ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (33)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏26 فيبروري 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    "ٻري جن ٻاري "
    ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (33)
    سائين سيف الله جروار صاحب
    هاء اسڪول ٽيچر ۽ سپروائيزر پرائمري ايڊيوڪيشن ٽنڊو الهيار.
    تحرير : عبدالله جروار

    سائين سيف الله جروار صاحب منهنجي استاد هئڻ سان گڏ چاچا به ٿين. پاڻ بابا حاجي بهارالدين جروار (منهنجا ڏاڏا سائين) جن جا پنجون نمبر فرزند آهن. اسان جو گهراڻو اسان جي پڙڏاڏي ڏاڏا حاجي پيروز مرحوم جي وقت کان درس ۽ تدريس سان وابسته آهي. جنهن ۾ ملا مڪتب اسڪول ڳوٺ صاحب خان جروار جو قيام پڻ شامل آهي. سائين سيف الله جو جنم 22 جون 1949ع تي ٿيو. سائين جي ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ صاحب خان جروار ۾ ٿي. بعد ۾ مڊل اسڪول مبارڪ جروار ۾ پڙهيا. مڊل اسڪول مبارڪ جروار مان اٺوڻ ڪلاس پاس ڪرڻ کان پوءِ 1967 ع ۾ ايس ايم هاء اسڪول ٽنڊوالهيار مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائون. جڏهن ته سائين ايم اي. اسلامي ڪلچر ۾ ۽ ان کان بي ايڊ ۽ ايم ايڊ سنڌ يونيورسٽي مان ريگيولر اميدوار طور پاس ڪئي. کين پرائمري استاد طور نوڪري جو آرڊر 09 مارچ 1968 ع تي مليو. پرائمري استاد طور گورنمينٽ پرائمري اسڪول بچل بڪيرو ۽ پرائمري اسڪول صاحب خان جروار ۾ ڊيوٽي ڪيائون. جنهن بعد ٻن سالن کين گورنمينٽ ٽيچرس ٽريننگ اسڪول دادو موڪليو ويو. ٻن سالن ٽريننگ کان واپسي تي پرائمري اسڪول صاحب خان جروار ۾ مقرر ڪيو ويو. جڏهن ته سال 1977ع ۾ بطور جونيئر اسڪول ٽيچر پروموشن ٿي. ترتيبوار گورنمينٽ مڊل اسڪول غلام حسين سومرو، مڊل اسڪول پاڪسنگهار، مڊل اسڪول بڪيرا شريف، برانچ مڊل اسڪول صاحب خان جروار ۾ مقرر ٿيا. سال 1988ع ۾ کين هاء اسڪول ٽيچر طور پروموشن مليو. جنهن دوران هاء اسڪول پاڪسنگهار مڊل اسڪول داد جروار جي هيڊ ماستر طور فرض نباهيائون. 1995ع کان سپروائيزر پرائمري ايڊيوڪيشن طور ٽنڊي الهيار جي مختلف علائقن ۾ فرض ايمانداري سان نباهيائون. مختلف اسڪولن بطور استاد بهترين نموني پڙهيائون. سندن سوين شاگرد مختلف نوڪرين ۾ فرض نباهي رهيا آهن. سپروائيزر طور به کين سٺي آفيسر طور ياد ڪيو وڃي ٿو. سائين سيف الله جروار صاحب 21 جون 2009 ع تي سرڪاري ملازمت تان رٽائرڊ ٿيا. الله پاڪ جي فضل پنهنجي زندگي سٺي نموني گذاري رهيا آهن. سندن فرزند سعيد الله جروار به اسسٽنٽ پروفيسر طور گورنمينٽ ڊگري ڪاليج صادق ميمڻ ۾ ڊيوٽي ادا ڪري رهيو آهي.
    چاچا سيف الله صاحب اسان جي خاندان لاء ڇپر ڇانو مثل آهن. اسان ڀائرن ۽ سئوٽ پڙهائي کان وٺي نوڪرين تائين سندن ڪوششون شامل رهيون آهن. پاڻ مزاج ۾ ڪنهن وقت گهڻو جذباتي ٿي ويندو آهي. جڏهن ٿوري دير ۾ ڪاوڙ گهٽ ٿيڻ کان پوء ٿڌي گهڙي مثل لڳندو آهي. اسان گهر ڀاتين تي ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ڳالھ تي چڙي پوندو آهي. تڏهن احترام طور کيس سامهون ٿي ڪير به ورندي نه ڏيندو آهي. ڀاء برادري دوستن عزيزن ۾ پيرسني هوندي به هر ڪنهن وٽ ڏک سک ۾ پير ڀرڻ ڪو سائين سيف الله کان سکي. اسان جون ڪئين ڪوتاهيون درگذر ڪري محبتون ڏيندڙ چاچا سائين سيف الله جروار صاحب کي الله پاڪ وڏي حياتي سٺي صحت عطا فرمائي آمين.
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو