ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر( 24)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏6 جنوري 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    175
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    "ٻري جن ٻاري"
    ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر ( 24)
    سائين محمد عثمان " ناطق "
    شهر چنبڙ ضلع ٽنڊوالهيار
    تحرير : عبدالله جروار

    چمبڙ ٽنڊي الهيار جي ضلع جي وڏن شهرن مان هڪ آهي. هن شهر جي هاڻوڪي آبادي جي ته خبر ناهي. پر شهر هڪ وڏي ڪاروباري مرڪز هجن سان تعلقي هيڊ ڪوارٽر پڻ آهي تنهنڪري هن علائقي ۾ هي شهر مرڪزي حيثيت رکي ٿو. چنبڙ شهر نه رڳو ڪاروباري حوالي سان نه پر چنبڙ شهر جي شهرت جا مختلف حوالا علم و ادب، تعليمي درسگاهن سان گڏ مشهور زمانه هاري هلچل جو به مرڪز رهيو آهي. هتي جا رهواسي تعليم لاء جاکوڙيندڙ، تحريڪن ۾ پيش پيش ۽ سياسي سجاڳي رکندڙ رهيا آهن. علم و ادب ۽ تعليم جو ذڪر ڪجي هن شهر جي ناميارن قلمڪارن جيڪي پڻ پيشي جي لحاظ کان استاد رهيا آهن. انهن جا نالا سامهون ايندا. جن ۾ سائين محمد عثمان ناطق، سائين محمد حسين ڪاشف، سائين وشنداس اميداڻي ، تيرٿ داس اميداڻي، غازي غلام رسول ڪنڀار سياسي ميدان ۾ امين حيدري پاڻ ملهايو آهي.
    اڄ جنهن شخصيت جو ذڪر ڪنداسين اهو آهي چنبڙ شهر ۾ جون 1928ع تي جنم وٺندڙ سائين محمد عثمان " ناطق " ڪنڀار مرحوم ، سائين محمد عثمان ناطق صاحب ناليواري استاد ، ۽ ليکڪ سائين محمد حسين ڪاشف مرحوم جا وڏا ڀاء هئا. سندن والد صاحب جو نالو حافظ محمد عمر هو. سائين والد مذهبي خيال رکندڙ هو تنهنڪري پهرين مڪتب ۾ قرآن شريف پڙهڻ لاء موڪليو ويو. 1936 ع ۾ پرائمري اسڪول چنبڙ ۾ داخل ڪيو ويو. جتان سنڌي فائنل پاس ڪرڻ کان پوء 1944ع ۾ کين پرائمري ماستر جي نوڪري ملي. شال 1946ع ۾ پهريون سال ٽريننگ لاء ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد موڪليو جتان پهريون سال 1947ع ۽ ٻيو سال 1949 ع ۾ پاس ڪيو. سائين جي ادب سان وابستگي 1946 ع ۾ ٿي. سائين سنڌ يونيورسٽي سنڌي اديب فاضل جو امتحان ۽ بعد بي اي فائنل پڻ سنڌ يونيورسٽي مان سيڪنڊ ڊويزن ۾ پاس ڪئي. جڏهن سائين جن ٽريننگ تي ويا هئا. سائين ان وقت آزادي جي تحريڪ هلندڙ هئي ۽ هلال پاڪستان اخبار جو اجراء ٿيو هو. سائين جو پهريون مضمون زناني تعليم جي اهميت تي شايع ٿيو. مضمونن جي ان مقابلي ۾ سائين محمد عثمان ٽيو نمبر حاصل ڪيو. جنهن تي هلال پاڪستان اخبار ٽن مهينن لاء سائين کي جاري ڪئي. جنهن سان لکڻ پڙهڻ جو شوق وڌيو. اهڙي طرح روزانه هلال پاڪستان، ماهوار هلال پاڪستان ۽ هاري حقدار ۽ ٻين رسالن ۾ تحريرون شايع ٿيون. سائين شاعري تي طبع آزمائي ڪئي. سندن شاعري مهراڻ رسالي ۾ پڻ شايع ٿي. سائين پرائمري استاد ۽ هيڊ ماستر جي حيثيت سان گهڻو عرصو مين پرائمري اسڪول چنبڙ ۾ رهيا. سائين محمد عثمان ناطق مرحوم بهترين شخصيت جا مالڪ هئا. منهنجي سائين سان ڪافي دفعا ملاقات ٿي پر تفصيلي ڪچهري نه ٿي سگهي. رٽائرمينٽ کان پوءِ به پيرسني باوجود سائين گهر کان ٻاهر دڪان ايندا ته سائين سان ڪچهري وارن ميڙا لڳي ويندا هئا. سائين جو فرزند سائين زين العابدين ڪنڀار ۽ ٻه نياڻيون به استاد پيشي سان منسلڪ آهن. سائين محمد عثمان ناطق صاحب جن جي 21 مارچ 2021 ع تي وفات ٿي. سندن تدفين چمبڙ شهر جي مقامي قبرستان ۾ ٿي. سائين جي ملازمت ۽ شخصيت بابت معلومات جي سلسلي ۾ سائين زين کي گذارش ڪئي هئي. پر وڌيڪ معلومات نه ملي. سائين بابت وڌيڪ ملڻ تي هن ئي پوسٽ کي تفصيلي بنائبو.
    Zain Ul Abdin Kumbher
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو