عنوان : دين ۽ سياست ۾ ارتباط اھلبيت ع جي نگاہ ۾ تحرير قادر بخش حيدري مولانا الشيخ مشخصات زبان : سندھي تاريخ اشاعت : 13 رجب المرجب1444 ھ بمطابق 4،2 ، 2023 براي ايصال ثواب : مرحوم حسين بخش شيخ ۽ زوجہ مرحومہ ۽ تمام شھداءِ و مرحومين ملت جعفريہ . ناشر : مڪتب مدافع حق زھرا س طلاب پاڪستان مقيم قم ايران مقدمو اَلحَمدُ لِلہِ فَاطِرِالسَّمَوٰاتِ وَالاَرضِ نَا شِرِفَضَائِلِ مُحَمَّدٍ وَ آلِہِ فِی الطُّولِ وَ العَرض ، ثُمَّ الصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلیٰ ذَوِی الاَنفُسِ الزَّاکِیَّاتِ الطَّیِّبَاتِ البَاھِرَاتِ البَیِّنَاتِ النَّبِیِّ العَرَبِیِّ القُرَشِیِّ اَبِی القَاسِمِ مُحَمَّدٍ ، وَآلِہِ الطَّیِّبِینَ الطَّاھِرِین سِیِّمَا بَقِیَّۃَاللہِ الاَعظَم ، رُوحِی وَ اَروَاحُنَا لَہُ الفِدَاء امام بعد : اسان جي معاشري ۾ سياست جو مطلب انسانيت جي خدمت ڪرڻ گھٽ ۽ مطلب پرستي ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ وڌيڪ ورتو ويو آھي ،يا ٻين لفظن ۾ تہ سياست کي ھڪ تمام بري شيءِ سمجھو ٿو وڃي ۽ اھو بہ تاثر ڏنو ويو آھي تہ سياست ۽ دين جو ڪوبہ رابطو ناھي ان جو ھڪ ھي بہ سبب آھي تہ معاشري جي سامھون مغربي سياست جي تصوير ڏيکاري وئي آھي ڇو تہ مغربي سياست جو صرف ھڪ ئي ھدف ھوندو آھي تہ ھو انسانيت جي خدمت ڪرڻ گھٽ بلڪہ پنھنجي حڪومت کي مضبوط ڪرڻ خاطر ڪجھ بہ ڪندا آھن مخصوصا عوام کي خوف ۽ لالچ ڏئي پنھنجو اقتدار مضبوط ڪندا آھن . جڏھن تہ حقيقت ۾ ائين ناھي ، دين جو رابطو سياست سان ۽ سياست جو رابطو دين سان ھميشہ کان رھيو آھي ، ان ڳالھ جو عملي ثبوت دور حاضر ۾ امام خميني رح واضح ڪري ڏنو آھي تہ سياست حقيقت ۾ دين آھي ،۽ دين حقيقت ۾ سياست آھي مگر سياست ، صرف سياست لاءِ سياست نہ ھجي بلڪہ دين کي ڦھلائڻ ۽ انسانيت جي خدمت خاطر ھجي ،۽ سياست ۾ دين جو حاڪم ھجڻ ، ۽ سياست تي دين حاڪم ھجڻ ئي سياست جي بھترين تصوير آھي اللہ تبارڪ و تعاليٰ پنھنجي مشيت سان مختلف ادوارن ۾ پنھنجا نمائندہ موڪليا تاڪہ بندن جي رھنمائي ڪري سگھن انھن سان گڏ ھڪ قانون پڻ موڪليو تاڪہ اھو قانون معاشري ۾ رائج ٿي سگھي ۽ ان قانون کي دين چئبو جيڪو تمام انسانن جي ڀلائي لاء آھي . انھن نمائندن ۽ قانون جو لازمي ھجڻ جو سبب اھو آھي تاڪہ اللہ جي نيڪ بندن جي سنڀال ڪري انھن کي ظلم کان بچائي سگھن ڇو تہ حقيقي حاڪم تہ اللہ آھي ان کان بعد خدا جنھن کي حڪومت لاء انتخاب ڪيو آھي اھي حاڪم آھن. امام جعفر صادق ع جن فرمايو: تہ حڪومت نبي جي آھي يا ان جي وصي جي. امام علي ع قاضي شريع کي فرمايو: تہ اي شريع! تون جنھن مقام تي آھين اھو مقام نبي يا ان جي وصي يا فرد شقي (غاصب ان مقام جو) کان سواءِ ان جڳھ تي ڪير بہ نہ ويھندو آھي. الڪافي، ڪليني، ج7، ص406. دين ۽ سياست جدا ناھن سياست، قيادت ۽ حڪمراني جو نالو آھي. ۽ دين بہ قيادت۽ حڪمراني جو نالو آھي. قرآن اھلبيت جي نگاہ ۾ ديني قيادت کي ترجيح ڏنل آھي. يعني اگر ڪو ديندار حڪمران ھجي تہ ان کي قبول ڪيو وڃي. نہ ڪي ان جي مقابلي ۾ بي دين کي. لھذا قرآن اھلبيت حڪومت الاھي جا بنيادي قانون آھن، سياست عين دين آھي ۽ دين عين سياست اھي. خدا وند متعال ديندارن کي ئي حڪومت جو اھل قرار ڏنو آھي. قرآن مجيد ۾ آھي تہ ؛ النَّبِيُّ أَوْلَى بِالْمُؤْمِنِينَ مِنْ أَنفُسِهِمْ ( سورہ احزاب 6 ) ترجمو : نبي ﷺ مومنن تي انھن جي پنھنجي جانين کان وڌيڪ اختيار رکي ٿو يعني پيغمبر اڪرم حاڪم اسلامي آھي ۽ ديندار پڻ آھي لھذا اللہ تبارڪ وتعاليٰ محمد ۽ ان جي آل کي ئي ھر دور ۾ حڪومت ۽ رھبري جو اھل قرار ڏنو آھي ڇو تہ ھي خاندان ھميشہ دين جو محافظ رھيو آھي ، دين ۾ انسانيت جي ڀلائي آھي لھذا قيادت جو اھل بہ اھو ئي ھوندو جنھن کي دين ۽ انسانيت جو درد ھجي ان جي ڪري ئي اسان ھن مقالہ ۾ واضح ڪندا سين تہ اھلبيت جي نگاہ ۾ دين ۽ سياست جو ارتباط ھميشہ کان رھيو آھي . والسلام عليڪم دين ۽ سياست جو مفھوم الف: دين جو مفھوم: الف: 1: دين جي لغوي معنيٰ: دين لغت ۾ طريقت ، آئين ، شرح ، مذھب ۽ قانون کي چيو ويندو آھي. (لغت نامہ دھخد ) الف: 2: دين جي اصطلاحي معنيٰ: دين اصطلاح ۾ قانون جو اھو مجموعو آھي جنھن کي اللہ سائين خلق ڪري، پوءِ پنھنجن نبين جي ذريعي سان انسانن جي ترقي ۽ رھبري جي لاءِ موڪليو ھجي. ھيٺ اسان دين جي ڪجھ ٻين اصطلاحي معنائن جي طرف اشارو ڏي رھيا آھيون؛ 1_ خدا جي حڪم تي اعتقاد آڻڻ . ( آشنايي با اديان بزرگ ص 13 حسين توفيقي ) 2_ امام علي ع فقط دين اسلام جي اصطلاحي معنيٰ ھن طرح سان ڪئي آھي: عَلِيٍّ (عَلَيْهِ اَلسَّلاَمُ) ، قَالَ: اَلْإِسْلاَمُ هُوَ اَلتَّسْلِيمُ، وَ اَلتَّسْلِيمُ هُوَ اَلْيَقِينُ، وَ اَلْيَقِينُ هُوَ اَلتَّصْدِيقُ، وَ اَلتَّصْدِيقُ هُوَ اَلْإِقْرَارُ، وَ اَلْإِقْرَارُ هُوَ اَلْأَدَاءُ، وَ اَلْأَدَاءُ هُوَ اَلْعمل .(نھج البلاغہ حڪمت 125 ) ترجمو : اسلام سر کي جهڪائڻ آهي، ۽ بندگي وارو سر جهڪائڻ يقين آهي، ۽ يقين، تصديق آهي. ۽ تصديق اقرار ڪرڻآهي. ۽ اقرار ڪرڻ فرض جي بجا آوري آهي. ۽ فرض جي بجا آوري عمل آهي اھڙي طرح ھڪ ٻي اصطلاح بہ آھي جنھن ۾ فرماين ٿا تہ ايمان آڻڻ ڪنھن ھڪ تي يا گھڻن تي جيڪي روحاني و معنوي اعتبار سان افضل ھجن ۽ اھي قابل اطاعت و عبادت ھجن. ب : سياست جو مفھوم: ب:1: سياست جي لغوي معني: سياست لغت ۾ حڪم ڪرڻ ، رياست ڪرڻ ، فيصلو ڪرڻ ، عدالت جو قائم ڪرڻ ۽ وغيرہ وغيرہ کي چيو ويندو آھي. ( فرھنگ جاسمي ص 254 ) ب: 2: سياست جي اصطلاحي معني: سياست اصطلاح ۾ يعني اھي منصوبا ۽ تدبيرون جن سان حڪومت ھلائي سگھجي. ۽ اڳواڻي يا رھبري ڪرڻ کي پڻ سياست چئبو آھي. ( فرھنگ علوم سياسي علي آقاي بخشي ص 202 ) اسلامي حڪومت جي ضرورت اسان ھيٺ اسلامي حڪومت جي ضرورت کي قرآن شريف جي آيتن ۽ ائمہ معصومين جي روايتن سان بيان ڪيون ٿا: ھر ڪو انسان ھن دنيا ۾ ڪنھن اھڙي ماڻھو جو محتاج آھي، جيڪو ان کي صحيح زندگي گذارڻ جا طور طريقا سيکاري. پوءِ اھو انسان اسلامي طرز جي حڪومت ۽ اسلامي طرز جي اڳواڻ جو محتاج بڻجي ٿو. ۽ ان ڳالھ ۾ بہ ڪو شڪ ناھي تہ انسان جي زندگي اجتماعي آھي ۽ ھر شعبو حڪومت ۽ رھبري جو محتاج آھي، ڇو تہ اجتماعي ھئڻ جي ڪري معاشري ۾ مشڪلاتون ۽ اختلاف ڪَر کڻن ٿا، ان ڪري حڪومت جي ضرورت ھر دور ۾ رھي آھي. اسلام اھو دستور آھي جنھن ۾ ھر شيءِ جو قانون بيان ٿيل آھي ؛ ڇاڪاڻ تہ اسلام ۾رڳو دين، اخلاق ۽عبادت تي بحث نہ ٿيل آھي. بلڪہ اھي مڪمل دستور جيڪي معاشري جي سڀني فردن لاءِ لازم آھن انھن سڀني جو بيان ٿيل آھي . دين اسلام ۾ حڪومت جو دارو مدار عدل تي رکيل آھي، تنھن ڪري اللہ سائين جيڪي بہ پنھنجا نمائيندا موڪليا، پوءِ چاھي اھي نبي ھجن يا ائمہ ھجن يا اوليا ھجن. اھي سڀ جا سڀ عادل ھئا. ھيٺ اسان اسلامي حڪومت جون عقلي ۽ نقلي دليليون پيش ڪري رھيا آھيون: نقلي دليلون؛ الف: قرآن شريف ھيٺ اسان قرآن شريف مان ڪجھ اھڙن واقعن کي بيان ڪري رھيا آھيون، جن مان اھو اسان لاءِ ثابت ٿي پوندو تہ معاشري جي اصلاح لاءِ اسلامي حڪومت جو ھجڻ لازمي آھي: 1_ بني اسرائيل وارن جي شڪست: اسان جڏھن بني اسرائيل وارن جي داستان ۾ پڙھندا آھيون، تہ بني اسرائيل وارن جي وچ ۾ ڪنھن ديني حڪومت ۽ ڪنھن ديني حڪمران جي نہ ھجڻ جي ڪري انھن ۾ داخلي مسئلا ۽ فتنا وڌڻ لڳا، جنھن جي ڪارڻ انھن کي دشمنن کان وڏي عبرتناڪ شڪست کي منھن ڏسڻو پين ۽ وڏين مشڪلاتن ۾ گرفتار ٿيا. 2_ جالوت واري لشڪر جي شڪست قرآن ۾ جالوت جو قصو تفصيل سان بيان ٿيل آھي جنھن کي توھان ضروري پڙھيو ھوندو. اسان صرف ھتي نتيجي ڏانھن اشارو ڪيون ٿا؛ ان واقعي مان نتيجو اھو نڪري ٿو تہ اگر طاقتور حڪومت نہ ھوندي ۽ سرڪش قوم جي خلاف قدم نہ کنيو ويندو تہ زمين فساد سان ڀرجي ويندي . 3_ جھاد جھاد ھڪ اسلامي حڪومت جي بنياد ۽ قيام جي لاءِ وڏو ضروي آھي؛ ڇاڪاڻ تہ ان سان حڪومت کي سياسي، اقتصادي، خارجي، ۽ اجتماعي طاقت ملي ٿي. ب : سنت ائمہ معصومين امام علي ع جن فرمايو: تہ ماڻھو ھر حال ۾ حڪمران جا محتاج آھن، چاھي اھو حڪمران نيڪ ھجي يا بد. ( نھج البلاغہ، خطبہ 40 ) دليل عقلي ھر انسان ھن معاشري ۾ اجتماعي زندگي گذاريندو آھي، جيڪڏھن انسان جي زندگي مان اجتماع کي ڪڍيو وڃي تہ انسان جھالت جي تمام ھيٺين درجي ۾ ڪرندو. ۽ انساني زندگي ھميشہ جي لاءِ اختلافات ۽ تنازعات جي ور چڙھي ويندي. لھذا انھن اختلافات کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ۽ مسئلن جي حل جي لاءِ قانون ۽ قانوندان جو ھجڻ ضروري آھي. جئين انسان انھن جي مدد سان اختلافات ۽ مسئلن کان بچي سگھي. 2_ منصوبا بندي ۽ انتظام جي سنڀال جيڪڏھن اسان فرض ڪيو تہ انسان بغير ڪنھن حڪمران ۽ حڪومت جي پنھنجي انفرادي زندگي کي بھترين طريقي سان گذاري سگھن ٿا. پر علمي، صنعتي ۽ زندگي سان سلھاڙيل ٻين شعبن ۾ منصوبا بندي ۽ ڪنھن اڳواڻ جو ھجڻ لازمي آھي، نہ تہ انسان اڪيلو ئي رھجي ويندو. ٻين لفظن ۾ اھو تہ حڪومت جي تشڪيل ۽ حڪمران جي ھجڻ سان ئي انسان پنھنجي اجتماعي ترقي کي ماڻي سگھي ٿو. ان ڳالھ کي آڏو رکندي معتبر ماڻھو ان نتيجي تي پھتا آھن تہ انسانن جي اجتماعي ترقي ۽ واڌ ويج لاءِ حڪومت ۽ حڪمران جو ھجڻ لازمي آھي. ديني حڪومت جا ھدف ديني حڪومت جا تمام گھڻا ھدف آھن جيڪي مختلف آيتن روايتن ۾ بيان ٿيا آھن. انھن کي اسان ھيٺ مختصر بيان ڪري رھيا آھيون: 1 ؛ حڪمران جو عادل ھجڻ دين ھميشہ جي لاءِ عادل شخص کي ئي قيادت جو اھل قرار ڏنو آھي، تاريخ ۾ ڪڏھن بہ ڪنھن ظالم کي قوم جو رھبر قرار نہ ڏنو ويو آھي ڇو تہ قوم جو اڳواڻ اگر عادل ھوندو تہ قوم کي بہ عدل و انصاف فراھم ڪندو ۽ ديني حڪومت قائم ڪرڻ جو اھم ھدف بہ اھيو ئي آھي تہ ھميشہ عادل حڪمران اچي. عوام چاھي ديندار ھجي يا بي دين ھجي ليڪن حڪمران ھميشہ عادل اچي تاڪہ معاشري مان ظلم ختم ڪري سگھي. 2 ؛ علم وارو حڪمران ديني حڪومت جو ھڪ ھدف اھيو بہ آھي تہ حڪمران جاھل نہ ھجي، چاھي دنياوي معاملات ھجن يا ديني معاملات ، پر ھميشہ علم وارو ئي حڪمران اچي ،تاڪہ معاشري مان جھالت ختم ڪري سگھي . 3 ؛ متقي ۽ پرھيزگار حڪمران ديني حڪومت جو ھڪ ھدف ھي بہ آھي تہ حڪمران متقي ۽ پرھيزگار ھجي تاڪہ معاشري کي تمام برائين کان بچائي سگھي. 4 : بھادر حڪمران ديني حڪومت جو ھڪ ھدف شجاعت ۽ دليري بہ آھي يعني اگر ديني حڪومت قائم ٿيندي تہ حڪمران بھادر ايندو ۽ قوم کي دشمنن کان بچائيندو، ۽ ملڪ جي سرحدن ۽ عوام جي تحفظ لاء ھر ممڪن ڪوشش ڪندو. دين ۽ سياست سنت نبي ۽ اھلبيت ع جي نگاہ ۾ پيامبر اسلام جن ھڪ ديني حاڪم ھئڻ جي حيثيت سان معاشري ۾ اھڙي روش اختيار ڪئي جنھن سان حڪومت ڪرڻ جا مقاصد واضح نظر آيا انھن مان صداقت امانت سر فھرست آھن اھڙي طرح امير المومنين علي ع جن بہ پنھنجي دور ۾ حڪومت اسلامي جا علمي و عملي ھدف واضح ڪيا آھن انھن مان شجاعت ، عدالت ۽ سخاوت سر فھرست آھن . امام علي ع جن جي نظر ۾ دين ۽ سياست اھي افراد جيڪي مڪتب اسلام جي طرفان تمام عقائد ، احڪام ۽ حقوق ۽ ذمہ داري پاڻ تي لازم سمجھن ٿا ۽ اھو بہ سمجھن ٿا تہ ھي دين منظم ۽ ھڪ ٻئي سان مربوط ھڪ دستور آھي جنھن ۾ حيات بشري کي اخلاقي ، سياسي ، ثقافتي ۽ عبادي ذميداريون ڏنل آھن امير المومنين امام علي جي ڪلام ۾ اگر مشاھدو ڪيو وڃي تہ واضح نمونہ سان تاڪيدي طور تي رسالت انبياء ۽ ٻين الھي رھبرن کي دنيا ۽ آخرت ٻنھي جو اڳواڻ بيان ڪيو آھي . اللہ جي طرفان بندن جي ھدايت لاءِ ھادين جو مبعوث ٿيڻ . امام ع فرمايو تہ : فَبَعَثَ اللَّهُ مُحَمَّدا صَلّى اللّهُ عَلَیهِ وَ آلِه بِالْحَقِّ لِیُخْرِجَ عِبادَهُ مِنْ عِبَادَهِ الْاءَوْثانِ إِلى عِبادَتِهِ، وَ مِنْ طاعَهِ الشَّیْطانِ إِلى طاعَتِهِ ( نھج البلاغہ خطبہ 147 ) ترجمو ؛الله سبحانه، محمد صلي الله عليه و آله و سلم جن کي حق سان موڪليو، ته جيئن سندس بندن کيمحڪم ۽ واضح قرآن جي ذريعي، بتن جي پوڄا کان، الله جي عبادت جي طرف وٺي وڃن، ته جيئن بندا،پنهنجي پرودگار کان جاهل ۽ بي خبر رھڻ کان پوءِ وري کيس سڃاڻن هٽ ڌرمي ۽ انڪار کان پوءِ ان جيوجود جو يقين ۽ اقرار ڪن . امام ع جي ڪلام جي مطالعہ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو تہ امام علي ع حڪومت ۽ عدالت جي باري خصوصي طور تي اھميت جا وڏا قائل آھن اھي افراد جيڪي دين کان اڻ واقف آھن مخصوصا مغربي سوچ وارا اھي ئي دين جو تعلق سياست کان ٽوڙن ٿا ، اگر امام ع جي ڪجھ خطبات ۽ خطوط تي منصفاڻہ نظر ڦيرائن تہ انھن کي تمام اعتراضن جا جواب ملي ويندا ۽ ھو دين ۽ سياست جي حقيقت کان واقف ٿي ويندا حاڪم اسلامي جي ذميداري جڏھن ٽئي خليفہ جي قتل کان پوءِ ماڻھن جو وڏو ھجوم امام وٽ بيعت لاءِ آيو تہ ان وقت امام کي ھڪ عھد ياد آيو تہ علماءَ ۽ دانشمند ڪنھن بہ معاشري جا ھجن دولتمند جي پيٽ ڀريل ۽ غريب جي خالي پيٽ جا ذميدار ھوندا آھن ايستائين جو مظلومن کي ظالمن کان حق وٺي ڏين امام فرمايو : وَ مَا أَخَذَ اللَّهُ عَلَى الْعُلَمَاءِ أَلَّا يُقَارُّوا عَلَى كِظَّةِ ظَالِمٍ وَ لَا سَغَبِ مَظْلُومٍ لَأَلْقَيْتُ حَبْلَهَا عَلَى غَارِبِهَا وَ لَسَقَيْتُ آخِرَهَا بِكَأْسِ أَوَّلِهَا وَ لَأَلْفَيْتُمْ دُنْيَاكُمْ هَذِهِ أَزْهَدَ عِنْدِي مِنْ عَفْطَةِ عَنْزٍ. ( نھج البلاغہ خ 3 ) ترجمو : اهو عهد نه هجي ها، جيڪو الله تعالي علمائن کانوٺي ڇڏيو آهي، ته هو ظالم جي پيٽ ڀرائي ۽ مظلوم جي بک تي سڪون سان نه ويهن، ته پوءِ آءُ خلافتجي واڳ ان جي ڪلهن تي رکان ها ۽ ان جي آخر کي انهي پيالي مان سيراب ڪريان ها، جنهن پيالي مانان کي اول سيراب ڪيو هوم، ۽ توھان پنهنجي دنيا کي منهنجي نظرن ۾ ٻڪري جي نڇ کان به وڌيڪحقير ڏسو ها . امام جي ان بيان ۾ اسان کي ھڪ پيغام ملي ٿو تہ ھڪ حاڪم جي ذمہ داري آھي تہ ھو ظالم جي ظلم کان مظلومن کي بچائي . ٻي جڳھ تي امام عليھہ السلام ھڪ خط ۾ جن ارشاد فرمايو تہ : وَ إِنَّ عَمَلَكَ لَيْسَ لَكَ بِطُعْمَةٍ وَ لَكِنَّهُ فِي عُنُقِكَ أَمَانَةٌ وَ أَنْتَ مُسْتَرْعًى لِمَنْ فَوْقَكَ؛ لَيْسَ لَكَ أَنْ تَفْتَاتَ فِي رَعِيَّةٍ وَ لَا تُخَاطِرَ إِلَّا بِوَثِيقَةٍ؛ وَ فِي يَدَيْكَ مَالٌ مِنْ مَالِ اللَّهِ عَزَّ وَ جَلَّ، وَ أَنْتَ مِنْ خُزَّانِهِ حَتَّى تُسَلِّمَهُ إِلَيَّ؛ وَ لَعَلِّي أَلَّا أَكُونَ شَرَّ وُلَاتِكَ لَكَ؛ وَ السَّلَام. ( نھج البلاغہ خط 5 ) ترجمو : هي عهدو تنهنجي لاءِ ڪو معمولي نه آهي، بلڪ اهو تنهنجي گردن ۾ هڪ امانت جو ڳٽآهي، ۽ تون پنهنجي بالا حڪمران جي طرفان حفاظت تي مامور آهين توکي اهو حق نه آهي، ته رعيت جيمعاملي ۾ جيڪي ڪجھ چاهين، سو ڪري گذرين. خبردار! ڪنهن مضبوط دليلي کانسواءِ ڪنهنوڏي ڪم ۾ هٿ نه وجهندو ڪر! تنهنجي هٿن ۾ خدا ۽ بزرگ و برتر جي مالن مان هڪ مال آهي. ۽تون ان مال جو ان وقت تائين خزانچي آهين، جيستائين اهو منهنجي حوالي نه ڪرين.بهرحال آءُ غالباٰ تنهنجي لاءِ برو حڪمران ته نه آهيان. اسلام جي عظيم ليڊر امام علي جن ھن خطبہ ۾ دنيا جي تمام حڪمرانن کي انھن جي ذمہ داري جي طرف اشارو ڪيو آھي مخصوصا اھي حڪمران جيڪي اقتدار کي پنھنجي مرضي خواھش جي مطابق استعمال ڪندا آھن امام انھن کي اھم پيغام ڏنو آھي تہ اھو عھدو ھڪ امانت آھي ۽ رعيت جي معاملي ۾ ڪڏھن بہ نا انصافي نہ ڪئي وڃي دشمنن جي چال کي پرکڻ امام ع جن ۾ ھڪ دور انديشي نظر جنھن ۾ دشمنن جي چال کي سمجھڻ جي صلاحيت ڏانھن اشارو آھي جڏھن خوارج جي طرفان ھڪ شعار ( نعرو ) ھنيو ويو تہ ؛ لا حڪم الا للہ ان جي جواب ۾ امام حيران ڪندڙ جواب ڏنو امام جن فرمايو تہ : كَلِمَةُ حَقٍّ يُرَادُ بِهَا بَاطِلٌ، نَعَمْ إِنَّهُ لَا حُكْمَ إِلَّا لِلَّهِ وَ لَكِنَّ هَؤُلَاءِ يَقُولُونَ لَا إِمْرَةَ إِلَّا لِلَّهِ، وَ إِنَّهُ لَا بُدَّ لِلنَّاسِ مِنْ أَمِيرٍ بَرٍّ أَوْ فَاجِرٍ، يَعْمَلُ فِي إِمْرَتِهِ الْمُؤْمِنُ وَ يَسْتَمْتِعُ فِيهَا الْكَافِرُ وَ يُبَلِّغُ اللَّهُ فِيهَا الْأَجَلَ وَ يُجْمَعُ بِهِ الْفَيْءُ وَ يُقَاتَلُ بِهِ الْعَدُوُّ وَ تَأْمَنُ بِهِ السُّبُلُ وَ يُؤْخَذُ بِهِ لِلضَّعِيفِ مِنَ الْقَوِيِّ حَتَّى يَسْتَرِيحَ بَرٌّ وَ يُسْتَرَاحَ مِنْ فَاجِرٍ. ( نھج البلاغہ خطبہ 40 ) ترجمو : جڏھن امير المومنين خارجين جو قول ” لا حڪم الا لله“ (يعني حڪم الله جي لاءِ ئي خاص