ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر 25

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏7 جنوري 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    175
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    "ٻري جن ٻاري"
    ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (25)
    سائين حاجي عبدالله دائوداڻي
    ڳوٺ مولوي محمد عمر دائوداڻي
    تعلقو چنبڙ ضلع ٽنڊوالهيار
    تحرير : عبدالله جروار

    سائين حاجي عبدالله دائوداڻي جو جنم سال 1942ع ڌاري ڳوٺ جتي دائوداڻي جي رهواسي حاجي محمود دائوداڻي جي گهر ۾ ٿيو. سندن والد صاحب علائقي جو چڱو زميندار هو. بعد ۾ يونين پاڪسنگهار ويجهو پنهنجو ڳوٺ مولوي محمد عمر دائوداڻي جي نالي سان قائم ڪري اتي رهڻ لڳا. سندن والد صاحب مذهبي لاڙو رکندڙ شخصيت هئا ان ڪري پنهنجي ٻن پٽن حاجي عبدالله ۽ ٻئي پٽ محمد عمر کي ان وقت جي ناليواري عالمن سائين مولوي عبدالڪريم لغاري صاحب ۽ سائين مولوي محمد اسماعيل لغاري جن جي مدرسي مسڻ وڏي ۾ پڙهڻ لاء موڪليو. مسڻ وڏي ۾ مدرسي ۾ پڙهڻ دوران سائين مولوي عبدالڪريم لغاري صاحب جن جي ڪوشش ۽ مشوري سان سنڌي فائنل جو امتحان مسڻ وڏي مان پاس ڪيائون ۽ بعد ۾ مئٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ هاء اسڪول ميرپورخاص مان پاس ڪيو. سائين حاجي عبدالله دائوداڻي صاحب کي مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوء سال 1964ع ۾ ئي اسلاميه هاء اسڪول مسڻ وڏي ۾ ايڇ ايس ٽي استاد طور مقرر ڪيو ويو. اسلاميه هاء اسڪول مسڻ وڏي ان زماني ۾ سائين مولوي عبدالڪريم لغاري ( سائين ننڍي) جي زيرنگراني هلندو هو ان وقت خانگي ادارو هو. . بعد ۾ پاڻ بي اي - بي ٽي _ ايم اي عربي ۾ ڪيائون. سال 1966ع ۾ کين اسلاميه هاء اسڪول مسڻ وڏي ۾ هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو. اهو هاء اسڪول ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي حڪومت 1972ع قومي ملڪيت ۾ وٺي پراونشلائيزد جو درجو ڏنو. سائين ان اسڪول ۾ خدمتون سرانجام ڏنائون. 1982ع گريڊ 18 پروموشن ٿيڻ بعد ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن آفيسر بدين، هيڊ ماستر ايس ايم هاء اسڪول ٽنڊوالهيار ، پرنسپال گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول چمبڙ ، هيڊ ماستر گورنمينٽ هاء اسڪول پاڪسنگهار ۽ پوء کين ٻيهر گورنمينٽ ايس ايم هاء اسڪول ٽنڊوالهيار جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو. جتان 01 جنوري 1999ع تي رٽائرڊ ٿيا.
    سائين سٺا زميندار ۽ وڏا آفيسر هوندي به وڏائي ۽ تڪبر کان پري رهيا. انتهائي ساڍا، سٻاجها، اجائي فضول گفتگو ڪرڻ کان پرهيز ڪندا هئا. مختصر ٿورو ڳالھائڻ جو مزاج رکندا هئا. اسلاميه هاء اسڪول مسڻ وڏي ۾ وڏي عرصي تائين رهي وڏي خدمت ڪيائون. ٻين اسڪولن ۾ بهترين منتظم طور کين ياد ڪيو وڃي ٿو. رٽائرمينٽ کان پوء پنهنجي ڀاء سائين مولوي محمد عمر دائوداڻي سان گڏ زمينداري سنڀالڻ لڳا. ٻنهي ڀائرن گڏ جي ڳوٺ ۾ ديني مدرسي جو بنياد رکيو جنهن جو سمورو خرچ پاڻ گڏجي ڪندا هئا. هن مدرسي ڳوٺ ۽ آس پاس جي ٻارن سان گڏ مسافر ٻار مولوي صاحبان رهن ٿا. ان سمورو کاتي پيتي ۽ پگهار جو هي خاندان ادا ڪري ٿو.
    سائين حاجي عبدالله دائوداڻي صاحب يونين ڪائونسل پاڪسنگهار جا ڪجھ عرصو ناظم به رهيا هئا.
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو