" اسين ڇو وساريون اوهين ٿا وساريو" جهڙن وڻندڙ لفظن جي شاعر محمد جمن ھالو مرحوم جي شخصيت ۽ شاعري تحرير : عبدالله جروار ننڍپڻ کان ريڊيو ٻڌڻ جو شوق هوندو هو. ريڊيو تي جيڪي ان زماني ۾ مشهور ڪلام هلندا هئا انهن ۾ محمد ابراهيم جي آواز به ڪلام بيحد مقبول هوندا هئا. جن جا ٻول هي هئا. "مون تي رک نه ميار آئون تان اصلئون تنهنجو آهيان" ٻيون ڪلام "اسين ڇو وساريون اوهين ٿا وساريو" هن ڪلامن جو خالق محمد جمن ھالو صاحب هو. اهڙي طرح سندن ٻيا ڪلام مختلف فنڪارن جي آواز ۾ ٻڌڻ جو موقعو مليو. ڪافي وقت کان محمد جمن ھالو مرحوم تي مضمون لکڻ چاهيم پئي. روايتي سستي سبب اهو به نه لکجي سگهيو. ڪجھ ڏينھن اڳ انٽرنيٽ تي سرچ ڪندي محمد جمن ھالو صاحب جن جي شاعري جو ڪتاب " وندر ۾ ورلاپ" پي ڊي ايف ۾ مليو. جنهن ۾ سندن شخصيت بابت مختصر لکيل هو تقريبن اهو ئي مواد هو جيڪو حضرت سائين طالب المولي ا صاحب جن پنهنجي ڪتاب "ياد رفتگان" ۾ لکيو آهي. اسان ريڊيو تي محمد جمن ھالو صاحب جن جون ڪافيون ٻڌيون آهن. پر سندن ڪتاب "وندر ۾ ورلاپ" ۾ مختلف ٻين صنفن تي به طبع آزمائي ڪيل آهي. جن ۾ حمد، باري تعالي ا، نعت رسول مقبول ﷺ محرم نامون، ٽيھ اکري، صوفي ڪلام، ڪافيون ۽ مسدس خاص طور تي سنڌ جي ناليواري راڳي ماسٽر محمد ابراهيم جن جي ياد ۾ ڪيل شاعري پڻ شامل آهي، هڪ نظر محمد جمن ھالو صاحب مرحوم جي زندگي تي وجهون، محمد جمن ولد احمد هالو، 22 فيبروري 1911ع تي ٺٽي ۾ ڄائو. محمد جمن هالو اڃان ڏهن سالن جو هو تہ سندس والد گذاري ويو. محمد جمن هالو تعليم حاصل ڪري نہ سگهيو ۽ اباڻي رازڪي ڌنڌي کي لڳي ويو. روزگار جي تلاش ۾ 1926ع ۾ ڪراچيءَ لڏي ويو. ڪراچي اچڻ جي ڏھن سالن کان پوءِ شاعري شروع ڪيائين. بزم نظاميءَ ۾ شعر پڙهيائين. سندس لاڙو خاص طور ڪافيءَ ڏانھن ٿيو. بزم طالب الموليٰ، سرشار، عقيلي، هالي ۽ ٻين شاعرن جون ڪافيون مقبول ٿيون. هالي جون ڪافيون عروض ۽ موسيقيءَ جي مخصوص وزن ۽ انداز ۾ آهن. هالي صاحب جي ڪلام جا مجموعا ”ڪلام ھالو فقير“ 1934ع، ”ڪلام ھالو فقير“ 1943ع،، ”سوز عشق“ 1963ع ۽ ”وندر ۽ ورلاپ“ 1991ع شايع ٿي چڪا آهن. سندن ڪلام سنڌ جي ناليوارن فنڪارن ڳايو آهي. منهنجي خيال ۾ سندن شروعاتي ڪلام جيڪو مختلف فنڪارن ڳايو اهو گراموفون رڪارڊ جي صورت ۾ موجود آهي. سندن مشهور ڪلامن جو مختصر تفصيل هن طرح آهي. مون تي رک نه ميار (ماسٽر محمد ابراهيم) اسين ڇو وساريون ( ماسٽر محمد ابراهيم) اسين ته جن لئه واجھ وجهون ٿا ( بي اي غزالہ) مارو منهنجا ايندا سانگي منهنجا ايندا ( بي اي غزالہ) ايندم شال عجيب (محمد ابراهيم اڀو) پنهون پار تنهنجا پکين کا پڇايان ڇڏي ڏير ويئڙا ( امينه صادق) پنڊ پڇائي پورب جا ( محمد ابراهيم اڀو) سڄڻ ڪري سينگار (روبينه قريشي) منهنجو ساھ سڄڻ توکي ساري(عبدالله ڪڇي) منھنجي مار ڏي شل مينهن پوڻ (الھ بچائي نابينا) مديني جا مالڪ مديني گهرايو سميت ڪافي شاعري مختلف فنڪارن ڳائي آهي. محمد جمن هالي جا ڪتاب ٻيهر ڇاپيا وڃن جيئن سندن شاعري کي ٻيهر عام ڪري سگهجي. هي ناليوارو شاعر جيڪو پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن هو. ماسٽر محمد ابراهيم سان محمد جمن هالي جي ملاقات ريڊيو اسٽيشن ڪراچي تي ٿي. جنهن کان پوء آخر دم تائين اهو سلسلو قائم رهيو. محمد جمن هالي صاحب پنهنجي شاعري ۾ ماسٽر محمد ابراهيم کي هنن لفظن ۾ ياد ڪيو آهي. سڀئي روح سان راڻو ويو راڳ ڳائي ڪيئين سنڌ سائي، سارنگ سڻائي، سڄي سنڌ پنهنجي سڪائي ويو آ، سڀئي بيت شاه جا ٻڌائي ويو آ صبح شام محفل مچائي ويو آ، جڏن کي به گويو بڻائي ويو آ، ڇڏئين رات ساري ويٺي وهائي، ڪيئين سنڌ سائي ته سارنگ سڻائي، هزارن جو ابراهيم استاد آهي، نئون رنگ هنجو ته ايجاد آهي سڄي سنڌ هن مان ته شاد آهي، نه هڻ ساڻ ڪنهنجي امداد آهي، ويو وقت پنهنجو وارو وڄائي، ڪيئين سنڌ سائي، سارنگ سڻائي، بلي ڇو ته ماستر گذاري ويو آ، مگر مئل دليون جياري ويو آ، سڀيئي سر شاھ جا اجاري ويو آ، ويو راڳ سنڌي آ سارو بچائي، ڪيئين سنڌ سائي، سارنگ سڻائي. سنڌ جي هن ناليواري پورهيت شاعر محمد جمن هالي صاحب جن جي وفات 24 آگسٽ 1977ع تي ٿي. سنڌ جا سرڪاري يا غير سرڪاري اشاعتي ادارا محمد جمن هالي مرحوم ڇپيل ڪتابن کي ٻيهر ڇپائي هيٺ آڻين ته جيڪر سنڌ جي علمي ادبي خزاني ۾ خاطر خواھ اضافو ٿي سگهي. (روزاني آجيان شڪارپور سنڌ تاريخ 29 فيبروري 2024ع بروز خميس) روزاني آجيان شڪارپور سنڌ)