آهي) سوٻڌي فرمايائين: ته اهو جملو ته صحيح آهي ، مگر جيڪو مطلب هو وٺن ٿا ، سو غلط آهي. هائو بيشڪ،حڪم ته الله تعالي جي لاءِ ئي خاص آهي ، پر اهي ماڻهو ته ائين به ٿا چوڻ گھرن، ته حڪومت به الله کانسواءِ ڪنهن ٻئي جي ٿي نٿي سگھي، حالانڪه ماڻهن لاءِ هڪ حاڪم جو هجڻ ضروري آهي ، پوءِ اهونيڪ هجي يا نقصانڪار، (جيڪڏھن سٺو هوندو ته) مومن ان جي حڪومت ۾ نيڪ عمل ڪريسگھندا. پر جي (بڇڙو هوندو ته) ڪافر ان جي عهد ۾ لذتن کان مزا ماڻيندا، ۽ الله تعالي ان حڪومت جينظام ۾ هر ڳالھ کي ان جي آخري حدن تائين پهچائيندو. ان ئي حاڪم جي هوندي، مال (خراج ۽غنيمت) گڏ ٿو ٿئي. دشمن سان وڙھي سگھي ٿو، رستا راهون پر امن ٿين ٿا، ۽ طاقت واري کان ڪمزور کيحق ڏياري سگھي ٿو، تانجو نيڪ حاڪم (مري يا معزول ٿي) راحت حاصل ڪندو، ۽ بڇڙي حاڪم جيمرڻ يا معزول ٿيڻ سان ٻين کي راحت ٿي پهچي ( خطبو 40 نھج البلاغہ) اچو ! اسان امام جي ھن خطبہ تي ڪجھ غور ڪيون ھن خطبي ۾ امام باطل جي چھري تان پردو ھٽايو آھي دشمن جي چال کي ناڪام بڻايو آھي ۽ پنھنجن کي آگاہ ڪيو آھي دشمن ڪڏھن ڪڏھن حق جو لبادو پائي ايندو آھي ، امام جي ھن خطبي ۾ امام ھڪ ٻي بہ اھم ڳالھ ڪئي آھي تہ ماڻھن کي حڪمران جي ضرورت ھوندي آحي اھو حڪمران چاھي نيڪ ھجي يا بد ، نيڪ ھوندو تہ مومنن لاءِ سڪون اگر بد ھوندو تہ ڪافر ان مان لذت وٺندا . لھذا عوام الناس کي گھرجي تہ حڪمران جي انتخاب لاءِ ان جي ڪردار جي طرف ضرور نگاہ ڪن امام جي نظر ۾ اقليت جي حقوقن جي پاسداري ممڪن آ ڪجھ افراد اھو تصور ڪن تہ اقليت واري مذھب وارن کي جيڪي اسلامي پناہ ۾ ھجن انھن جو مال ، جان ، محفوظ ھجڻ جو صرف نعرو ھنيو ويو آھي ، مگر حقيقت ۾ اسان انھن کي بيان ڪندا سين تہ اسلامي فقہ ۽ خصوصا امام علي خطبہ 27 ۾ واضح ڪيو آھي تہ ان خطبہ ۾ امام انھن اقليت واري مذھب وارن جي جان ، مال جو حامي رھيا آھن ۽ انھن جي جان ۽ مال حيثيت کي محفوظ شمار ڪيو آھي . ھڪ مرتبہ شام جو لشڪر عراق ۾ ھڪ يھودي عورت جيڪا اسلامي پناہ ۾ ھئي ان جا زيور لٽيا ويا ان تي امام جو سخت رد عمل ظاھر ٿيو امام ، عراقي عوام کي سستي جي ڪري سخت تنبيھ ۽ ملامت ڪئي امام عليھہ السلام جن اقليت وارن جي تحفظ لاءِ اھم پيغام ڏنو تہ جنھن مان ثابت آھي تہ اسلام اقليت وارن جي تحفظ جو وڏو قائل آھي ، بعض ملڪن ۾ اقليت وارن جو احترام نہ ٿو ڪيو وڃي ليڪن اميرالمومنين امام علي ان عمل سان ثابت ڪيو تہ اسلام تمام مذاھب جي احترام جو قائل آھي امام فرمايو : وَ لَقَدْ بَلَغَنى اَنَّ الرَّجُلَ مِنْهُمْ كانَ يَدْخُلُ عَلَى الْمَرْاَةِ الْمُسْلِمَةِوَ الاُْخْرَى الْمُعاهَدَةِ فَيَنْتَزِعُ حِجْلَها وَ قُلْبَها وَ قَلائِدَهاوَ رِعاثَها،ما تَمْتَنِعُ مِنْهُ اِلاّ بِاِلاْسْتِرْجاعِ وَ الاِْسْتِرْحامِ ، ثُمَّ انْصَرَفُوا وافِرينَ، ما نالَ رَجُلاً مِنْهُمْ كَلْمٌ، وَلااُريقَ لَهُمْ دَمٌ. ،فَلَوْ اَنَّ امْرَءاً مُسْلِماً ماتَ مِنْ بَعْدِ هذا اَسَفاً ما كانَبِهِ مَلُوماً، بَلْ كانَبِهِ عِنْدى جَديراً (نھج البلاغہ خطبہ 27) ترجمو؛ مون کي ته اهيبه اطلاع مليا آهن ته: انهي جماعت جو هڪ مسلمان، غير مسلم عورتن جي گهرن ۾ گهڙي ويندو هو۽ پوءِ انهن جي پيرن مان ڪڙيون، هٿن مان ڪنگڻ، ڳچي جو هس ۽ ايرينگ به لاهي پئي آيو، ۽ اُنهنعورتن وٽ اُن کان پاڻ بچائڻ جو ڪو به ذريعو نظر نٿي آيو، سواءِ ان جي ته” انا لله و انا اليه راجعون“ پڙھيصبر کان ڪم وٺن يا خوشامد ڪري، ان کي رحم جي التجا ڪن. هو ته بار سان ڀريل کنيل مال کڻيمري کپي هليا ويا، انهن مان نه ڪنهن کي زخم رسيو ۽ نه ڪنهن جو خون وھيو. هاڻي جيڪڏهن ڪومسلمان اهڙن واقعن ۽ حادثن کانپوءِ ڏک درد ۾ مري وڃي، ته ان کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ يا ڦٽڪار نٿيڪري سگهجي، بلڪہ منهنجي نظر ۾ ته ائين ئي ٿيڻ گهرجي . امام عليھہ السلام جن جناب مالڪ اشتر کي رعيت جي متعلق ارشاد امام فرمايو : وَ أَشْعِرْ قَلْبَكَ الرَّحْمَةَ لِلرَّعِيَّةِ وَ الْمَحَبَّةَ لَهُمْ وَ اللُّطْفَ بِهِمْ، وَ لَا تَكُونَنَّ عَلَيْهِمْ سَبُعاً ضَارِياً تَغْتَنِمُ أَكْلَهُمْ، فَإِنَّهُمْ صِنْفَانِ: إِمَّا أَخٌ لَكَ فِي الدِّينِ وَ إِمَّا نَظِيرٌ لَكَ فِي الْخَلْقِ، يَفْرُطُ مِنْهُمُ الزَّلَلُ وَ تَعْرِضُ لَهُمُ الْعِلَلُ وَ يُؤْتَى عَلَى أَيْدِيهِمْ فِي الْعَمْدِ وَ الْخَطَإِ، فَأَعْطِهِمْ مِنْ عَفْوِكَ وَ صَفْحِكَ مِثْلِ الَّذِي تُحِبُّ وَ تَرْضَى أَنْ يُعْطِيَكَ اللَّهُ مِنْ عَفْوِهِ وَ صَفْحِهِ، فَإِنَّكَ فَوْقَهُمْ وَ وَالِي الْأَمْرِ عَلَيْكَ فَوْقَكَ وَ اللَّهُ فَوْقَ مَنْ وَلَّاكَ وَ قَدِ اسْتَكْفَاكَ أَمْرَهُمْ وَ ابْتَلَاكَ بِهِمْ ( خط 53 نھج البلاغہ ) ترجمو : رعايا جي لاءِ پنهنجي دل جي اندر رحم مهرباني۽ لطف و محبت کي جڳھ ڏي، انهن لاءِ چيري ڦاڙي کائڻ وارو جانور نه بڻج، جو انهن کي ڳهي وڃڻغنيمت سمجهين انهي ڪري جو رعايا ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو آهن، هڪڙا ته تنهنجا ديني ڀائر ۽ ٻي توجهڙي خدا جي مخلوق، انهن جون غلطيون به هونديون، خطائن سان به انهن جو واسطو پوندو، ۽ انهن کانڄاڻي ٻجهي يا ڀلئي ڀلائي غلطيون به ٿينديون، تون انهن کي اهڙي طرح معافي ڏيڻ ۽ درگذر ڪرڻ کانڪم وٺ جهڙي طرح الله تعالي کان پنهنجي لاءِ عفو ۽ درگذر ٿيڻ کي پسند ڪرين ٿو، انهي ڪري جوتون انهن تي حاڪم آهين، ۽ وري تنهنجي مٿان تنهنجو امام حاڪم آهي ۽ جنهن (امام) توکي والي بنايوآهي. تنهن جي مٿان الله تعالي آهي، ۽ اهو توکان انهن ماڻهن جا معاملات سلجهائڻ چاهي ٿو، ۽ انهن جيذريعي تنهنجي آزمائش ڪئي آهي، ۽ ڏس! خبردار! الله تعالي سان مقابلي لاءِ آماده نه ٿجئين ڇو جو ان جيغضب جي سامهون تون بيوس آهين، ۽ ان جي معافي ۽ رحمت کان بي پرواه نٿو ٿي سگهين. ڪنهن کيبه معاف ڪرڻ تي توکي پڇتائڻ ۽ سزا ڏيڻ تي وڏائي ڪرڻ نه گهرجي ڪاوڙ ۾ تڪڙ کان ڪم نه وٺ،جڏهن ان کي ٽارڻ جي گنجائش به هجي ڪڏهن به ائين نهچئجئين ته آءُ حاڪم بنايو ويو آهيان، تنهنڪري منهنجي حڪم جي اڳيان راضي ٿيڻ گهرجي، ڇو جو اهو دل ۾ فساد پيداڪرڻ، دين کيڪمزور بنائڻ ۽ بربادين کي قريب آڻڻ جو سبب آهي، ۽ جيڪڏهن حڪومت جي سببان تو ۾ شان ياغرور پيداٿئي، ته پاڻ کان بالاتر الله تعالي جي ملڪ جي عظمت کي ڏس، ۽ خيال ڪر، ته هو توتي ايتريقدرت رکي ٿو، جهڙي تون خود پنهنجو پاڻ تي نٿو رکين. اها ئي ڳالھ تنهنجي هٺ وڏائي ۽ سرڪشي کيدٻائيندي، ۽ تنهنجي سختين کي روڪيندي ۽ وڃايل عقل کي واپس آڻيندي. امام جي خطبہ جي ھن حصي ۾ ھڪ ورھاست بيان ٿيل آھي جنھن ۾ تمام افرادن کي ھڪ ورھاست سان انھن کي حقن جي سفارش ڪئي آھي ۽ بغير ڪنھن نسلي ۽ مذھبي فرق سان حڪومت جي نظر ۾ ھڪ ئي آھن ۽ سڀئي برابر حقدار آھن بغير ڪنھن کي گھٽ يا وڌ شمار ٿئي ھر شخص جي خواھش ھوندي آھي تہ ھو ڪنھن بہ مسئلي جي ور نہ چڙھي پوءِ ھو پاڻ جي مٿان ڪنھن حڪمران کي انتخاب ڪندو آھي تاڪہ ھو ايندڙمشڪلاتن کي حل ڪري اھي مسئلا چاھي سياست سان مربوط ھجن ، يا اقتصاد جا مسئلا ھجن ، يا اجتماعي مسائل ھجن يا عبادي مسئلا ھجن يا اھڙي طرح مقرر قانون جيڪي عوام ۽ حڪمران جي حق ۾ طئي ٿيل آھن انھن تي عمل ڪرائڻ جا مسئلا ھجن دشمنن کان دفاع جا مسئلا ھجن اھي تمام مسائل حڪمران جي ذمہ آھن اسلام جو عبادي نظام بہ دراصل حڪومت جي تشڪيل لاءِ ۽ عناصر سياسي پڻ آھي عبادي نظام جنھن سان خدا سان رابطو قائم ٿئي ٿو مگر بندن سان رابطو پڻ قائم ٿئي ٿو امام حسين جي نظر ۾ حڪومت جا ھدف امام حسين جڏھن مڪي کان نڪري رھيا ھئا تہ ھڪ وصيت ارشاد فرمايائون جنھن ۾ حڪومت جا بيان ھدف آھن بِسْمِ اللّهِ الرَّحْمنِ الرَّحیمِ هذا ما أَوْصى بِهِ الْحُسَیْنُ بنُ عَلِىِّ بْنِ أَبِی طالِب إِلى أَخیهِ مُحمَّد الْمَعْرُوفِ بِابْنِ الْحَنَفِیَّةِ: أَنَّ الْحُسَیْنَ یَشْهَدُ أَنْ لا إِلهَ إِلاَّ اللّهُ وَحْدَهُ لا شَریکَ لَهُ، وَ أَنَّ مُحَمَّداً عَبْدُهُ وَ رَسُولُهُ، جاءَ بِالْحَقِّ مِنْ عِنْدِ الْحَقِّ، وَ أَنَّ الْجَنَّةَ وَ النّارَ حَقٌّ، وَ أَنَّ السّاعَةَ آتِیَةٌ لارَیْبَ فیها، وَ أَنَّ اللّهَ یَبْعَثُ مَنْ فِی الْقُبُورِ، وَ أَنّی لَمْ أَخْرُجْ أَشِراً، وَ لا بَطِراً، وَ لا مُفْسِداً، وَ لا ظالِماً، وَ إِنَّما خَرَجْتُ لِطَلَبِ الاِصْلاحِ فِی أُمَّةِ جَدِّی، أُریدُ أَنْ آمُرَ بِالْمَعرُوفِ وَ أَنْهى عَنِ الْمُنْکَرِ، وَ أَسیرُ بِسیرَةِ جَدِّی وَ أَبی عَلىِّ بْنِ أِبی طالِب(علیه السلام)، فَمَنْ قَبِلَنِی بِقَبُولِ الْحَقِّ فَاللّهُ أَوْلى بِالْحَقِّ، وَ مَنْ رَدَّ عَلَىَّ هذا أَصْبِرُ حَتّى یَقْضِىَ اللّهُ بَیْنی وَ بَیْنَ الْقَوْمِ بِالْحَقِّ وَ هُوَ خَیْرُ الْحاکِمینَ، وَ هذِهِ وَصِیَّتِی یا أَخی اِلَیْکَ وَ ما تَوْفیقی إِلاّ بِاللّهِ عَلَیْهِ تَوَکَّلْتُ وَ إِلَیْهِ أُنیبُ». . مقتل الحسین خوارزمى، ج 1، ص 188-189 و بحارالانوار، ج 44، ص 329-330 ترجمو ؛ شروع اللہ جي نالي سان جيڪو مھربان ٻاجھارو رحم ڪرڻ وارو آھي ھي وصيت امام حسين عليھہ السلام جي طرفان ان جي ڀاءُ محمد حنفيہ جي نالي بيشڪ ( آءُ ) امامحسين بن علي شاهدي ڏئي ٿو ته خدا کان سواءِ ڪو به معبود ناهي. هو اڪيلو آهي جنهن جو ڪو به شريڪ نه آهي. ۽ اهو سچ آهي ته محمد صلي الله عليه وآله وسلم ان جو ٻانهو ۽ ان جو رسول آهي جيڪو حق ( اللہ ) کان حق ٿي آيو ۽ اھو بھشت ۽ دوزخ سچ آھي، ۽ قيامت جي گھڙي اچي رھي آھي، ۽ ان ۾ ڪو شڪ ڪونھي. ۽ اھو ته الله انھن سڀني کي اٿاريندو جيڪي قبرن ۾ آھن مون جو قيام سير تفريح لاءِ ناھي ۽ نه وڏائي ۽ وڏائي جي ڪري، ۽ نه فساد ۽ فساد جي ڪري، ۽ نه ظلم ۽ تشدد جي ڪري! بلڪه منهنجو خروج ( مدينہ کان نڪرڻ ) منهنجي جد محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي امت جي اصلاح لاءِ آهي. مان چاهيان ٿو ته نيڪيءَ جو حڪم ڏيان ۽ بڇڙي ڪم کان روڪيان. ۽ پنهنجي ناني ۽ منهنجي والد علي بن ابي طالب عليھہ السلام جي سنت ۽ طريقي تي عمل ڪرڻ. پوءِ جيڪو مون کي مڃي ٿو ۽ سچ کي قبول ڪري ٿو، سو خدا وڌيڪ حق جو حقدار آهي ۽ جيڪو به مون کي رد ڪندو ۽ مون کي ان معاملي ۾ قبول نه ڪندو ته مان صبر ڪندس جيستائين خدا منهنجي ۽ هن جماعت جي وچ ۾ ڪو فيصلو ڪري. ۽ ھو اھو آھي جيڪو بھترين حاڪم آھي . ۽ ھي منھنجي وصيت آھي توھان لاءِ، منھنجا ڀاءُ! ۽ منهنجي تصديق ۽ ڪاميابي الله کان سواءِ نه آهي. مون هن تي ڀروسو ڪيو، ۽ مان هن ڏانهن واپس موٽايو ويندس ۽ سلام هجي تو تي ۽ ان تي جيڪو هدايت جي پيروي ڪري ۽ ڪابه چرپر ناهي، ۽ ڪابه طاقت ناهي. سواءِ خدا جي، جيڪو اعليٰ ۽ عظيمآھي . امام حسين جي وصيت مان ڪجھ سياسي ، اعتقادي ۽ اخلاقي پھلو 1_ قيام جو ھدف امام حسين وقت جا امام آھن ان ڪربلا جي ان قيام سان دنيا جي تمام حڪمرانن کي يادگار سبق ڏئي ڇڏيو تہ ھميشہ پنھنجو ھدف واضح رکو ڇا ٿا ڪرڻ چاھيو . 2_ حق جي عقيدہ جو اظھار جنھن معاشري ۾ باطل عقيدہ ھجن اتي پنھنجا حق وارا عقيدہ واضح ڪيون . 3_ نمونہ عمل : امام ھن وصيت ۾ پنھنجو تعلق بيان ڪيو آھي تہ مان ڪنھن جي سيرت تي ھلي رھيو آھيان اگر ڪو اعتراض ڪري تہ امام پنھنجي خواھش مطابق قيام لاءِ نڪتو تہ انھن کي جواب آھي تہ امام جو اھو ئي رستو آھي جيڪو امام جي نانا رسول ﷺ ۽ بابا علي جو رستو ھيو . 4_ نيڪين جي ھدايت ۽ براين کان روڪڻ ، معاشري جي اصلاح خاطر ان جي ماڻھن کي نيڪ بڻائڻ ۽ براين کان بچائڻ ھر فرد جي ذمہ داري آھي خصوصا ان علائقہ جي اڳواڻ تي وڌيڪ ذميداري آھي ان ڪري امام جن جڏھن قيام لاءِ خروج ڪن پيا تہ اھو واضح موقف بيان ڪيو تہ مان نانا جي امت جي اصلاح ڪرڻ چاھيان ٿو . 5_ مقصد جي حصول لاءِ ماڻھن کان مدد امام ھدف حاصل ڪرڻ خاطر ماڻھن کان مدد وٺڻ لاءِ سختي نہ اپنائي بلڪہ آزاد ڇڏيو تہ جيڪو چاھي ٿو حق جي مدد ڪري اھو امام حسين جو ساٿ ڏئي . 