امڙ جي شفقت پوپٽ جي رنگن کان به خوبصورت آهي....! شان حفيظ کوهارو صبح سانجهيءَ سار لڌائين، کاڌو پيتو ڪيئن ٿي ڏنائين، مون تي پنهنجو ساهه ڇڏيائين! منهنجي امڙ. ھڪ ھستي ھر انسان جي زندگي ۾ ھزارين احساسن جا رنگ ڀري ٿي. انسان جي ڄمڻ کان بهترين زندگي تائين ان جي لاء ڪوشان رھي ٿي. ھوءَ ان تي ڪک به نه ٿي سھي. ھوءَ پنھنجا سڀ احساس پنھنجي ٻچي تي نشاور ڪندي رهندي آهي ۽ پنھنجي حسين جواني کي جهور ٿيندڙ ڪراڙپ جو سفر طئي ڪري پنھنجي وجود ۾ پلجندڙ پنھنجي ٻچي کي سکيو رکڻ جي بي پناھ ڪوشش ڪري ٿي امڙ لفظ کي رب سائين اھڙي ته مٺاس سان بڻايو آھي جو سندس نالو کڻڻ سان ئي چپ ھڪ ٻئي کي چمن ٿا ـ ۽ احساسن جا پوپٽ پنھنجي رنگن سان امڙ کي بوسو ڏين ٿا ـ امڙ پنھنجي محبت، ممتا ۽ محنت سان اولاد جي پرورش ڪري ٿي ۽ رب پاڪ کان اھادعا ڪندي رھي ٿي ته" اي منھنجا پالڻھار" منھنجي دعا ۾ منهنجي ٻچي جي قسمت لکي ڇڏ ته مان پنھنجي اولاد جي قسمت ۾ سڀ سک لکان ۽ ھو ڪو به ڏک نه پسي....! ماءُ جي آٿت به نرالي ٿيندي آهي. "رات، هڪ غريب ماءُ، ٻارن کي اهو چـئي ننڊ ڪرائي ته رات جو ننڊ ۾ فرشتا ايندا آهن ۽ مانيون کڻي ايندا آهن" اڄ منهنجي دل به ان احساسن سان سرشار آھي ته پنهنجي امڙ کي لفظن جي ڀيٽا ڏيان پر امڙ تي لکڻ لاءِ وڻن کي قلم ڪريان سمنڊ کي سياھي ڪريان ۽ آسمان کي ڪاغذ ڪريان ته به امڙ جو شان انهن سان پورو نه ٿي سگهندو. منهنجي امڙ جنهن کي اسان سڀ ڀائر ڀيئنر امي ڪري سڏيندا آھيون ۽ اسانجا ٻار ڏاڏي امي ۽ امي نانا جي لقب سان پڪارين ٿا ان جو والدين طرفان نالو شميم اختر ڌي مصباح الدين ۽ زوجا مرحوم حفيظ الله آھي امي جو جنم ڳوٺ مولوي الھ بخش کوھارو ۾ 8 نومبر 1964 تي ٿيو، امي جو والد پنھنجي وقت جو مشھور تعيلمدان ھيو ۽ سندس امڙ پرائمري ھيڊ مسٽريس ھئي ان لاء کيس تعليم جو ماحول گهر ۾ مليس، امي ننڍپڻ ۾ قرآن جي تعليم مڪمل ڪئي ۽ دنياوي تعليم حاصل ڪرڻ لاء لاڙڪاڻي اچي رھائش پذير ٿي امي جو والد بچپن ۾ ئي گذاري ويو ھيو ان لاء امي جي سار سنڀال تقريبن سندس امڙ ڪئي ۽ ان جي پڙھائي تي تمام گهڻو ڌيان ڏنو ـ امي جڏھن ستين درجي ۾ پڙھندي ھئي ته بابا سان لائون لڌيون ھيائين جو ان دور ۾ شاديون ننڍي ڄمار ۾ ٿينديون ھيون ائين جلدي شادي ٿيڻ جي ڪري ھوءَ زندگي جي ڪشمڪش ۾ جنبجي وئي پر منھنجي بابا سندس جي زندگي ويتر بهتر ڪرڻ واسطي امي جي تعليم جاري رکي پر سندس جا ڏير مطلب بابا جا ڀائر کيس تنقيد جو نشانو بڻائيندا رھيا ته ھي به پڙھندي ۽ طرح طرح جون بي جا شڪوائون ڪندا رھيا پر بابا امي جي حوصلي کي ڪرڻ نه ڏنو ۽ امي به پنھنجي دل وجان سان پڙھائي ڪندي رھي ـ ٻڌائيندا آھن ته بي ايس سي جو پريڪٽيڪل ڏئي گهر اچي مون کي جنم ڏنو ھيٺائين....! اھڙي طرح ھوءَ ھر رشتي ۽ ڪم سان نڀاھ ڪندي آئي آهي. اسانجي خاندان ۾ پهرين عورت ھئي جنھن جي تعليم ايم اي بي ايڊ ۽ ايم ايڊ آھي ۽ پنھنجي خاندان جي واحد تعليم يافتا عورت جنهن کي پنهنجي مڙس پڙھايو ۽ هوءَ ڪامياڀ ٿيندي رھي ـ امي کي سن 1989 ۾ انگريزي ماستري جي نوڪري ملي جنھن ۾ ماھر انگريزي، ميٿ، ڪيمسٽري ۽ بائلاجي جا مضمون پڙھائيندي رھي ـ نوڪري سانگي ڳچ عرصو گورنمينٽ ھاء اسڪول ۾ گذاريو اٿائين پر سندس نوڪري لاھوري اسڪول وڳڻ، آريجا، مرکنڊ ۽ وارھ ۾ به رھي آھي ـ امي جي عزت اڄ اسانجو هر رشتيدار ڪندو آھي، جيڪي سندس جا مخالف آھن اھي به امي کي عزت ڏيندا آھن. ھن جهان ۾ امي پنھنجي الڳ مقام جوڙيو آھي ۽ ان جي ممتا اسان اولاد لاء اولين ترجيع آھي. امي سان زندگي ۾ ٻه وڏا حادثا پيش آيا جنهن کان پوءِ امي پنھنجي حوصلن تي ضابطو ڪندي اچي ٿي. ھڪ بابا سائين جو وڇوڙو ٻيو سندس امڙ جو وڇوڙو جنهن امي کي شگر جهڙو موضي مرض ڏئي ڇڏيو ۽ اڌ رنگي جي سٽ اچي وئي پري اسان ستت ئي کڻي علاج ڪرايو ۽ ھوءَ ھاڻي ڪافي بهتر آھي. پر مان سڀني کي پڙھندڙ ان جي سٺي صحت لاء دعا جو عرض رکان ٿو. رب پاڪ سڀن جي مٿان امڙين جو سايو برقرار رکي ۽ ان سان گڏ منهنجي امڙ کي به صحت ڪاملا عطا ڪري. آخر ۾ سڀني دوستن لاءِ هيٺيون عرض ته: "ماءُ جي مٽ ڪو رشتو ناهي ۔۔۔ جيئرن کي قدر ناهي مرڻ کانپوءِ قدر ڪرڻ مان ڪو فائدو ناهي ۔۔۔ انڪري دوستو، امڙ جي خدمت ڪري وٺو ته ٻئي جهان اوهانجا ٿيڻ".