"ٻري جن ٻاري" ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (30) سائين کمدان ولد جڳدان چارڻ ڇاڇرو (ٿر) استاد هاء اسڪول پاڪسنگهار تعله چمبڙ ضلع ٽنڊوالھيار تحرير : عبدالله جروار ساري سنڌ پرين جو پاڇو مثل مخلتف ڪمن ڪارين توڙي روزگار جي حوالي ڪنهن سنڌ جي ڪنهن مخصوص علائقي تائين محدود رهي خدمتون ڏيڻ ڪنهن جي به اختيار نه هوندو آهي. روزگار لاء گهر ٻار ڇڏي ٻين علائقن وڃڻ روزگار جي ذريعي کان لکيل روزي جو حاصلات به سمجهبو آهي. جنهن کي شاھ سائين لطيف سرڪار ان ۽ جر جو قيد قرار ڏنو آهي "قسمت قيد الماء نہ ته ڪير اچي هن ڪوٽ ۾" اهڙي طرح سائين کمدان پنهنجي ڳوٺ جا وڻ ڇڏي پنهنجي سموري حياتي ٽنڊي الهيار ۾ درس ۽ تدريس ڏيندي گذاري. سائين کمدان ولد جڳدان ذات چارڻ. سندن جنم ٿر جي ڇاڇري تعلقي جي ڳوٺ چارنور Charnor ۾ 01 اپريل 1939ع تي ٿيو. پنهنجي پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول چارنور ۾ حاصل ڪئي. مئٽرڪ تائين جي تعليم ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي انتظام هيٺ هلندڙ هاء اسڪول ڇاڇرو مان حاصل ڪئي. سائين مئٽرڪ جو امتحان سال 1961 ع سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيو هو. ياد رهي ته ان وقت مئٽرڪ جو امتحان سنڌ يونيورسٽي وٺندي هئي. جنهن کان پوء سائين جن ڪجھ عرصو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ به ملازمت ڪئي. جڏهن 1962ع سائين ميئرت تي جي ايس ٽي جو انٽرويو پاس ڪري جونئير اسڪول ٽيچر طور گريڊ 09 ۾ جوائن ڪيو. سائين کمدان 1971ع گورنمينٽ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج سانگهڙ مان ايس وي جي ٽريننگ ڪئي. ٽريننگ مڪمل ڪرڻ بعد سائين گورنمينٽ مڊل اسڪول پاڪسنگهار تي مقرر ٿيا. نوڪري دوران سائين جن اسڪولن تي رهيا انهن ۾ گورنمينٽ مڊل اسڪول مبارڪ جروار، دولت لغاري، شادي پلي، ميوپور پراڻي (ٽريننگ تي) گورنمينٽ هاءِ اسڪول چمبڙ ۽ وري پاڪسنگهار تي آيا. سائين گورنمينٽ هاءِ اسڪول پاڪسنگهار ڊيوٽي دوران ڳوٺ مريد ننڌو ۾ رهندو هو. سائين زندگي لڳ ڀڳ پنجويھ سال مڊل اسڪول بعد ۾ هاء اسڪول ۾ گذاريا. سائين گورنمينٽ هاءِ اسڪول پاڪسنگهار جي ترقي تعليم جي سڌاري بلڊنگ توڙي اسڪول کي مليل رضاڪانه پلاٽ وغيره جو اکين ڏٺو شاهد هو. سائين جا هن علائقي سوين بلڪه هزارين شاگرد رهيا. جن سائين کان تعليم ورتي. بهترين استاد طور وڏو عرصو گذرڻ بعد به سائين کي ياد ڪيو ويندو آهي. سائين کمدان بابت هي سٽون سائين علي محمد لغاري صاحب لکيون آهن جن کي به مضمون ۾ شامل ڪجي ٿو. شفيق ۽ نيڪ سيرت استاد سائين کمدان جو وڇوڙو ۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تمام بھترين با ڪردار , بااخلاق , نيڪ سيرت , رحمدل , ٻاجهاري طبيعت , ڊيوٽيء جو پابند , ھر شاگرد کي دل سان ڀائيندڙ استاد ھو ۔پاڻ ننڍو ئي ھو ته سندس مائٽ ھندستان لڏي ويا کيس ھلڻ لاء چيائون ته سنڌ امڙ ڌرتيء سان نينھن نڀائي ان سان لانئون لھي ساڻن گڏ ھندستان لڏي وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائين ۽ بنا مٽ مائٽ عزيزن جي اڪيلو ئي ھتي سنڌ ۾ ويھي رھيو ۔ پڙھيو تعليم کاتي ۾ ملازمت مليس پوري سروس مڊل اسڪول پاڪسنگهار ۾ پوري ڪري اتان رٽائر ٿيو ۔ ان وقت مڊل اسڪول پاڪسنگهار ۾ شاگردن جي ھاسٽل ۾ اڪيلو رھندو ھو ۔ رٽائر ٿيڻ کان پوء زندگيء جي ساھ جو سڳو ٽٽڻ تائين گمنام ئي رھيو ۔ منھنجو به مڊل اسڪول پاڪسنگهار ۾ استاد ھو ۔ سڄي عمر ڇڙھو رھيو ۽ شادي ڪونه ڪيائين ۔ ورھاڱي وقت پاڻ ننڍو ئي ھو ته سندس مٽ مائٽ ھندستان لڏي ويا ۽ کيس پاڻ سان ھلڻ لاء چيائون پر سنڌ ڌرتيء کي ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائين ۽ آخري پساھن تائين بنا مٽن مائٽن ڄي اڪيلو رھي سنڌ امڙ ڌرتيء سان نينھن جو ناتو توڙ نڀايائين ۔ رٽائر ٿيڻ کان پوء گمنام رھيو ۽ خود مون کي به خبر نه ھئي ته ڪٿي ۽ ڪنھن وٽ رھندا ھئا ۔ اڱارو 14 فيبروري 2023ع بمطابق ٢٢ رجب المرجب ١٤٤٤ھ تي لاڏاڻو ڪري ويو ۔ سندس وڇوڙي جو ٻڌي دليء ڏک ۽ افسوس ٿيو ۔ رب پاڪ , آنجهاني سائين کمدان صاحب جي روح کي سرڳ عطا ڪري ۔ سٽون : علي محمد لغاري ” کيسانوي “ اڱارو 14 فيبروري 2023ع ( تصوير : سائين Noor Bozdar جي وال تان کنيل )