بڪيرا شريف جي چوڏهين ۽ اسان ٻارڙا (يادگيريون) تحرير : عبدالله جروار اسان جي علائقي ۾ بڪيرا شريف شهر ۾ سال ۾ ٻه ميلا لڳندا آهن. هڪ شعبان مهيني جي چوڏهين تاريخ قلندر قائم الدين قريشي جو جڏهن ته ٻيو ميلو ان ساڳي درگاھ جي سان موجود پير ولايت شاھ قريشي تي شوال مهيني جي چوڏهين تاريخ ميلو لڳندو آهي. هن علائقي جا ٻارڙا هنن ميلن جو سڄو سال انتظار ڪندا آهن. سندن گهمڻ ڦرڻ شيل شغل جو هي واحد موقعو جڏهن کين گهمڻ جي موڪل سا به خرچي سان گڏ ملندي آهي. مال جا ڌنار اسڪولي ٻارڙا گهمي ڦري خوش ٿيندا آهن. اسان به جڏهن ننڍا ٻار هئاسين ته اسان کي ميلي تي رات جو وڃڻ جي اجازت نه ملندي هئي پر ڏينهن جو ميلي تي وڃي سگهبو هو. جنهن لاء هر ٻار جا والدين مناسب چرخي جو به بندوبست ڪري رکندا هئا. اهو سلسلو هاڻ به ائين ئي آهي. چوڏهين جي رات ڳوٺن جو نوجوان طبقي ميلو گهمڻ ويندو هو. اسان جيئن صبح جو بڪيرا شريف ميلو گهمڻ ويندا هئاسين. پر سچ پچ ميلي جي خوشي ۾ سڄي رات ننڊ نه ايندي هئي. جيئن صبح ٿيندو هو هڪ جيڏن سان ميلي تي وڃڻ جي تياري پڪڙبي هئي. بنه ننڍپڻ ۾ ماما سائين خان محمد مرحوم سان وڃبو هو بعد ۾ هڪجيڏن سان وڃبو هو. ڪڏهن پنڌ نڪري پوندا هئاسين. تڏهن روڊ رستا پڪا نه هئا. پوء پنڌ وڃبو هو. ميلي گهمڻ جي خوشي سچ پچ ته پنڌ جي خبر نه پوندي هئي ته ڪيئن پهچي وياسين. ان ميلن ۾ وڏا وڏا لائوڊ اسپيڪر هوندا جن تي اردو پنجابي فلمي گانا زور شور سان هلندا هئا. جن جو آواز پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندا هئا. ميلي ۾ عجيب سمان هوندو هو. هڪ مٺائي جا دڪان جيڪي اڪثر سائين الھ بچائي شاھ بخاري جن جا فرزند ڪڍندا هئا. جن ۾ شروع ۾ سائين الهجڙيو شاھ، پوء سائين متالو شاھ جي دڪانن تي گهڻي رش هوندي هئي جو سائين جن بڪيرا شريف شهر جا جئا ڏندن گهڻن ماڻهن سان عليڪ سليڪ هوندي هئي. ۽ ڪشمش جا دڪان، رانديڪن جا دڪان، مختلف چيڪلا وغيره هڪڙا گول ڦرڻ جن ۾ ڪاٺ جا گهوڙا ۽ پينگها لڳل هوندا هئا. ٻي طرف ايئر گن وارو همراه ڦوڪڻا لڳائي ان کي بندوق ذريعي نشانو چٽڻ وارو، گاڏن تي چڻن ۽ ڇولن وڪڻڻ وارا، ڪٿي فوٽو گرافر هوندو مختلف ڊزائين تي ٺهيل پردن تي ڦوٽو ڪڍي ان مهل ڦوٽو ٺاهي ڏيندو. مخٿلف رنگن جون شربتون. ان کان علاوه ڪئيمرا جهڙي دوربيني سان فلمي ڦوٽو ڏيکارڻ وارا. عجيب منظر وندر ورونهن جا ڪيئن رنگ ميلي ۾ هوندا هئا. واھ آهي عجيب ڏينهن هئا. پنهنجي اصل بادشاهي ۽ لئي لڳي پئي هوندي هئي. هڪ ڳالھ ٻڌايان ميلو به تيستائين مزو ڏيندو هو جيستائين کيسي ۾ پنج روپيا هوندا هئا . پئسا ختم ٿيا ته ميلي جو مزو ختم. سوچبو هو ته هاڻي جو هاڻ ميلي مان نڪرجي. ان زماني ۾ ميلي ۾ خاص رانديڪا پستول جنهن ۾ ڪاٺ جون دارون ڀريل گوليون استعمال ٿينديون هيون. جنهن جو ٺڪاء وڏو هوندو هو. پاڻي ۾ هلندڙ لوه جي ٻيڙي جنهن ڪپھ جي وٽ ۾ تيل وجهي ٽيلي ڏبي هئي ته پاڻي جي تغاري ۾ ٻيڙي هلڻ لڳندي هئي. بڪيرا شريف جي ميلي تي وڃڻ جي حوالي سان اسان جي عزيز مجيري حاجي نبي بخش جروار مرحوم جڏهن ٽريڪٽر ۽ ٽرالي ورتي اسان جروارن جي ٽنهي ڳوٺن جي ٻارن لاء ميلي گهمن لاء اهو بندوبست ٿيو جو ٽريڪٽر ٽرالي صبح جو سڀني ٻارن کي بڪيرا شريف پهچائيندي هئي شام جو سڀني کي واپس کڻي ڳوٺ پهچندي هئي. اهو سمورو خرچ حاجي نبي بخش مرحوم ڪندو هو سڀ بنا ڀاڙي ميلو گهمي ايندا هئاسين. ان وقت بڪيرا شريف شهر ايترو وڌيو ويجهو نه هو مٽر کڏ جي وڏي ايراضي هئي. اسان جي ٽريڪٽر ٽرالي حڪم الدين پنجابي جي چڪي وٽ بيهندي هئي. اتان لهي سڀ ڪو ميلو گهمي واپس اتي ايندو هو. عجيب دور هو هاڻ به آهي ميلا لڳل آهن. اڄ به اسان ڳوٺن توڙي بڪيرا شريف جي اس پاس جا ميلي گهمڻ جي خوشي ۾ مست آهن. هر ڪو پنهنجي ٻارن کي ميلي گهمڻ موڪلڻ لاء پٽ سٽ ۾ لڳل آهي . هاڻ روڊ رستا سواريون عام آهن. ميلن جو مزو ننڍپڻ ۽ جواني سان آهي. اسان جهڙا پوڙها پراڻا ڏينهن ياد ڪري پيا وقت گذاريون.