ٻول: تنھنجي ساھرن جا وڻ ساوا ڙي راڻل (سھرو)

مھتاب احمد

سينيئر رڪن
تنھنجي ساھرن جا او وڻ ساوا ڙي راڻل
توکي مومل ملي آ ھڪ جيڏي ڙي راڻل
توکي پنھنجن ڏني آ ڏاڏي-پوٽي ڙي ادل

سونا گلم جوڙائي گهر آءُ ڙي راڻل
تنھنجي ساھرن جا وڻ...
توکي مومل ملي آ...
توکي پنھنجن ڏني آ...

سونو ھار جوڙائي گهر آءُ ڙي راڻل
توکي مومل ملي آ...
توکي پنھنجن ڏني آ...
تنھنجي ساھرن جا وڻ...

سوني نٿ جوڙائي گهر آءُ ڙي راڻل
توکي مومل ملي آ...
توکي پنھنجن ڏني آ...
تنھنجي ساھرن جا وڻ...

او جھڙو پاڻ آن تھڙي ٿئي راڻي، تھڙي ٿئي راڻي
او جواني شال سھڻل ماڻين، سھڻل ماڻين
تنھنجي ساھرن جا وڻ...
توکي مومل ملي آ...
توکي پنھنجن ڏني آ...

مولا شان وڌايو ٿي راڻا، وڌايو ٿي راڻا
او توکي ٺھن ٿا منھن تي ماڻا، منھن تي ماڻا
تنھنجي ساھرن جا وڻ...
توکي مومل ملي آ...
توکي پنھنجن ڏني آ...

او سس سھري جو توسان پيار، توسان پيار
او مبارڪ توکي چانڊيا ھزار، چانڊيا ھزار
تنھنجي ساھرن جا وڻ...
توکي مومل ملي آ...
توکي پنھنجن ڏني آ...
 
Back
Top