ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (31)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏20 فيبروري 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    "ٻري جن ٻاري"
    ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (31)
    سائين غلام حسين ميمڻ نصرپوري مرحوم اڳوڻو هيڊ ماستر گورنمينٽ هاء اسڪول بڪيرا شريف.
    تحرير : عبدالله جروار

    1982ع جي آڪٽوبر مهيني ٻي تاريخ تي پرائمري استاد جي نوڪري جو آرڊر پرائمري اسڪول ڪامارو شريف ۾ مليو هو. ڪامارو شريف اسٽيشن مير پور خاص روڊ تي اسٽاپ آهي. جتان ڪامارو شريف وليج وري ٽانگي تي چڙهي وڃبو هو. ٽنڊي الهيار مان ڪامارو شريف ميرپورخاص واري بس ٽنڊي الهيار مان چڙهڻ وقت ڪڏهن ٻن نوجوان استادن سان مکاميلو ٿيندو هو. جيڪي اڪثر پنهنجي ڳالهين ۾ ايترا ته محو هوندا هئا جو بي ڪنهن ڏانهن سندن ڌيان گهٽ ئي ويندو هو. روز يا هڪ و ٻي ڏينهن گڏ سواري واقفيت جو سبب بڻي ته خبر پئي انهن ۾ هڪ سائين اسلم ميمڻ صاحب ۽ ٻيو سائين غلام حسين ميمڻ صاحب آهن. جيڪي رشتي ۾ پاڻ ۾ ماسات آهن. هاء اسڪول خواجه ڳوٺ سلطان آباد ۾ استاد آهن. نصرپور مان روزانو گڏجي ڊيوٽي تي ويندا آهن. وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو رهيو . سال 1994ع ڌاري منهنجي پروموشن بطور هاء اسڪول ٽيچر طور ٿي چڪي هئي. مون بطور ايڇ ايس ٽي هاء اسڪول بڪيرا شريف جوائن ڪيو. ان وقت هاء اسڪول بڪيرا شريف پڙهائي جي لحاظ کان بهترين اسڪول هڪ ٽيم ورڪ هو. هر ڪنهن استاد توڙي شاگرد جو پڙهائي ڏانهن گهڻو توجهه هو. ان وقت هيڊ ماستر سائين قاضي عبدالرحمان صاحب جن هئا. ايف جا فرض سائين غلام حسين ميمڻ ادا ڪري رهيو هو. استادن ۾ ناميارا استاد صاحبان هئا جيڪي پنهنجا فرض پابندي سان ادا ڪري رهيا هئا. انهن استادن ۾ سائين امتياز ميمڻ، سائين قاري علي محمد بڪيرو ، سائين عبدالحڪيم جروار ،سائين جاويد ايوب شاھ، سائين اختر عنايت قائم خاني، سائين شفيق ڀٽي ، سائين محمد يوسف ڇيپو ، عبدالجبار ميمڻ صاحب، سائين مولوي اسماعيل پتافي. وغيره سائين قاضي صاحب جن مٽياري مان بس تي ايندا هئا. گهڻو سندن اچڻ روز جو معمول هوندو هو سائين غلام حسين ميمڻ صاحب بهترين منتظم هئا اسڪول جو ٽائيم ٽيبل ٺاهڻ، هلائڻ، استادن جي انگيجمينٽ، روزانو جي اٽيندنٽس، استادن جي پڙهائي تي نظر رکڻ بهرحال هڪ ڄاڻو محنتي استاد هئا. جن کان گهڻو ڪجھ سکڻ جو موقعو مليو. وڏي ڳالھ اها هئي جو ان زماني ۾ اسڪول ۾ رڳو پڙهائي تعليم جون ڳالهيون هونديون هيون. سکن ۽ سيکارڻ جو شوق هوندو هو. استاد پنهنجي ٻئي سينئر استاد کان سکڻ ۾ عيب نه سمجهندا هئا. سينئر پڻ جونيئر استادن جي تضحيڪ بجاء سندن رهنمائي ڪندا هئا. رسيس ٽائيم ۾ به هڪ ٻئي سان علمي بحث مباحثا ٿيندا هئا. نه ڪي فضول ڳالهيون ڪري وقت وڃائڻ جي. ان دور ۾ ڪاپي ڪرڻ اجازت نه ڏني ويندي هئي. جڏهن ته استادن جو اي سي آر خفيه طور ڀري آفيس ۾ جمع ڪرائبي هئي. سائين غلام حسين سان استادن جي گهڻي هجت هوندي هئي پر پنهنجي ڊيوٽي ۾ رعايت نه هوندي هئي.
    سائين غلام حسين ميمڻ صاحب جو جنم 03 مارچ 1945ع تي ميمڻ محلہ نصرپور ۾ ٿيو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول نصرپور ۽ اٺين ڪلاس تائين تعليم گورنمينٽ مڊل اسڪول نصرپور ۾ پاس ڪيو. جڏهن مئٽرڪ جو امتحان ٽنڊي الهيار مان سال 1963ع ۾ پاس ڪيائون. تقريبن هڪ سال جو عرصو بطور ڪلرڪ ڪم ڪيائون. جڏهن سال 1964 ع ۾ بطور استاد تعليم کاتو جوائن ڪيائون. پهريون پروموشن بطور ايڇ ايس ٽي 1976ع ۾ مليو. جڏهن ته شال 1995 ع ۾ بطور هيڊ ماستر 17 گريڊ ۾ پروموشن ملين. سندن هيڊ ماستر طور پهريون اسڪول امن آباد هو. سائين بطور استاد ڪيترين ئي اسڪول فرائض بجا آندا جن ۾ مڊل اسڪول مبارڪ جروار، ٺري نظاماڻي، هاء اسڪول ٽندوڄام، هاء اسڪول سلطان آباد ، پاڪسنگهار ، خير محمد جروار ۽ بڪيرا شريف شامل آهن. هيڊ ماستر گورنمينٽ هاء اسڪول ٽنڊو سومرو، گورنمينٽ هاء اسڪول نصرپور مقرر ٿيا جڏهن گريڊ 18 ۾ بطور هيڊ ماستر گورنمينٽ پراونشلائيزد هاء اسڪول ٽنڊو الهيار مان تاريخ 02 جولاء 2005 ع تي سرڪاري ملازمت تان رٽائرڊ ٿيا.
    بطور استاد توڙي هيڊ ماستر سائين غلام حسين ميمڻ نصرپوري پنهنجو خدمتون ايمانداري ۽ ديانتداري سان ادا ڪيون جيڪو هڪ شاندار مثال آهي. زندگي جو سفر ڪٿي نه ڪٿي ضرور کٽڻو آهي. انسان جا چڱا ڪم ۽ چڱو عمل هميشہ ياد رهي ٿو. سائين 15 سيپٽمبر 2023ع تي هي فاني جهان ڇڏي ويا آهن . سائين جون يادگيريون دلين ۾ هميشه زنده رهنديون.
    شاھ سائين به چيو آهي ته
    "دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس!"
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو