منهنجو بطور استاد پهريون اسڪول وليج ڪامارو شريف جون يادگيريون (1) تحرير : عبدالله جروار جيئن ته سال 1982 ع ۾ پرائمري استاد جي نوڪري ملي پهرين جوائننگ ڪامارو شريف اسٽيشن ۽ هڪ مهيني بعد پرائمري اسڪول ڪامارو شريف وليج جوائن ڪيو. ڪامارو شريف وليج ۾ سنڌ جي ناليواري شاعر بزرگ اولياء پير اشرف شاھ قريشي جي درگاھ ۽ سندن ئي خاندان جا قريشي پير صاحبان آباد آهن. هي قديمي ڳوٺ آهي. هي قريشي پير صاحبان بنيادي طور تي وڏا زميندار آهن. اسان جي وڏڙن جا هتي بزرگن سان ويجها تعلقات رهيا آهن. جو ڏاڏا مرحوم حاجي بهارالدين جروار جا عربستان ڏانهن ڪيل سفر ۾ پير صاحبان ڏاڏا سائين لاء بيحد مددگار رهيا. ڏاڏا سائين به پير صاحبان سان سٺو نباهيو. پير خان محمد قريشي صاحب جن پنهنجي وقت جا داناء، حڪيم ۽ بهتر سياسي حڪمت عملي سان هلندڙ شخصيت هئا . بابا سائين 1954 - 56 ڌاري هتي پڙهڻ لاء آيو جو ان وقت ڪاماري شريف ۾ مڊل اسڪول قائم ٿيو هو. جنهن ۾ انگريزي سائين محمد خان سريوال صاحب پڙهائيندو هو. ٻيو استاد شايد سائين محمد يوسف شاڪر ابڙو نصرپوري ۽ سائين محمد آچر لاشاري صاحب به هئا . پير صاحبان ديني ۽ عربي تعليم لاء مولوي جميل صاحب کي پنهنجي خرچ تي رکيو هو. پرائمري اسڪول جنهنجو ذڪر ڪريون پيا. پراڻي زماني کان قائم هن اسڪول کي سرڪاري عمارت نه هئي جنهن تي پير صاحبان طرفان پنهنجي خرچ تي ٺهرايل چئن وڏن ڪمرن تي مشتمل شاندار عمارت ٺاهي اسڪول حوالي ڪيائون . جنهن ۾ ٻار پڙهندا هئا. ٻارن جي تعداد مطابق ان وقت به تي ڪمرا اسڪول حوالي هئا. جڏهن ته هڪ ڪمرو پير صاحبان وٽ پاڻ وٽ رکيو. پير صاحبان ۾ سائين پير اسماعيل صادق قريشي صاحب جن عالم دين به هئا. دارالعلوم ديوبند جا فارغ التحصيل هئا. ان وقت پاڻ حيدرآباد ۾ رهندا هئا. سندن معمول هوندو هو جو سويري ڳوٺ پنهنجي زمينن تي پهچندا هئا. جتان گهمي ڦري ڪم ڪار ڏسي منجهند جو ڳوٺ ايندا هئا. جتي آئي وئي سان ملڻ زمينن جا ليکا ڏيتي ليتي جي نظرداري ڪندا هئا. جڏهن ته سائين پير ابراهيم خليل قريشي صاحب جن ڳوٺ ئي رهندا هئا. سائين خليل جن اڪثر گهر ئي هوندا هئا. مسجد ۾ فرض نماز جماعت جي پابندي سان ادا ڪندا هئا. آئي وئي مهمان مسافرن جي کاڌي پيتي رهائش وغيره جو انتظام سندن طرفان هوندو هو. سائين جن جون خليفو خاص فقير جعفر علي خاصخيلي مرحوم هو. جيڪو هر آئي وئي جي حاضري چڱي نموني ڀريندو هو. فقير جعفر صاحب سادو ۽ سڌي ڳالھ ڪرڻ وارو انسان هو. جڏهن پير صاحبان جي اعتماد وارن ماڻهن ۾ چاچا حاجي مير محمد لغاري صاحب مرحوم، چاچا محمد خان لغاري مرحوم ۽ سيٺ محمد صالح هاليپوٽو مرحوم هئا. جڏهن ته اسڪول سنڀالڻ جي ذميواري ان وقت سائين پير بشير احمد قريشي صاحب جن جي حوالي هئي. ان وقت بوائز پرائمري اسڪول ۾ لڳ ڀڳ پوڻا به سئو کن ٻار هئا. جڏهن ڳوٺ ۾ گرلس پرائمري اسڪول به قائم هو جنهن ۾ ڇوڪريون پڙهنديون هيون. پير بشير قريشي صاحب جن سائين پير ابراهيم خليل جن جا وڏا فرزند هئا. ان وقت جنرل ضيا جي دور ۽ ضلع ڪائونسل حيدر آباد جا ميمبر ٿيا هئا. پير بشير صاحب جن ڳوٺ ۾ وڏو ريزڪي دڪان به کوليو هو. جنهن ۾ پاڻ به ويهندو هو. سائين مجاهد محمد آچر لاشاري صاحب جن کي رٽائرڊ ٿيڻ کان پوء دڪان جي ذميواري حوالي ڪيل هئي. اسان استادن جي ماني ۽ چانھ وغيره توڙي رهائش جو انتظام به سائين پير خليل قريشي صاحب جن جي ذمي هو. پير صاحبان جي تعليم سان دلچسپي سبب پير بشير قريشي صاحب جن ڪاماري اسٽيشن کان ڪامارو شريف وليج تائين ٻارن ۽ استادن کي کڻڻ لاء پهريائين سوزوڪي پڪ اپ ۽ بعد ۾ داٽسن لڳائي جيڪا صبح جو اسڪول لاء ٻار کڻي ايندي هئي موڪل بعد کين واپس ڪامارو اسٽيشن پهچايو ويندو هو. شروع شروع ۾ ته اسان ٽنڊي الهيار کان ڪامارو اسٽاپ بس تي ايندا هئاسين. بعد ۾ ٽانگي تي ڪامارو وليج اچبو هو. انهن ٽانگي وارن ۾ خوبصورت سينگاريل ۽ ڀلي گهوڙي وارو ٽانگو علي نواز خاصخيلي جو هوندو هو. پاڻ خوبصورت جوان مڙس سندس ٽانگي تي وڏو شوق هوندو هو. اسان به ان سان ته ڪڏهن چاچو عبدالرشید نالي ٽانگي وارو هوندو هو. ان سان ايندا هئاسين. بعد ۾ پير صاحبان طرفان گاڏيون مليون ته انهن تي اچڻ وڃڻ لڳاسين. ان وقت اسڪول مان سائين مجاهد محمد آچر لاشاري رٽائرڊ ٿي چڪو هو. هيڊ ماستر جي ذميواري سائين محمد جمن خاصخيلي حوالي هئي. جيڪو اصل ڳوٺ نوبت مري ٽنڊو آدم روڊ جو رهواسي پر ڪامارو شريف ۾ رهندو هو. ٻيو استاد سائين غلام نبي سريوال هو جنهن جو ڳوٺ غلام حيدر سريوال هو. (هلندڙ)