"بيوفا سان پيچ پائي مون وڏي غلطي ڪئي" جهڙن خوبصورت لفظن جي شاعره "نور شاهين" صاحبه تحرير : عبدالله جروار نور شاهين صاحبه جو اصل نالو "بلند بخت" هو . اسڪول جي پرنسپال والدين جي اجازت سان سندس نالو نورجهان لکيو والد صاحب جو نالو شاهجهان پٺاڻ هو. سندس جنم 18 آگسٽ 1936ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو. سندس والد صاحب شاھ محمد ڪاڪڙ علي زئي پٺاڻ قنڌار مان ڪوئٽه پوء اتان حيدرآباد سنڌ ۾ اچي آباد ٿيو هو. ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ نورشاهين سڀني کان لاڏلي ڀيڻ هئي. نور شاهين جي شروعاتي تعليم حيدرآباد جي مشهور سينٽ ميري اسڪول ۾ ٿي. اتي انگريزي ٻولي جي انتهائي ذهين شاگرد ۽ ڊبيٽر مڃي ويئي. . وڌيڪ تعليم لاء 1956 ع کان 1957ع ڌاري اورينٽل ڪاليج ۾ داخلا ورتائين. پاڻ اڃا ٻارهن سالن جي هئي ته آپا طاھره آغا عيد ميلاد النبي جي منعقد تقريب ۾ کيس تيار ٿي اچڻ لاء چيو. پاڻ ان پروگرام ۾ شريڪ ٿي. ان ۾ ترڪي جي سمرتا جي تباهي تي هڪ مقالو پڙهيو. اهو مقالو حاضرين کي تمام گهڻو پسند آيو. وقت گذرڻ سان پاڻ ڪڏهن افسانو ته مضمون وغيره لکيائين ته اصل نالي بجاء مختلف نالن سان لکيو. وقت ۽ حالتن کيس هڪ دفعو ٻيهر شعر ۽ شاعري ڏانهن راغب ڪيو. کيس اردو تي وڌيڪ دسترس حاصل هئي. شروعاتي دور اردو شاعري جو مطلع هن طرح هو ' جلو میں لے کے جو رعنائیاں رنگ شباب آیا، چمن میں پھول شرماتے ستاروں کو حجاب آیا. سندن هي غزل بشارت اخبار ۾ شايع ٿيو. بعد ۾ سنڌي شاعري طرف متوجہ رهي. ليڪن اردو شاعري به ترڪ نه ڪيائون. سندس خيال هو ته پنهنجو مقام پاڻ حاصل ڪبو آهي. ان لاء ارادي جي مضبوطي ۽ خلوص نيتي جي ضرورت آهي. اردو زبان ورهاڱي کان پهرين به سنڌ ۾ رواج ۾ اچي چڪي هئي. جنهنجو مثال سچل سرمست ۽ ٻين شاعرن جو اردو ڪلام آهي. اهڙي طرح نور شاهين صاحبه سنڌي، اردو، ملتاني ۽ پنجابي ۾ لکڻ شروع ڪيو. سندن لکيل شاعري مختلف نالن سان رسالن ۾ ڇپجڻ لڳي هئي. ان وقت بزم خليل پاران پکي پير گاڏي کاتي ۾ لطيف ڊي ملهايو ويو. جتي هڪ نظم ساحره جي نالي سان پڙهيائين. انهي عرصي دوران مثنوي " فتح استنبول" اردو ۾ مثنوي "سوز و ساز" سنڌي ۾ لکيائين. شاعري علم و ادب ۾ سندن استاد مرحوم رشيد احمد لاشاري صاحب، ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل صاحب ۽ حضرت مولانا محمد اسماعیل رزي صاحب جن هئا. نور شاهين صاحبه جو ڪلام سنڌي توڙي اردو ۾ مختلف رسالن توڙي اخبارن شايع ٿيندو رهيو. اردو توڙي سنڌي جي شاعرن توڙي اهل علم طرفان کين وڏي پذيرائي ملي. هڪ مشاعري ناليواري اردو شاعري محسن ڀوپالي صاحب اسٽيج تان لهي اچي کين مبارڪباد ڏني. سنڌي، پنجابي ۽ ملتاني ۾" نور شاهين " جڏهن ته اردو ۾ "هما" ٿخلص ڪم آندائون. نور شاهين صاحبه کي عمر جي چڱي حصي کان بيمارين کيس گهيري ورتو هو. پر