ليکڪ غلام حسين خاصخيلي ملڪ جي چئني صوبن پنجاب، پختونخواهه، بلوچستان ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سوين صحافي ۽ سياسي اڳواڻ حيدرآباد جي سنڌ ميوزيم جي هال ۾ سائوٿ ايشين فري ميڊيا ايسوسئيشن جي سڏ تي پهتا. ايسوسئيشن طرفان جمهوريت جي بحالي ، 18هين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ جي حوالي سان سيمينار ڪوٺايو ويو. سنڌ جي تاريخ جو اهو سيمينار پنهنجي تاريخي حيثيت قائم ڪري ويو جنهن ۾ سمورين سياسي پارٽين کي دعوت ڏني وئي. سيفما طرفان جمهوريت جي معاملي تي ڪوٺايل سيمينار ۾ هر پارٽي کي موقف پيش ڪرڻ لاءِ سڏايو ويو هو، پر ان سيمينار ۾ سنڌ جي سياستدان رسول بخش پليجو، جلال محمود شاهه، شاهه محمد شاهه پ پ اڳواڻ جي شرڪت سبب اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو سندن اهڙي انڪار تي سنڌ جي ماڻهن ۽ سيمينار ۾ آيل سياسي ڪارڪنن حيرت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هي فورم آزاد فورم هو ڪنهن به سياسي پارٽي جو سڏايل فورم نه هو ان ڪري اهڙي فورم ۾ سمورين ڌرين کي شرڪت ڪرڻ گهرجي ها. سيمينار ۾ سينئر صحافي خالد کوکر پنهنجي خطاب دوران چيو ته هي فورم آزاد فورم هو جنهن ۾ سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ وارن کي شرڪت ڪرڻ گهربي هئي پر انهن شرڪت نه ڪئي ۽ هر ماڻهو اهوئي سوال شرڪت نه ڪندڙن کان ڪندو ته جيڪڏهن اهڙن فورمن تي پنهنجو موقف پيش نه ڪيو سين ته پوءِ سنڌ جا حق ڪهڙي طريقي سان وٺي سگهبا . پ پ ، متحده قومي موومينٽ ، مسلم ليگ (ن) ، جميعت علماءِ اسلام، سنڌ ترقي پسند پارٽي سميت بلوچستان سان واسطو رکندڙ سياستدانن سميت سنڌ جي سياسي سماجي ادبي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. صحافين طرفان ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي 18هين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ جي عنوان هيٺ ڪرايل سيمينار ۾ سمورين سياسي پارٽين کي گهرائڻ وارو فيصلو تاريخي هو. سنڌ جي قوم پرستن جي جوڙيل اتحاد ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي به شامل آهي. ترقي پسند پارٽي اهڙي فورم ۾ شريڪ ٿي پنهنجو موقف سامهون رکي اهو واضح ڪري ڇڏيو ته اها سنڌ جي حقن لاءِ هر قدم تي پنهنجي ويڙهاند ڪري سگهي ٿي . سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر نثار احمد کهڙو جي صدارتي تقرير وقت حال ۾ ڪجهه نوجوانن نعرا هڻڻ شروع ڪيا ايوب کهڙو غدار هو جنهن تي نثار کهڙو اهڙن نوجوانن سان مخاطب ٿي چوڻ لڳو ايوب کهڙو کي پاڻ وٽ جي ايم سيد ويهاريو هو. جي ايم سيد جو نالو نه کڻو چوندي جيئي سنڌ تحريڪ سان لاڳاپيل ڪارڪنن نعرا هڻڻ شروع ڪيا جنهن دوران پ پ سان لاڳاپيل ڪارڪنن به نعرا هنيا. زنده آهي زنده آهي شهيد بينظير ڀٽو زنده آهي اهڙي صورتحال تي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي نثار کهڙو چوڻ لڳو جمهوريت ۾ راءِ ڏيڻ ۽ ٻڌڻ هر ماڻهو جو بنيادي حق آهي. اهڙي صورتحال تي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر نثار احمد کهڙو اسيمبلي جي ڪارروائي هلائڻ وانگر نوجوانن سان مخاطب ٿي چوڻ لڳو اوهان جي راءِ دل سان ٻڌي آهي ۽ هاڻ ويهي رهو ۽ منهنجي ڳالهه به ٻڌو.