6_ خدا تي ڀروسو امام ھن وصيت ۾ ماڻھن کان مدد وٺڻ لاءِ اعلان ڪيو آھي مگر جيڪي امام جي مدد نہ پيا ڪن امام انھن کان انتقام لاءِ صرف اھو چيو آھي تہ ، جيڪو به مون کي رد ڪندو ۽ مون کي ان معاملي ۾ قبول نه ڪندو ته مان صبر ڪندس جيستائين خدا منهنجي ۽ هن جماعت جي وچ ۾ ڪو فيصلو ڪري. ۽ ھواھو آھي جيڪو بھترين حاڪم آھي . اھڙي طرح امام حسين جن جڏھن مڪي کان ڪربلا جي طرف راھي ٿيا تہ شاعر فرزدق سان ملاقات ٿي ، امام حسين جن ان کان ڪوفي جي ماڻھن جو احوال ورتو ان جي جواب ۾ فرزدق عرض ڪيو تہ مولا ، ڪوفہ وارن جون دليون توھان سان گڏ آھن ۽ تلوارون توھان جي خلاف آھن ، ان کان بعد امام (علیه السلام) فرزدق کيفرمايو ؛ یا فَرَزْدَقُ اِنَّ هؤُلاءِ قَوْمٌ لَزِمُوا طاعَةَ الشَّیْطانِ وَ تَرَکُوا طاعَةَ الرَّحْمانِ وَ أَظْهَرُوا الْفَسادَ فِی الاَرْضِ وَ اَبْطَلُوا الْحُدُودَ وَ شَرِبُوا الْخُمُورَ وَ اسْتَأْثَرُوا فِی أَمْوالِ الْفُقَراءِ وَ الْمَساکینَ وَ أَنَا أَوْلى مَنْ قامَ بِنُصْرَةِ دینِ اللّهِ وَ إِعْزازِ شَرْعِهِ وَ الْجِهادِ فِی سَبِیلِهِ؛ لِتَکُونَ کَلِمَةُ اللهِ هِىَ الْعُلْیا» ( اعيان شيعہ ج1 ص 594 ) ترجمو (اي فرزدق! هي اهي ٽولا آهن جن شيطان جي تابعداري قبول ڪئي ۽ خدا جي فرمانبرداري کي ڇڏي ڏنو ۽ زمين ۾ فساد برپا ڪيو ۽ خدا جي حدن کي تباهه ڪيو ۽ شراب کي پيتو ۽ غريبن ۽ مسڪينن جي مال کي پنهنجو ڪيو. مان اللہ جي دين جي نصرت ڪيان ۽ دين جي عزت کي باقي رکڻ ۽ ان جي راهه ۾ جهاد ڪرڻ جو وڌيڪ حقدار آهيان ته جيئن الله جي دين جي فتح ٿئي. ان بيان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته امام عليه السلام ڪنهن به صورت ۾ ڪوفي جي ماڻهن جي حمايت ۽ وفاداريءَ جو خيال نه رکندا هئا، بلڪہ انهيءَ سرزمين ڏانهن وڃي رھيا هئا، جتي سندن شهادت سان عالم اسلام ۾ هڪ وڏو انقلاب اچي ويندو. امام عليہ السلام جن ظالمن جي طاقت جا بنياد، ۽ تسلط کي ڊاهڻ ئي پنهنجو فرض سمجهو هو، ۽ فرزدق جي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ بہ امام ع پنهنجو رستو نہ مٽايو ۽ نہ وري مڪي ڏانهن موٽيا ۽ نہ وري ڪو ٻيو رستو اختيار ڪيائون ، اھڙي طرح ڪربلا کان بعد تمام آئمہ اھلبيت ديني حڪومت جي قيام لاء اھم اھداف بيان ڪيا آھن انھن گھڻي ڪوشش ڪئي تہ حڪومت ڪنھن ديندار حاڪم جي حوالہ ٿئي . نتيجو : قرآن ۽ اھلبيت جي نگاہ ۾ دين ۽ حڪومت جو رابطو تمام گھرو رابطو آھي ڇو تہ اسلام اصول دين ۽ فروع دين ، ۽ تاريخ جي لحاظ کان حڪومت ۽ سياست سان مليل آھي . جيڪو بہ قرآن شريف آيتن ۽ ائمہ معصومين جي سنت ڏانھن نگاہ ڪندو تہ ان کي صاف اھو ڏسڻ ۾ ايندو تہ دين ۽ سياست ۾ ھميشہ کان رابطو رھيو آھي ۽ رھندو. ۽ جيڪڏھن ڪو دين ۽ سياست کي جدا ڪرڻ چاھي ٿو تہ اھو ان جي لاءِ ھڪ نا ممڪن ڪم آھي. اھو ائين آھي جيئن اسلام کان اسلام جدا ڪرڻ . ان ڳالھ جي شاھدي اسان کي اسلام جي تاريخ مان ملي ٿي تہ جڏھن پاڻ سڳورن ﷺ مڪي کان مدينہ جي طرف ھجرت ڪئي تہ سڀ کان پھريان جنھن ڪم انجام ڏنائون اھو اسلامي حڪومت جو تشڪيل ٿيڻ آھي. اھڙي طرح فقہ جا ڪتاب بہ ٽن قسمن ۾ آھن 1 ؛ عبادات ، 2 ؛ معاملات ، و 3 ؛ سياسات . ان ڪري قرآن و احاديث نبوي و اقوال معصومين جي نظر ۾ دين ۽ سياست کي جدا سمجھڻ جو تصور بہ ناممڪن آھي ، اسلام جا تمام معاملات چاھي اھي سياست جا ھجن اقتصاد جا ھجن ، يا دنيا جي ڪنھن ٻئي شعبہ سان وابستہ ھجن اھي سڀني فردن تي لاڳو ھوندا آھن انھن جا تمام احڪام ھڪ ئي حڪم سياست ۾ آھن حتي ان جي نماز ، حج ، زڪوٰت ، خمس ، ۽ ٻيا امور بہ سياست سان وابستہ آھن ، اسلام جا احڪام اخلاقي بہ سياسي آھن . ان جي ڪري قرآن ۾ واضح حڪم آھي تہ ، إِنَّمَا الْمُؤْمِنُونَ إِخْوَةٌ . ترجمو ؛ بيشڪ مومن پاڻ ۾ ڀائر آھن . اھڙي طرح اسلام جا ڪافي احڪام عبادي ، اجتماعي و سياسي مفاد مطابق آھن يعني اھي عبادتون اصولي طور تي سياست تي مبني آھن جيڪي معاشري جي ڀلائي لا ءِآھن . بس دلايل عقلي ۽ نقلي ( قرآن ۽ اھلبيت ع ) سان ثابت ٿيو تہ دين جو سياست سان تمام گھرو رابطو آھي ان ڪري تعليمات اسلامي کي سياسي مسائل کان جدا رکڻ ناممڪن آھي . مددي ڪتاب 1_ قرآن مجيد 2_ بحارالانوار، 3_ نھج البلاغہ 4 _ مقتل الحسین خوارزمى 5_ اعيان شيعہ 6_ آشنايي با اديان بزرگ 7_ فرھنگ علوم سياسي 8_ لغت نامہ دھخدا 9_ فرھنگ جاسمي 10_ اصول ڪافي