علم جي حاصلات ۽ علم و ادب سان رغبت ڪڏهن به جھڪي نه ٿي. انهن بيمارين جي ڪشمڪش ۾ هوميو ٽريننگ ڪاليج مان ايم ڊي ايڇ ( ڊاڪٽر آف ميڊيسن " جي ڊگري فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿي حاصل ڪئي. 1966ع ۾ اديب فاضل جو امتحان پاس ڪيائين. سندس شاعري ۾ تانگھ ۽ تڙپ آهي. سندس لکيل گيتن ڀريون ڪهاڻيون، افسانہ ۽ فيچر وغيره ريڊيو پاڪستان تان به نشر ٿيا. ريڊيو پاڪستان تي جنهن ڪلام گهڻي مقبوليت ماڻي اهو ڪلام جنهن کي گلشن علي زنگيجي ڳايو هو. ان جا ٻول هئا "بيوفا سان پيچ پائي مون وڏي غلطي ڪئي" محترمہ نور شاهين صاحبه جنهن کي سنڌي شاعري جي "خاتون اول" شاعرہ سڏيو وڃي ٿو. سندن تصنيفات جو احوال هن طرح آهي. سندن پهريون ڪتاب ڊاڪٽر ڪريم ڏني راجپر صاحب جي ڪتاب "آمريڪا جو سفر" جو اردو ترجمو جنهن جو نالو هو "ديار غير" ٻيو سنڌي شاعري جو ڪتاب" رس م رسڻ گهوريو" جيڪو لطيف اڪيڊمي سکر مان شايع ٿيو. ٽيون ڪتاب" بهار جنون " اردو شاعري جو مجموعو چوٿون ڪتاب " مثنوي فتح استنبول" جيڪو سورهن سئو اشعار تي مشتمل هو. ان کان سواء نور شاهين صاحبه جون ڪيتريون ئي تصنيفات ان ڇپيل رهجي ويون . " ليلي ا " نالي هڪ ناول پڻ لکيو هئائين. ان کان سواء ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي نگراني حضرت بيدل سائين جي ڪتاب " پنج گنج" جو ترجمو پڻ سندن حصي ۾ آيو. پر ان جي ڇپائي بابت معلوم نه ٿي سگهيو آهي. نور شاهين صاحبه جن صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي اهي هي آهن. ڪانگل، ٻارهن ماهو، ماهيا، نظم، سانيٽ، ترائيل، مثنويون، چاربيت، رباعيات، قطعات، گيت، غزل، وايون، ڪافيون، دوها، وغيره. سندس سنڌي شاعري مان بيت ڏجن ٿا، سڄو ڏيھ اچي ڏئي، سيڻن ڌاران ويڻ، جدائي ٿي جهور ڪري، ڀونء به اچي ٿي کيڻ، آتا منهنجا نيڻ، پرين جي پسڻ ڪاڻ، نور شاهين صاحبه جي لکيل ڪافين مان انتخاب تو دير سڄڻ ڏاڍي لائي الا وڃي جگر هٿئون جائي! ****** جهلي حوري حسن تنهنجي سونهن جي نه سٽ، ڪيا بند سڀئي تو حسن جا هٽ، محترمه نور شاهين جو سنڌي، اردو توڙي ٻين ٻولين ۾ شاندار علمي ادبي ڪم ڪيل آهي. ڪو نوجوان محقق سندس علمي ادبي ڪم تي تحقيق ڪري. ادبي ڪم کي منظر عام تي آڻي. هڪ شاعره اديبه جي پورهئي کي زنده جاودان ڪري سگهجي. سنڌ يونيورسٽي کي محترم نور شاهين علمي ادبي ڪم جي تحقيق تي پي ايڇ ڊي يا ايم فل بنياد تي تحقيقي ڪم جو آغاز ڪرڻ گهرجي. بيماري جي حالتن ۾ گمنامي جي زندگي گذاريندڙ سنڌي ٻولي جي "خاتون اول" شاعره جو علمي پورهيو اجاگر ٿي سگهي. محترمه نور شاهين صاحبه 20 سيپٽمبر 1995ع تي حيدرآباد ۾ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو. سندس علمي ادبي پورهئي کي وڏي عرصي تائين ياد رکيو ويندو. (روزاني آجيان شڪارپور سنڌ تاريخ 27 فيبروري 2024ع) روزاني آجيان شڪارپور سنڌ