ٽنڊي الهيار جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (28)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏11 فيبروري 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    175
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    "ٻري جن ٻاري "
    ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سليلي جي ڪڙي نمبر (28)
    سائين ڪيول رام راجپوت
    ٽنڊوالهيار
    سائين ڪيول رام سان واقفيت تڏهن کان ٿي جڏهن سائين بطور جي ايس ٽي مڊل اسڪول کوکر ڊيوٽي ادا ڪري رهيا هئا. سائين جو تعلق هڪ پورهيت خاندان سان آهي. پنهنجي محنت خوش اخلاقي بهتر تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون اٿن. کوکر مڊل اسڪول لاء ڊيوٽي تي اچڻ وڃڻ جو جو ذريعو بسون هيون. جن تي هاء اسڪول بڪيرا جا استاد ۽ کوکر جا استاد توڙي شاگرد گڏ ايندا ويندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن سائين هاء اسڪول بڪيرا شريف به ايندو هو. ان وقت جو محبتن جو تعلق سائين سان ڀرقرار آهي. سائين ڪيول صاحب ڪالھ پنهنجي سرڪاري ملازمت تان رٽائرڊ ٿيو آهي. سائين جي سٺي صحت وڏي حياتي لاء دعاگو آهيون.
    سائين بابت مضمون سائين حنيف جروار لکيو آهي. جنهن کي هن سلسلي ۾ شامل ڪجي ٿو.

    قابل فخر استاد محترم ڪيول راجپوت صاحب
    گورنمينٽ سنڌ ماڊل هاي اسڪول ٽنڊوالهيار
    تحرير : حنيف جروار
    ٽنڊوالهيار جي ماضي ۾ جهاتي پائي ڏسنداسين تہ ڪئين نامور شخصيتون ياد ٿيون اچن جن ۾ عالم ، اديب ، اُستاد شاعر ، سگھڙ ، گائڪ وغيره شامل آهن پر ھن موجوده دور ۾ بہ اهڙا مڻيادار ماڻهو بہ علمي ، ادبي ، سماجي ۽ مذهبي حوالي سان پنهنجو فرض نڀائيندي پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن
    اهڙن ڪردارن ۾ ٽنڊوالهيار جو علمي شخصيت ء قابل اُستاد محترم ڪيول راجپوت بہ ھڪ آهن جنهن هڪ اُستاد جي حيثيت ۾ معاشري ۾ بهتر تعليم کي عام ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ، مستقبل سنواريندڙ استادن مان هڪ مثالي استاد آهن
    سائين ڪيول صاحب 12 فيبروري 1964ع تي انڙ پاڙي ٽنڊوالهيار ۾ پيدا ٿيا والد صاحب جو نالو موميا راجپوت آهي هن پرائمري تعليم غلام محمد انڙ پرائمري اسڪول ٽنڊوالهيار مان حاصل ڪئي ميٽرڪ جو امتحان سنڌ ماڊل هاي اسڪول ٽنڊوالهيار مان پاس ڪيائين
    ڪيول صاحب وڌيڪ تعليم لاء سنڌ جو مشهور ڪاليج شاھ عبداللطيف ڪاليج ميرپوخاص مان ٻارهون ڪلاس سٺي پوزيشن ۾ حاصل ڪيائين پنهنجي وڌيڪ محنت ۽ جاکوڙ سان B.A , M.A , M.ED تائين پهتو
    محترم ڪيول راجپوت جن 1980 ڌاري عمرڪوٽ مان شادي ڪيائين جن مان پنج پُٽ ۽ ست نياڻين جو اولاد ٿيو جڏھن تہ هن جو ولد صاحب ويلڊنگ لوهارڪو ڪم ڪندو هو جنهن مان هن جو گھر جو گذر سفر ۽ ٻارن جي تعليم جو خرچ پڻ هلندو هو
    محترم ڪيول راجپوت جي والد صاحب جو انتقال 1983ع ڌاري ٿيو انهي دوران گھر جو ۽ تعليم جو بار ڪيول صاحب جي ڪلهن تي ﭘﻴﻮ پوءِ هن محنت مزدوري ڪندي اُهو ڏکيو وقت گذاريو اُنهيءَ دوران مهراڻ شگر مل ٽنڊوالهيار ۾ ڪلارڪ طور ڀرتي ٿيو ۽ ترقي حاصل ڪري سينئر ڪلارڪ تائين پهتو ھن مل ۾ پورا 12 سال پنهنجو فرض نڀايو
    ڪيول راجپوت صاحب کي 1988ع ۾ J.S.T طور تعليم کاتي ۾ نوڪريءَ ملي ھن ﺟﻮ پهريون اسڪول گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊو قيصر هو اُنهيءَ کان پوءِ مڊل اسڪول بڪيرا شريف مڊل اسڪول کوکر ۾ به رهيا تعليم کاتي ۾ 1995ع ڌاري H.S.T طور ترقي ٿي پوي هن کي گورنمينٽ هاءِ اسڪول پيارو لُنڊ موڪليو ويو اُنهيءَ کان پوءِ گورنمينٽ مڊل اسڪول مسو بوزدار ۾ بہ رهيا سال 2001 ڌاري سنڌ ماڊل هاي اسڪول ٽنڊوالهيار ۾ بدلي ٿي جيڪا 23 سالن تائين انھي اداري ۾ ڪم ڪندا رهيا
    محترم ڪيول راجپوت صاحب کي انگلش ، رياضي ، فزڪس ،ڪيمسٽري ۽ بائيولاجي ۾ ڪافي عبور حاصل آهي اهي سبجيڪٽ اڪثر ڪري ھن هر اسڪول ۾ پڙهايا ۽ هن جي سمجھائڻ جو انداز به نرالو آهي
    علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد طرفان 2001 ۾ B.Ed جو سينٽر آيس ايم هاءِ اسڪول ۾ قائم ٿيو جتي پاڻ انچارج علامه اقبال ريجنل پارٽ ٽائم ڪوآرڊينيٽر ٽنڊوالهيار مقرر ٿيا جتي هن صاحب مختلف ڪورس متعارف ڪرايا ڪيترن ئي شاگردن هن تعليم مان فائدو ورتو ڪيول صاحب پوري ملڪ پاڪستان جو سير سفر ڪيو ۽ هڪ دفعو ڀارت ياترا تي بہ ويا
    محترم ڪيول راجپوت صاحب 11 فيبروري تي تعليم کاتي مان رٽائرڊ ٿي رهيا آهن سندس تعليم کاتي ۾ ڪيل خدمتون ياد رکيون وينديون سندن عظمت ، محنت ، برخلوص جذبي کي ساراھيون ٿا ۽ سلام پيش ڪيون ٿا
    Hanif Jarwar
    Rajput Kewal
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو