ليکڪ محمد حيات بلوچ اڄ انهي شخصيت جي پنجين ورسي آهي، جيڪا سنڌ جي ثقافت راڄ ڀاڳ راڄوڻي فيصلن جي املهه شخصيت هئي. ٽنڊي آدم جي ويجهو سنجر خان جوڻيجي جو ڳوٺ آهي. سنجر خان تر جو برک زميندار هو. سنجر خان ۽ تاج محمد ٻه ڀائر هئا. ٻئي وضعدار شخصيتون هيون. شاهنواز جوڻيجو سنجر خان جوڻيجي جو فرزند هو سنجر خان جا ٻيا به فرزند هئا پر جنهن پنهنجي برادري ۽ والدين جو نالو روشن ڪيو، اهو شاهنواز جوڻيجوهو. شاهنواز تي والد جي وفات بعد جڏهن ذميواريون آيون ته هو ان وقت ڪو وڏو زميندار به نه هو . بس کيس ماني مڇي وارو سڏي سگهجي پيو. پر هن پنهنجي ڏاهپ، اخلاق، اٿ ويهه سان اهڙو ته نالو ڪڍيو جو اڄ به سنڌ جو عوام کيس ياد ڪري ٿو. هو سنڌ جي ثقافت ميلن ملاکڙو جو مور هو. ڪو به ميلو يا ثقافتي ميڙاڪو سندس شرڪت کان خالي نه هوندو هو. ملهه پهلوانن جي پرگهور لهڻ کي هو پنهنجو اخلاقي فرض تصور ڪندو هو. سندس اوطاق ڪشادي ۽ هر وقت ڪچهري جو ڏيک ڏيندي هئي. صبح جي رات يا ڏينهن ته سندس ڳوٺ ۾ ڄڻ ميلو متل هوندو هو. ماڻهو ڪٿان ڪٿان ڪهي وٽس پنهنجو داد فرياد کڻي ايندا هئا. جڏهن وزير هو تڏهن به صبح جو ڏينهن پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ گهاريندو هو. ملاکڙي ۾ وري سندس فرمان اهو هوندو هو ته ڪو به پهلوان اڳتي پوئين جو اکر استعمال نه ڪندو ته ملهه مڙسان مڙسي وڙهڻي پوندي، پنهنجي پرائي جو حساب نه رکڻو پوندو جيڪو واري ۾ اچي ته ان تي قياس ناهي ڪرڻو ۽ اهائي ملهه چئبي. سندس موجودگي ۾ ملهه وڙهندڙ پهلوانن هڪ ٻئي کي ٻوڙي ڇڏيندا هئا. انعام ڏيڻ جو ڀلوڙ هو ۽ ملهه پهلوان به کيس وڏو مان مرتبو ڏيندا هئا. فخر سنڌ الهجڙيو سمون ته ڄڻ سندس پاليل ملهه پهلوان هو جيڪو هر وقت هن جي اوطاق تي موجود هو ۽ رهندو ئي اتي هو. شاهنواز جوڻيجو قد جو ٺيڪ ٺاڪ، بت ۾ ڪو گهڻو ڀريل نه هو، گهوڙن جو شوقين هو. وفات بعد، هو ڀلا گهوڙا ڇڏي ويو هو. خاص طرح سندس ناماچاري هن جي راڄوڙي فيصلن جي ڪري اوج ٿي پهتو. سندس فيصلا منڊي تي ٽڪ هوندا هئا. سڄي سنڌ ۾ جتي به راڄوڙي جي ضرورت پوندي هئي. چاچا شاهنواز جي موجودگي تمام ضروري سمجهي ويندي هئي ۽ ڌرين کي جڏهن اها ڄاڻ ملندي هئي ته امينن ۾ شاهنواز جوڻيجو به شامل آهي ته اهي به سک جو ساهه کڻندا هئا ۽ کين فيصلو ٻڌڻ کان اڳ ئي خاطري ٿي ويندي هئي ته ساڻن انصاف ٿيندو، شاهنواز جوڻيجو سياست ۾ به ڪامياب رهيو. هو سندس جي واحد شخصيت طور سامهون آيو جنهن جو سنڌ جي ٻن گادين پير صاحب پاڳاري ۽ مخدوم صاحبان سان هڪجهڙو قرب ۽ لاڳاپا رهيا. اڪيلي شخصيت جو اهو ئي ڪمال هو جو ٻنهي درگاهن کي راضي رکندو آيو. دشمني ڪنهن سان به ڪون پايائين. سدائين دوست پيدا ڪندو هو. سندس راڄوڻي فيصلن ۾ امين جي حيثيت ۾ ايتري ته هاڪ ٿي جو هو سنڌ جي جهرجهنگ مشهور ٿي ويو. 1994 آهي يا 1997 جي عام چونڊ. ان ڀيري پيپلز پارٽي پاران پهريون ڀيرو پنهنجي خاندان جي فرد مخدوم سعيدالزمان کي اربابن جي علائقي ننگر پارڪر مان صوبائي سيٽ تي اميدوار بيهاريو ان ڀيري اربابن جي مخالفت ڪندڙ ڳري ڇپ غلام محمد لاٽ سندس مقابل هو. انهيءِ سيٽ تي جتي ڪنهن جو پنهنجو اثر رسوخ هو سو ڪم آيو پر وڌيڪ شاهنواز جوڻيجي جي هاڪ، سندس شخصيت وڏو ڪردار ادا ڪيو. انهيءَ تڪ ۾ جوڻيجا برادري جو به وڏو ووٽ بينڪ هو. جن کي تڪ ۾ اهو چوندي ٻڌبو هو ته اسن جو سردار خبر ناهي ڪڏهن اسان کي ديدار ڪرائيندو، انهيءَ علائقي جا جوڻيجا شاهنواز کي پنهنجو سردار ڪري سڏيندا هئا، جڏهن ته شاهنواز بذات خود ڪڏهن به سرداري جو نه تمنا ڪئي ۽ نه هام هنئي. پوءِ جڏهن مخدوم امين فهيم سان گڏ شاهنواز جوڻيجو، ننگرپارڪر تڪ ۾ چونڊ مهم تي نڪتو ته اتان جي عوام ۾ هڪ نئون ولولو پيدا ٿيو پ پ جي ڪئمپ ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿيندي وئي ۽ چونڊ نتيجو پ پ جي حق ۾ آيو، مطلب ته چاچا شاهنواز انيڪ خوبين جو مالڪ هو. هن کي راڄ ٺاهڻ، دوستيون وڌائڻ، سنڌ جي ثقافت کي اوج ڏيارڻ جا گڻ ايندا هئا. اهو ئي سبب هو جو کيس ڪلاسيڪل وڏيري جو لقب عطا ٿيو. هن کي اسان کان جدا ٿئي 5 سال ٿي ويا آهن پر سندس، ڪارناما، راڄوڻي فيصلا، اڄ به کيس زنده رکيو اچن. **