• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (32)

عبدﷲ جروار

سينيئر رڪن
"ٻري جن ٻاري"
ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (32)
سائين محمد جمن مري صاحب
اڳوڻو هيڊ ماستر گورنمينٽ هاء اسڪول بڪيرا شريف ضلع ٽنڊوالهيار.
تحرير : عبدالله جروار

ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ ادارا قائم ٿيندا آهن. انهن لاء مسلسل جدوجهد ۽ سچائي جي ضرورت هوندي آهي. جن ادارن جي سربراهن ۽ ان سان گڏ ڪم ڪندڙ عملي ۽ آس پاس جي ماڻهن جو سچائي سان ادا ڪيل ڪردار انهن ادارن لاء نيڪ نامي جو سبب بڻجندو آهي. اهڙن ادارن مان هڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول بڪيرا شريف به آهي. هن اداري جي نيڪ نامي جو خاص سبب پڻ اهوئي آهي. هي مڊل اسڪول مڊل اسڪول طور تقريبن اڌ صدي کان تعليم جو ذريعو بڻيل هو. پر ان وڌيڪ بهتري تڏهن آهي. جڏهن هن اسڪول کي هاء اسڪول بڻايو ويو. هن هاء اسڪول جو قيام 1990 ع ڌاري عمل ۾ آيو. هن اسڪول جو پهريون هيڊ ماستر سائين حبيب الله قائم خاني صاحب جن هئا.
جنهن کان پوء ترتيبوار هيٺيان هيڊ ماستر مقرر ٿيا.
1, سائين حبيب الله قائم خاني صاحب
2, سائين عبدالڪريم راجپوت صاحب
3، سائين غلام حسين ميمڻ صاحب
4, قمر الاسلام خانزادو صاحب
5, سائين غلام حسين ميمڻ صاحب
6. سائين قاضي عبدالرحمان صاحب
7, سائين محمد جمن مري بلوچ صاحب

سائين محمد جمن مري صاحب جن حيدرآباد شهر جا رهواسي هئا. پنهنجي مزاج ۾ بهترين کري ۽ سچي ڳالھ ڪندڙ انسان هئا. هن اداري ۾ ڊيوٽي لاء حيدرآباد کان بڪيرا شريف تائين بسن ذريعي پهچڻ هڪ ڏکيو مسئلو هو پر تنهن هوندي به وقت جي پابندي سان اسڪول پهچڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. اسڪول جي روزمره جي ڪمن ڪارين ۽ آفيس جي لکپڙه وغيره جا وڏا ڄاڻو هئا. پيرسني هوندي اسڪول لاء سندن جاکوڙ قابل قدر هئي. سندن ڪوششن سان علائقي واسين جي پڙهائي ڏانهن دلچسپي وڌي. جنهن ڪري شاگردن جي انرولمينٽ ۾ وڏو اضافو ٿيو. روزانو اسڪول پهچي سمورو حال احوال ٻڌڻ ۽ معاملات کي سمجهداري سان حل ڪرڻ ڪو سائين جمن کان سکي. پاڻ حاضر دماغي ۽ معامله فهمي سان ڪڏهن ڪڏهن اڳيان مخاطب کي لاجواب ڪري ڇڏيندا هئا .
هڪ دفعي ميٽنگ ۾ استادن اسڪول ۾ دير سان پهچڻ بابت مختلف سبب ٻڌائي صبح وقت ۾ رعايت وٺڻ جي ڪوشش ڪيائون. سائين کين برجستگي سان جواب ڏيئي کين لاجواب ڪري ڇڏيو
سائين پنهنجي مزاج ۾ تمام سادا انسان هئا.
سائين هن اسڪول کان بدلي ٿي ڪنهن اسڪول تي ويا. جتان سائين جي رٽائرمينٽ ٿي. بعد ۾ ساڻن ڪو رابطو نه ٿي سگهيو.
( ڪنهن دوست وٽ سائين بابت معلومات هجي ته شيئر ڪري. سندن ٿورائتو رهندس)
M2YKBKC.jpeg
 
Back
Top