ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (29)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏15 فيبروري 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    175
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    "ٻري جن ٻاري"
    ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (29)

    سائين عبدالغفور دائوداڻي صاحب
    اڳوڻو هيڊ ماستر گورنمينٽ هاء اسڪول بڪيرا شريف تعلقه ۽ ضلع ٽنڊوالهيار
    منهنجو محسن منهنجو سائين
    تحرير : عبدالله جروار

    سائين عبدالغفور دائوداڻي صاحب جن جو جنم 01 جولاء 1952ع ۾ ٽنڊي الهيار جي ننڍڙي ڳوٺ جتو خان دائوداڻي ۾ پورهيت سونهارو خان جي گهر ۾ ٿيو. پرائمري تائين تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول بهادر دائوداڻي ۾ ورتي جتان 1966ع ۾ پنجون درجو پاس ڪرڻ کان پوء گورنمينٽ مڊل اسڪول پاڪسنگهار تان اٺون ڪلاس پاس ڪيو. جنهن کان پوء ٽنڊي الهيار جي مشهور علمي اداري اسلاميه هاء اسڪول مسڻ وڏي مان سال 1971ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. انهي سال ئي ميرت تي پرائمري استاد مقرر ٿيا. پنهنجي تعليم به جاري رکيائون. سال 1974ع ۾ جي ايس ٽي طور سندن پروموشن ٿيو. سائين جن بطور استاد گورنمينٽ پرائمري اسڪول يونين پاڪسنگهار، مڊل اسڪول غلا۾ حسین سومرو، مڊل اسڪول پاڪسنگهار، مڊل اسڪول بڪيرا شريف ۾ فرض بجا آندا. شال 1986ع ۾ سائين جي هاء اسڪول ٽيچر طور پروموشن ٿي. جنهن دوران سائين هاء اسڪول يونين پاڪسنگهار ، ايس ايم هاء اسڪول ٽنڊوالهيار ، مين سنڌي مڊل اسڪول ٽنڊوالهيار، اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن آفيسر ايليمينٽري طور خدمتون سرانجام ڏنيون. سال 2005ع ۾ هيڊ ماستر طور پروموشن ماڻڻ تي کين گورنمينٽ هاءِ اسڪول بڪيرا شريف جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو. جتي پڻ سائين عبدالغفور دائوداڻي صاحب جانفشاني سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. هاء اسڪول جي ڀلائي ۽ بهتري لاء ڪيترائي ڪم ڪيا جن ۾ نياڻين جي تعليم لاء الڳ ڪلاس کولائڻ، نائين ۽ ڏهين جو امتحاني سينٽر هاء اسڪول پاڪسنگهار هئڻ ڪري شاگردن جي تڪليف کي نظر ۾ 2008 ع ۾ هاء اسڪول بڪيرا شريف کي امتحاني سينٽر ڪرايو. بجلي جي لوڊ شيڊنگ هئڻ سبب تعليم گهڻي متاثر ٿيندي هئي. ان سلسلي اسڪول کي 4 ڪي وي جو جنريٽر فراهم ڪيو. اسڪول ۾ گئس جي ڪنيڪشن جو انتظام ڪيو ويو. جيئن جنريٽر هلائي سگهجي. سرڪاري ٽيليفون جو ڪنيڪشن ورتو ويو. ان کان ڪافي ڪم سائين جي دور ۾ ٿيا. سائين هڪ محنتي جفاڪش ادارن کي پورو وقت ڏيندڙ، اداري جي مشڪلاتن کي سمجهي انهن جي حل لاءِ جاکوڙيندڙ ڪردار ادا ڪيو. هاء اسڪول بڪيرا شريف ۾ سائين عبدالغفور دائوداڻي صاحب جي دور کي يادگار سونهري دور چئجي ته وڌاء نه ٿيندو. سائين جن 30 جون 2012ع تي سرڪاري ملازمت تان رٽائرڊ ٿيا هئا. ان وقت هاء اسڪول بڪيرا شريف جي استادن ۽ شاگردن پاران شاندار ۽ يادگار الوداعي پارٽي ڏئي سائين کي رخصت ڪيو هو.
    سائين عبدالغفور دائوداڻي صاحب هر استاد توڙي شاگرد جو همدرد رهيو.
    سائين عبدالغفور صاحب منهنجي بي ايڊ توڙي ايم ايڊ جي ڪورس پاس ڪرڻ دوران استاد رهيو. مون سميت ضلع ٽنڊوالهيار جي ڪيترن ئي استاد توڙي استادياڻين جي رهنمائي. سائين جي شاگردن جو وڏو تعداد اڄ به تعليمي ادارن ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
    سائين عبدالغفور دائوداڻي صاحب جي نگراني سنڌ يونيورسٽي آف ڪئمپس توڙي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي آف ڪئمپس ايڊيوڪيشن پروگرامن جا انچارج رهيا آهن. سائين جي محنتن سان ٽنڊو الهيار سينٽر کي ڪافي ڪاميابيون پلئه پيون.
    سائين اڄ به پنهنجي زندگي بهتر نموني گذاري رهيو آهي. دعا آهي الله پاڪ سائين کي سٺي صحت ۽ وڏي حياتي عطا فرمائي.
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو