ليکڪ امتياز دانش دنيا ۾ ڪيئي ماڻهو جنم وٺي پنهنجي زندگي گذارين ٿا، ڪي ماڻهو پنهنجو پيٽ ڀرڻ لاءِ ته ڪي وري وقت گذارڻ لاءِ ...! دنيا ۾ اهڙا ماڻهو تمام گهٽ پيدا ٿين ٿا، جيڪي پنهنجي سڄي زندگي غريب مسڪين ماڻهن لاءِ صرف ڪري سندن قسمت بدلائڻ لاءِ پاڻ پتوڙين ٿا. سنڌ جو ڪلاسيڪل سياستدان، وڏيرو ۽ حد کان وڌيڪ سچو ۽ کرو ماڻهو شاهنواز جوڻيجو به انهن ماڻهن مان هو، جن پنهنجي سموري زندگي غريب ۽ اٻوجهه ماڻهن لاءِ صرف ڪري ڇڏي، اهو ئي سبب آهي جو اڄ کيس لوڪ پڌارئي ڪيئي سال گذري ويا آهن پر هو اڄ به سنڌ جي ماڻهن کي ياد آهي. سانگهڙ ضلعي ۽ ٽنڊو آدم تعلقي جي ننڍڙي ڳوٺ سنجر خان جوڻيجو ۾ حاجي سنجر خان جي گهر ۾ جنم وٺندڙ شاهنواز 1962ع ڌاري پنهنجي سياسي سفر جي شروعات ڪري بي ڊي اليڪشن ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ميمبر ٿيو . مخدوم محمد امين فهيم سان دوستي هجڻ ڪري پ پ ۾ شامل ٿيو. 1975ع کان 1977ع تائين بنديخاني ۾ رهي جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ قيد جي صعوبتن کي برداشت ڪيائين. 5 جولاءِ 1977ع تي جڏهن ضياءَ الحق مارشل لا لڳائي عوامي چونڊيل نمائندي ذوالفقار علي ڀٽي کي گرفتار ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو. تڏهن هڪ مشهور ڪيس کلڻ ڪري ضياءَ شاهنواز جوڻيجو تي شاهدي ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وڌو. سندس انڪار تي هُن جيل ۾ بند ڪري ذهني ۽ جسماني اذيتون ڏنيون. هن مارشل لائي قهري دور ۾ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ آواز اٿاري جيل جي صعوبتن کي برداشت ڪيو پر آمر جي آڻ نه مڃي. شاهنواز جوڻيجو جو سياسي ۽ سماجي ڪمن ڏانهن لاڙي سان گڏ ادب ڏانهن به لاڙو هو. سندس گهر ۾ هڪ عاليشان لائبريري هئي، جنهن ۾ مختلف موضوعن تي ڪيئي ڪتاب موجود هئا. کيس قرآني آيتن ۽ شاهه جي رسالي تي ڪافي مهارت هئي. هو مختلف جيلن ۾ نواب خيربخش مري، ولي خان، حاصل بزنجو، شيرباز مزاري،فاروق لغاري، غلام مصطفيٰ جتوئي، ممتاز ڀٽو، ڄام ساقي، رسول بخش پليجو، شهيد فاضل راهو، اسماعيل اڍيجو، محمد علي هنڱورو، اين ڊي خان، عبدالواحد آريسر، اجمل خٽڪ ۽ ملڪ جي ٻين سياستدانن سان گڏ رهيو. 1988ع وارين چونڊن ۾ هن پ پ جي ٽڪيٽ تي ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم محمد خان جوڻيجو کي شڪست ڏئي ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ تمام گهڻي مشهوري ماڻي. پ پ سان مخلص ۽ سچو رهندڙ شاهنواز جوڻيجو سنڌ جي ٻين وڏيرن کان مختلف هو. سچ ته هو سنڌ جي تهذيبي ۽ ثقافتي روايتن جو امين هو. جتي سندس سنڌي ٽوپي سڃاڻپ هئي، اتي هو پاڻ ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ سنڌي ٽوپي جي سڃاڻپ هو. هو ڪڪڙن، رڇ، ڪتن ، بازن ، تترن ۽ گهوڙن جو شوقين هو. سنڌ جو شايد ڪو اهڙو ميلو هجي، جيڪو سندس گهوڙي جي ٽاپن کان بچيل هجي. سادي طبيعت رکندڙ شاهنواز جوڻيجو کري ۽ کوٽي جي پري کان ئي پرک ڪري وٺندو هو. هن پنهنجي آئيني جهڙي اجري من ۾ ڪڏهن به ڪنهن لاءِ وير نه رکيو. توڙي جو ڪيترن ئي موقعن تي دوستن ساڻس بيوفايون ڪيون پر هن دوستيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ انهن سڀني کي نظرانداز ڪري ڇڏيو.جيتوڻيڪ جڏهن ڄام صادق سنڌ جو وڏو وزير ٿيو تڏهن هن مٿس پ پ ڇڏي ساڻس ساٿ ڏيڻ تي زور ڀريو پر هن ايئن ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو،جنهن ڪري هُن کيس جيل ڀيڙو ڪيو. ان کان پوءِ جڏهن ڄام صادق بيمار هو ۽ سندس ساهه جي تند ٽٽڻ تي هئي تڏهن شاهنواز سندس ڪراچيءَ جي ڊفينس واري گهر وڃي سندس عيادت ڪئي. انهيءَ وقت ڄام صادق سندس فراخدلي ڏسي کيس ڀاڪر وجهي روئي پيو ...! هو ڏيکاءُ ۽ مشهوريءَ جو قائل نه هو. اهو ئي سبب آهي جو هو جڏهن 1988ع ڌاري بلديات جو ممڪلتي وزير ٿيو، تڏهن هن ڪڏهن به پوليس جو پروٽوڪول نه ورتو، هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ڪنهن جي سفارش قبول نه ڪئي. هن نه ڪڏهن سنڌ ۾ موذي مرض اختيار ڪري ويل رشوت ورتي ۽ نه وري ڪنهن کي ڏني. هن رشوت خور پوليس عملدارن سان جهيڙا ڪري غريب ماڻهن کان رشوت طور ورتل پئسا کين واپس ڪرايا. هن غريب ماڻهن سان زيادتيون ڪندڙ پوليس اهلڪارن کي نه رڳو جيلن جا منهن ڏيکاريا پر فيصلا ڪري مٿن لکين رپين جو ن چٽيون پڻ وڌيون. هو جڏهن وفاقي وزير هو تڏهن هو ٻين وزيرن جيان اسلام آباد جي ايئرڪنڊيشنڊ بنگلن ۾ نه ويهندو هو پر هر جمعي تي پنهنجي ڳوٺ اچي ماڻهن جا مسئلا ٻڌي انهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. هو عوام جو هڏ ڏوکي سياستدان هو. سندس عوام لاءِ دروازا هر وقت کليل رهندا هئا، جنهن ڪري سنڌ جا ٻيا وڏيرا کانئس هر وقت خفا رهندا هئا پر هو ڪنهن جي پرواهه نه ڪندي غريب ماڻهن جو واهر ڪندو هو. سنڌ جاٻيا وڏيرا ان ڪري به کانئس خفا هئا جو هن سنڌ جي ڪيترين ئي پاڻ ۾ جهيڙيندڙ برادرين جا خوني تڪرار پنهنجي صلاحيتن آڌار حل ڪري کين کير کنڊ ڪيو. هو وفاقي وزير هوندي نه رڳو سائين جي ايم سيد جي ڪيترن ئي سالگره پروگرامن ۾ وڃي ساڻس مليو ٿي پر هن مير مرتضيٰ ڀٽو سان پڻ ملاقاتون ڪري محترمه بينظير ڀٽو ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو وچ ۾ ٺاهه ڪرائڻ جو ڪوششون ڪيون ٿي. هو پ پ جو واحد ماڻهو هو، جنهن مير مرتضيٰ ڀٽو جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي ٿي. هن پنهنجي سڄي زندگي هڪ خود دار ۽ بهادر انسان وانگر گذاري ۽ هو ڪنهن جي به آڻ نه مڃي پنهنجي زندگيءَ ۾ ثابت قدم رهيو. هو پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ غريب ۽ اٻوجهه ماڻهن جي حقن جي حصول لاءِ وڏيرن سان مهاڏو اٽڪائيندو رهيو. سچ ته هن جهڙا ماڻهو تمام گهٽ پيدا ٿيندا آهن، جيڪي پنهنجي سماج ۽ پنهنجي ماڻهن تي اثر انداز ٿيندا آهن، سندس وچوڙي سان سنڌ جي غريب ۽ مسڪين ماڻهن جو ڪافي نقصان ٿيو آهي. توڙي جو سندس لاڏاڻي کي ڪيئي سال گذري ويا آهن پر سندس ياد ۾ سنڌ جي ماڻهن جو اکيون اڄ به آليون آهن...! **