نثار کهڙو جي اهڙن جملن تي نوجوان به سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن وانگر پنهنجن سيٽن تي ويهي رهيا. نثار کهڙو جا جملا هئا ته گريجوئيٽ اسيمبلي پاڪستان جو ٻيڙو ٻوڙيو آهي جڏهن ته گهٽ پڙهيل پر سياڻن ماڻهن 73 جو آئين ٺاهيو. سنڌ ترقي پسند پارٽي سان لاڳاپيل رجب ميمڻ سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته اها ايم ڪيو ايم آڏو مجبور آهي جنهن تي متحده قومي موومينٽ سان لاڳاپيل پارليامياني ليڊر سردار احمد چيو ته وزيراعليٰ سنڌ جي فيصلي ۾ گورنر سنڌ ڪا به مداخلت نه ڪري رهيو آهي. وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه ذهين ماڻهو آهي جيڪو عوام جي خدمت ڪري رهيو آهي. بلوچستان سان لاڳاپيل سياستدان رئوف ساسولي 18هين ترميم کي حڪومت جو بهتر قدم ڪوٺيو ۽ حڪومت جي جمهوري ڪارڪردگي جي ساراهه ڪئي.رئوف ساسولي جو چوڻ هو ته پ پ جي حڪومت جي جيڪڏهن نواب اڪبر بگٽي جي قاتلن کي ڪٽهڙي ۾ آڻي ته بلوچن جي اڌ ڪاوڙ ختم ٿي ويندي. سينئر صحافي لالا رحمان سمون چيو ته سيفما سارڪ جي صحافين جي آزادي ۽ صحافين کي سماج جون ذميواريون نڀائڻ لاءِ گڏ کڻي هلي سگهي ٿي سارق ملڪن ۾ امن قائم ڪرڻ سميت صوبن وچ ۾ اختلافي معاملن کي حل ڪرڻ لاءِ سندن وچ ۾ راهه هموار ڪري رهي آهي. سيفما جي جنرل سيڪريٽري امتياز عالم جا جملا هئا ته داتا درٻار تي حملو ٿي سگهي ٿو ته سنڌ ۾ حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي درگاهه به محفوظ نظر نه ٿي اچي سندس اهڙن جملن سنڌ جي ماڻهن جو اکيون کولي ڇڏيون آهن. سنڌ جي ماڻهن کي گرهوڙي شريف جي اها اڳ ڪٿي ياد اچي رهي آهي ته سنڌ کي سدائين قنڌار کان لڳندي. سينئر صحافي اميتاز عالم سنڌ جي ماڻهن کي يقين ڏياريندي چيو ته سنڌ جي عوام سان محبت آهي سنڌ مٿان هڪ هزار ڪالاباغ ڊيم قربان ڪري سگهون ٿا. پاڻي جي معاملي سنڌ سان ڪا به ناانصافي برداشت نه ڪنداسين. لاڙڪاڻو ۽ حيدرآباد به طالبان کان بچي نه ٿا سگهن ملڪ ۾ اهڙيون جنائتي پارٽيون کلي ويون آهن جيڪي ٻارن کي ننڍي هوندي کان ئي بمبار حملن جي سکيا ڏين ٿيون. سنڌ جا ماڻهو امتياز عالم جي اهڙن جملن کي بهتر سمجهن ٿا جيڪڏهن اهڙي سوچ پنجاب جي سياستدانن ۾ اچي وڃي ته سنڌ جو پاڻي ڪڏهن به بند نٿو ٿي سگهي ۽ سنڌو درياءُ پنهنجي جوڀن سان ٻيهر سمونڊ تائين وهي سگهي ٿو ۽ سنڌ جي سوکڙي طور مشهور پلو ٻيهر سنڌو ۾ اچي سگهي ٿو. سينيٽر مولا بخش چانڊيو پي پي جو سينئر ڪارڪن آهي جنهن پنهنجي خطاب دوران چيو ته جمهوريت ۽ صوبائي خودمختياري کان سواءِ پاڪستان هلي نه سگهندو 63 سالن جي تاريخ ۾ عوام سان وڏا ظلم ٿيا آهن ملڪ ۾ وڏو وقت آمريت رهي جنهن ڪري ملڪ جي حالت خراب ٿي وئي شهيد بينظير ڀٽو قرباني ڏئي جمهوريت بحال ڪرائي. سينئر صحافي جبار خٽڪ جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ آئين سان تمام گهڻو خراب حشر ڪيو ويو پ پ جي جمهوري حڪومت آئين ۾ سڌارا آندا آهن 18هين ترميم ذريعي پارليامينٽ کي بالادستي ملي آهي 18هين ترميم ذريعي آرٽيڪل 19 اي جو اضافو ڪري عوام جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ واري حق کي تحفظ ڏنو ويو آهي