ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (23)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏6 جنوري 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    175
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    "ٻري جن ٻاري"
    ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر(23)
    سائين قادر بخش گهراڻو
    " سائين موٽر)
    تحرير : عبدالله جروار

    منهنجو سائين، منهنجو محسن
    اڄ ٽنڊي الهيار جي ناميارن استادن مان هڪ ناليواري استاد قادر بخش گهراڻو صاحب جو ذڪر ڪنداسين. مون کي اهو اعزاز حاصل آهي ته سائين قادر بخش موٽر صاحب نه رڳو منهنجو استاد رهيو. پر بابا سائين به 1954 55 سال ڌاري ايس ايم اسڪول ۾ سائين وٽ پڙهيا.
    آئون 1976ع ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ رياضي جي پيپر ۾ فيل ٿي پيس. جنهن تي منهنجي چاچي سائين کي ٽيوشن پڙهائڻ جي گذارش ڪئي. جنهن تي سائين اهو شرط رکيو ٽيوشن پڙهائيندس پر چانھ جا ٻه ڪوپ۽ پاڻ جو بندوبست هجڻ گهرجي. سائين چانھ ۽ پان جو بنھ شوقين هو. ان بعد سائين روزانو ڪلاڪ کن ٽيوشن پڙهائيندو جيڪو سلسلو هڪ مهيني تائين هليو. سائين جيڪي حساب سيکاريا اهي ئي پيپر ۾ آيا جنهن ۾ پاس ٿيس. سائين قادربخش گهراڻو صاحب . جنهن کي پنهنجي اصل نالي کان وڌيڪ " سائين موٽر * جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي. سائين قادر بخش گهراڻي (سائين موٽر) جو جنم 16 جولاء 1933ع تي ٿيو. سندن والد صاحب جو نالو الهڏنو گهراڻو هو. پاڻ اصل گهوڙا ٻاري ضلع ٺٽي جا هئا. پاڻ شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ پوء نور محمد هاء اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائون. سائين قادر بخش 17 آگسٽ 1954ع تي اسسٽنٽ ٽيچر طور ايس ايم هاء اسڪول ٽنڊوالهيار ۾ مقرر ٿيا. زندگي جو گهڻو عرصو هن اسڪول کي ڏنائون. پاڻ 01 آڪٽوبر 1972 ع تي اسڪول جا هيڊ ماستر ٿيا. سائين قادربخش کي 31 آگسٽ 1985ع ۾ هن اسڪول مان بدلي ڪيو ويو. پاڻ 19 فيبروري 1991ع ۾ ايس ايم هاء اسڪول ٽنڊوالهيار واپس هيڊ ماستر مقرر ٿيا. جتان 19 فيبروري 1993ع تي رٽائرڊ ٿيا. ايس ايم ها اسڪول ۾ وڏو عرصو بطور استاد ڊيوٽي ادا ڪرڻ جي ڪري هڪ ٻئي جي سڃاڻپ بڻجي ويا. سائين هڪ بهترين استاد طور هن اسڪول ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. کيس سڀني مضمونن تي کين عبور حاصل هو. حسابن جا ماهر هئا. سائين هڪ سٺي استاد هئڻ سان گڏ راندين ۾ گهڻي دلچسپي رکندا هئا. خاص طور والي بال، ملھ ملاکڙي، ڪوڏي ڪوڏي راند جا شوقين هئا. سائين والي بال ۾ نيتي جي حيثيت سان کيڏندا هئا. جڏهن ته ٻين راندين ۾ ريفري ٿيندا هئا. سائين کي راندين سان گهڻي دلچسپي هوندي هئي. سائين کي ڪاوڙ به گهڻي ايندي هئي پر سندن ڪاوڙ ٿوري دير لاء هوندي هئي. جنهن سان ڪاوڙبا هئا. ان کي ٿوري دير کان پوءِ پرچائيندا هئا. هڪ اسڪول ۾ ڪنهن ڳالھ تي ڪاوڙيا ليب اٽينڊنٽ احمد بخش کي چيائين "ٽوال ڏي ته گوڏ ٻڌي نصير واھ ۾ ٽپو ڏيڻ ٿو وڃان" منهنجا ڪپڙا گهر موڪلجو. جنهن تان ميڙمنٿ ڪري سائين کي پرچايو ويو.
    سائين تي موتر نالو ڪيئن پيو؟ ان بابت هڪ دفعي ڪلاس ۾ ٻڌايائون ته اڳي ميرپورخاص کان حيدرآباد هڪ ريل ڪار هلندي هئي. پاڻ نصير واھ جي موري تي بيٺل هوندو هو. پوء انهي ريل ڪار جي انجڻ سان گڏ ڊوڙندو هو ۽ ٽنڊي سومري ڦاٽڪ تائين سائين انجڻ کي اڳتي نڪرڻ نه ڏيندو هو. ان ڪري مٿس " موٽر" نالو پيو. سائين بھترين استاد ۽ سادگي جا مظهر هئا. سائين جون ڪيتريون ئي يادگيريون آهن سچ ته ڪهڙيون لکي ڪهڙيون لکجڻ. مزاج ۾ سادا پڙهائڻ ۾ يڪتا. ڪمال جا استاد هئا. بورڊ جي امتحان ۾ سائين موٽر جيڪي سوال ٽڪ ڪري يا NB لکي ڏي ته ممڪن ئي نه هو ته اهي سوال پيپر ۾ نه اچن.
    ايس ايم هاء اسڪول ٽنڊوالهيار سائين موٽر جي سڃاڻپ ۽ سائين موٽر اسڪول جي سڃاڻپ بڻجي ويا. ٽنڊي الهيار جي تعليم جو تاريخ جو ذڪر سائين موٽر جي شخصيت کان سواء اڌورو رهندو. سموري ٽنڊي الهيار پر ٻين علائقن جي هزارن شاگردن سائين کان تعليم ورتي.
    ٽنڊي الهيار جي تعليم ۽ راندين جي سان شهرت ماڻيندڙ عظيم استاد 22 فيبروري 1996 ع هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو.

    (هي مضمون لکڻ ۾ ايس ايم هاء اسڪول جي مئگزين ۾ ڇپيل مضمون "" تاريخ ساز شخصيت سائين قادر بخش "موٽر" جنهن کي سائين جي فرزند عابد علي گهراڻو صاحب لکيو. مدد ورتي وئي)
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو