عبدﷲ جروار
سينيئر رڪن
"ٻري جن ٻاري"
ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (22)
سائين علي محمد جروار
ڳوٺ علڻ خان لغاري ضلع ٽنڊوالهيار
تحرير : شاد شاهنواز لغاري
نھايت ئي قابل احترام سائين علي محمد جروار صاحب جي نانء ۔۔۔۔۔۔۔
سرسبز شاداب وادي سنڌ جي وستي ڳوٺ ڌڻي ڀرتو جروار جي مسڪين گھراڻي ۾ نيڪ مرد محمد عمر جروار جي گھر ۾ جنم وٺندڙ سائين علي محمد جروار بتاريخ 12 مارچ 1958ع تي جنم ورتو
نوٽ :
محمد عمر جروار ۽ سندس فيملي ڪجھ وقت کانپوء ڳوٺ ڌڻي پرتو جروار کي ھميشه لاء الوداع چئي 2 ڪلوميٽر فاصلي تي اولھ طرف محمد عمر جروار نالي سان نئون ڳوٺ وسايو ، جيڪو اڄ به ڪافي آبادي سان شاداب آھي
سائين علي محمد پرائمري تعليم جا 3 ڪلاس سندن موجوده ڳوٺ کان 5 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي پرائمري اسڪول علي محمد لغاري ( علڻ خان لغاري ) مان پاس ڪري بقايا 2 ڪلاس پرائمري اسڪول مٺو جروار مان ، سيڪنڊري تعليم يعني ڇھين کان مئٽرڪ ھاء اسڪول مسڻ وڏي مان 1974ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين ، سندن والدين جي بدحالي سبب ريگيولر تعليم جاري نه رکي سگھيو ليڪن ان دوران پرائمري اسڪول ٽيچر ، ٽريننگ ڪاليج ميرپور خاص مان 1975ع ۾ ڪورس ڪري پاس ڪيو ، مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوء ترت ئي شادي ٿيڻ سبب ذميواريون به وڌي ويون ليڪن ھن مرد مجاھد ھمت نه ھاري ، تعليم کاتي ۾ روزگار لاء اپلاء ڪيو ، پرائمري اسڪول ٽيچر جو 18 فيبروري 1976ع تي آرڊر مليو ،پرائمري اسڪول موريو ساند ۾ پوسٽنگ ٿي جتان پھريون پگھار 365 رپيه مليو جتي ڊيوٽي ڪرڻ کان پوء تقريبن 6 مھينن کان پوء پرائمري اسڪول علي محمد لغاري(علڻ خان لغاري) ۾ بدلي ڪيو ويو ان ڊيوٽي دوران پرائيوٽ تعليم انٽرميڊيٽ 1989ع ۾ ۽ بي اي 1995ع ۾ پڻ مڪمل ڪئي
سائين علي محمد جروار پرائمري اسڪول علي محمد لغاري ۾ نھايت ئي ايمانداري ،فرض شناسائي ، باصول طريقي سان ريگيولر ڊيوٽي ڏئي رڪارڊ قائم ڪيو ، ان ئي اسڪول ۾ 41 سال 6 مھينا 3 ڏينھن ڊيوٽي جا فرائض سرانجام ڏئي جي آر جي رڪارڊ مطابق 425 شاگردن جو رڪارڊ ڇڏي 13 مارچ 2018ع تي رٽائر ٿيو ،ان ڊيوٽي دوران ڳوٺ کان اسڪول تائين 5 ڪلوميٽر جو سفر پيدل اچڻ ۽ وڃڻ معمول رھيو
سندن فيميلي مان ننڍو ڀاء محمد ايوب ۽ سندن وڏو فرزند عبدالحفيظ پرائمري اسڪول ٽيچر ٿيڻ سندن ڪردار رھيو ان کانسواء کوڙسارا سندن شاگرد مختلف فورمن ۽ عھدن تي پھچڻ سائين علي محمد صاحب جون محنتون ۽ دعائن جو ثمر آھي
پاڻ کيس اڄ به نھايت ئي پرسڪون ۽ عزت واري زندگي گذارين پيا ، اسان کيس نيڪ تمنائن سان سائين جن جي سلامتي لاء دعاڳو آھيون
دعاڳو : شاد شاھنواز لغاري
ڳوٺ علڻ خان لغاري
Shad Shah Nwaz Laghari