھڻي رھي آھي ان ماحول ۾ ڇا چونڊن جي نتيجن کي دل ۽ جان سان قبول بہ ڪيو ويندو؟۽ جيڪر نتيجن کي قبول نٿو ڪيو وڃي تہ ان جا ايندڙ سياسي نظام تي ڪھڙا اثر پوندا؟ڇا ملڪ جيڪو اڳيئي ڪيترن ئي سياسي، سماجي،معاشي ۽ سلامتيء وارن بحرانن جي ور چڙھيل آھي، ايندڙ حڪومت ان کي انہن بحرانن مان ٻاھر ڪڍي سگهندي؟ ايندڙ حڪومت لاء ڪھڙا سنگين ۽ سخت قسم جا مسئلا، مشڪلاتون ۽ بحران اڳيئي انتظار ڪري رھيا آھن انہن جو ڪجھ جائزو وٺڻ ضروري آھي. ملڪ کي ھن وقت سڀ کان وڏو مسئلو معاشي بحران جو آھي جنہن کي حل ڪرڻ ڪنہن بہ حڪومت لاء ايترو آسان ڪم نہٿيندو.پاڪستان ھڪ زرعي ملڪ ھوندي بہ پنہنجي قومي ناڻي جو ھڪ وڏو حصو کاڌي جون شيون ٻاھران گهرائڻ تي خرچ ڪري رھيو آھي.زراعت جي ميدان ۾ گذريل ڪيترن سالن کان جيڪا تباھي آئي آھي ان جو تدارڪ ڪرڻ لاء ڪنہن بہ جماعت وٽ ڪو واضح پروگرام نٿو ڏسجي.ملڪي صنعت اڳيئي برباد ٿي چڪي آھي.ڪرپشن قومي ادارن کي کوکلو ڪري ڇڏيو آھي.احتساب جو ڪو منصفاڻو نظام قائم ڪرڻ ڪنہن بہ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل نہرھيو آھي.احتساب لاء قائم ڪيل نام نہاد ادارو نيب ھر دور ۾ سياسي بليڪميلنگ جي ھٿيار طور استعمال ٿيندو رھيو آھي.انہن سمورين حقيقتن جي روشنيء ۾ ملڪ جون معاشي حالتون ڪھڙيء طرح درست ٿي سگهن ٿيون،سمجھ کان ٻاھر آھي.نتيجي طور تي اسان سڀ آئي ايم ايف جي در تي اکيون اٽڪايو ويٺا آھيون جيڪو ڏينہون ڏينہن اھڙا سخت شرط لاڳو ڪري رھيو آھي جن سان غريبن جي ستيا ناس ٿي چڪي آھي ۽ ماڻھو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن. ٻيو اھم مسئلو ننڍن صوبن ۾ احساس محروميء جو آھي جتي ماڻھو سمجهن ٿا تہ کين ملڪي ڪار وھنوار توڙي صلاح مشوري ۾ شامل نٿو ڪيو وڃي. سندن وسيلن،زمينن ۽ ذريعن تي رياست ناجائز قبضو ڪري رکيو آھي ۽ حق گهرڻ جي ڏوھ ۾ ماڻھن کي کنڀي کنيو وڃي ٿو ۽ بعد ۾ انہن جا چچريل لاش وصول ٿين ٿا.محروم قوميتن ۾ اھا بيچيني ڏينہون ڏينہن وڌندي ٿي وڃي پر نہتھ رياست ۽ نہئي ڪنہن حڪومت انہن معاملن تي سنجيدگيء سان سوچ ڪئي آھي.ڇا ايندڙ حڪومت ان پوزيشن ۾ ھوندي جو ننڍين قوميتن جي ان اھم مامري کي منہن ڏيڻ لاء سنجيدگيء سان ڪي قدم کڻي سگهي؟ ظاھر آھي تہ قدم تڏھن ئي کڄي سگهي ٿو جڏھن حڪومتن توڙي رياست وٽ سچي نيت بہ موجود ھجي. ٽيون اھم مسئلو ملڪ کي درپيش دھشتگرديء جو آھي.اھي ماڻھو ۽ گروھ جن کي رياستي سرپرستيء ۾ پالي وڏو ڪيو ويو اھي ھاڻي رياست لاء ناسور بڻجي چڪا آھن.رياست توڙي مختلف حڪومتون ان معاملي ۾ سدائين عظيم مونجھاري جو شڪار رھيون آھن ۽ اڄ تائين دھشتگرديء جي خاتمي لاء ڪا متفقہ ۽ موثر منصوبابندي نہجڙي سگهي آھي.نيشنل ايڪشن پلان ھڪ سٺو قدم ھو پر بدقسمتيء سان انہيء تي اڄ تائين عمل نہٿي سگهيو آھي.ٻاھريان خطرا پنہن جي جڳھ تي پر ھن وقت ملڪ اندروني طور تي سلامتيء جي جن بحرانن سان وڪوڙيل آھي انہيء کي منہن ڏيڻ اڪيلو ڪنہن حڪومت جي وس جو ڪم ئي ناھي.افسوس اھو جو ان اھم معاملي تي بہ سياست واري راند کيڏبي رھي آھي.دھشتگرديء واري معاملي سان ڳنڍيل ھڪ ٻيو معاملو عدم برداشت ۽ انتھا پسنديء جو آھي.گذريل ڊگهي عرصي تائين رياستي سرپرستيء ۾ نوجوانن جي جيڪا ذھن سازي ڪئي ويئي انہيء کي رڳو طاقت ذريعي ڪنٽرول ڪري نٿو سگهجي.انہيء لاء ھڪ ڊگهي ۽ موثر تعليمي ۽ تربيتي نظام جي ضرورت آھي ۽ اھو بہ تہ سماج مان ناانصافين کي ھر ممڪن حد تائين گهٽايو وڃي جو اھي ناانصافيون نوجوانن کي دھشتگرديء ۽ انتھا پسنديء جي اوڙاھ طرف ڌڪو ڏين ٿيون.ان سموري معاملي ۾ ماڻھن کي مناسب معاشي موقعا مھيا ڪرڻ، قانوني سماجي برابري قائم ڪرڻ ۽ ماڻھن کي زندگيء جون بنيادي سھوليتون مھيا ڪرڻ بنيادي حيثيت رکن ٿا.ظلم ڪنہن بہ سطح تي ھجي اھو ماڻھن ۾ بغاوت، بيزاري،نفرت ۽ انتھا پسنديء جو ٻچ ڇٽي ٿو.ايندڙ حڪومت لاء اھو بہ چيلينج ھوندو تہ اھا انہن مسئلن کي منہن ڏيڻ لاء ڪھڙي ٿي حڪمت عملي اختيار ڪري؟ اسان جي ملڪ جي آباديء جو ھڪ وڏو حصو غربت واري لڪير کان ھيٺ زندگي گذاري رھيو آھي جن کي نہتھ مناسب کاڌ خوراڪ ميسر آھي،نہصحت جون سھولتون ميسر آھن ۽ نہ ئي تعليم جو ڪو مناسب بندوبست ٿو نظر اچي. سڀ کان وڌيڪ خراب حالت ٻارڙن جي آھي جن جي اڪثريت اڄ بہ اسڪولن کان ٻاھر روڊن رستن تي پنندي، سخت پورھيو ڪندي يا وري منشيات استعمال ڪندي نظر اچي ٿي.جيڪر عالمي ادارن جون رپورٽون ٿيون پڙھجن تہ لڱ ڪاڊارجيو وڃن. ڪروڙين ٻار اھڙا آھن جن کي مناسب کاڌو مھيا نہھئڻ ڪري اھي مختلف بيمارين جو شڪار ٿين ٿا ۽ انہن مان ھر سال لکين ٻار بنان ڪنہن علاج جي مريو وڃن.اڄ ايڪويھين صديء مان ھر ايندڙ حڪومت لاء اھو سوال نہايت ئي اھم آھي تہ ڇا ڪنہن سڌريل سماج ۾ معصوم ٻارڙن جو مستقبل اھو ئي ھوندو آھي جيڪو اسان جي ملڪ ۾ آھي؟