ميڊيا کي پنهنجي دائري ۾ رهي پنهنجو ڪم ڪرڻ گهرجي. نامياري دانشور جاويد قاضي جو چوڻ هو ته پاڪستان جو بنيادي ڍانچو مضبوط نه ٿيندو ان وقت تائين ملڪ کي خطرا موجود هوندا ان ڪري اسان سڀني کي پاڪستان کي مضبوط ڪرڻ لاءِ گڏيل جدوجهد کي اهميت ڏيڻ گهرجي ۽ جمهوريت کي مضبوطي سان برقرار رکرايو وڃي. سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري يوسف سنڌي جو چوڻ هو ته پاڪستان چار قومن جو ملڪ آهي جنهن ۾ چار ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون سنڌي ادبي سنگت طرفان 18هين ترميم ۾ سنڌي پنجابي پشتو ۽ بلوچي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي کي تجويزون اماڻيون ويون پر افسوس ان طرف ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو. پ پ جي جمهوري حڪومت کي عوام جي راءِ کي اهميت ڏيندي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيارڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجي جنهن سان پ پ جي عوامي مقبوليت ۾ اڃان به وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ عوام کين ٻيهر به ووٽ ڏئي اقتدار تائين پهچائي سگهي ٿو. سيفما حيدرآباد چيپٽر جي اڳواڻ خالد کوکر، مهيش ڪمار، جعفر ميمڻ، اقبال ملاح ۽ ٻين آيل سمورن مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪيو سيمينار ۾ پ پ جي سينيٽر مولا بخش چانڊيو مسلم ليگ (ن) جي افضل گجر ، جي يو آئي جي تاج محمد ناهيون ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ امداد قاضي، ليکڪا امر سنڌو، عوامي پارٽي جي تاج مري پريس ڪلب حيدرآباد جي صدر محمد حسين خان ۽ ٻين جمهوريت صحافت ۽ 18هين ترميم تي روشني وڌي. سيفما جي اهڙي منعقد ڪيل سيمينار ۾ سڄي ملڪ مان سياسي ڪارڪنن ۽ صحافين جو هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرڻ هڪ بهترين ڪوشش آهي. ملڪ جو هر ماڻهو سڏايل اهڙي سيمينار کي ڪامياب سيمينار قرار ڏيندي اها اميد رکن ٿا ته سنڌ جي مسئلن سان گڏوگڏ ملڪ جي معاملن تي اهڙي قسم جا وڌيڪ سيمينار ڪرايا ويندا. سيمينار ۾ پنجاب اسيمبلي طرفان ميڊيا خلاف پاس ڪيل قرارداد تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو. ميڊيا پنهنجي اظهار جي لاءِ آزاد هجڻ کپي جيڪڏهن ميڊيا مٿان پابندي مڙهي پنهنجي من پسند رپورٽنگ جا خواب ڏسڻ وارا صرف خواب ئي ڏسندا رهندا انهن جي اها اميد ڪڏهن به پوري نه ٿيندي. ميڊيا هميشه ڀرپور نموني سان آمريت خلاف جدوجهد ڪئي آهي صحافي ڪنهن به آمر جابر کان ڊڄڻ وارا نه آهن صحافي هميشه سچ جي واٽ تي هلندي پنهنجي زندگي قربان ڪري ڇڏين ٿا ان ڪري اهڙين پابندين سان صحافين تي سچ لکڻ کان روڪي نه ٿو سگهجي. حيدرآباد ۾ صحافين طرفان ڪوٺايل سيمينار جي هر ماڻهو تعريف ڪري ٿو. سيفما ملڪي سطح تي صحافين جي هڪ وڏي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو به فيصلو ڪيو آهي جنهن جي تاريخ جو اعلان جلد ڪيو ويندو. سيفما جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي جس هجي جن سخت گرمي هجڻ باوجود حيدرآباد جي سنڌ ميوزم ۾ بهتر انتظامن هيٺ سيمينار ڪرايو ۽ سندن اهڙي ڪارڪردگي تي هر ماڻهو کين مبارڪباد ڏئي ٿو. *****