بطور استاد منهنجو پهريون اسڪول وليج ڪامارو شريف (2)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏9 مارچ 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    منهنجو بطور استاد پهريون اسڪول ڪامارو شريف وليج (2)
    تحرير : عبدالله جروار

    سو ذڪر پئي ڪيوسين منهنجي بطور استاد پهريون اسڪول ڪامارو شريف جو. غلطي سان ڪامارو شريف اسٽيشن جي اسڪول تي هڪ مهينو ڊيوٽي ڪرڻ بعد ان وقت جو سب ڊويزنل ايڊيوڪيشن آفيسر (هالا) سائين غلام قادر شاھ بخاري صاحب ۽ سائين حاجي محمد سومار گهراڻو صاحب جن ڪامارو شريف اسٽيشن وارو اسڪول وزٽ ڪرڻ بعد تاڪيد ڪئي ته صبح جو هرحال ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪامارو وليج جوائن ڪرڻو آهي. جن جي هدايت تي ڪندي ٻئي ڏينهن صبح جو سوير ٽنڊي الهيار کان بس ذريعي ڪامارو اسٽاپ تي پهتس. ڪامارو (اسٽيشن) اسٽاپ کان ڪامارو شريف وليج ڏکڻ طرف ويندڙ رستي تي تقريبن چار پنج ڪلوميٽر پري آهي. جنهن تي ان وقت ٽانگا هلندا هئا. جيئن ئي اسٽاپ تي بس مان لهي ڏکڻ روڊ تي نظر وڌم ته ٽانگو بيٺل نظر آيو. جنهن ۾ هڪ پيرسن ويٺل هو ٻيو ٽانگي هڪلڻ وارو همراه. ٽانگي وٽ پهچي دعا سلام ڪيم. اصل ۾ ٽانگي ۾ سواري طور ويٺل پيرسن ماڻهو ٻيو ڪو نه پر اهو ڪاماري شريف ۾ وڏو عرصو تعليم ڏيندڙ استاد سائين مجاهد محمد آچر لاشاري صاحب جن هئا. جن جو اڪثر ڪري ذڪر بابا سائين ڪندو هو. سائين محمد آچر مون کي پاڻ سان ٽانگي ۾ وھاريو. هونئن ٻهراڙي جي رستن تي صبح جو اڪثر سواري لاء ماڻهو شهر ڏانهن رخ ڪندا آهن. سو هڪ اڌ سواري هوندي به ٽانگي تي ڪاماري شريف روانا ٿياسين. ڪنهن زماني ۾ هن علائقي جن ۾ مبارڪ جروار، بيگن جروار ، ميون ولهاري توڙي ڪافي ميلن تائين اچ وڃ جو واحد رستو ڪامارو شريف اسٽيشن هو. جتان ماڻهو ريل گاڏي تي شهرن ڏانهن ايندا ويندا هئا.
    سو خير ٽانگو ڪاماري شريف اچي پهتو. پرائمري اسڪول ڳوٺ جي ٻاهران ئي هو. سائين محمد آچر مجاهد لاشاري جن مون کي اسڪول پهچائي. استاد صاحبان سان ملي ڪري اجازت ورتي. سائين محمد آچر رٽائرمينٽ بعد به ڪاماري شريف رهندو هو. هاڻ استادن ملي تعارف وغيره ڪرائي حالي احوالي ٿياسين آرڊر جي ڪاپي ۽ جوائننگ رپورٽ ڏني.. انهن استادن ۾ هڪ هيڊ ماستر سائين محمد جمن خاصخيلي صاحب ۽ ٻيو سائين غلام نبي سريوال هو. هاڻ جيئن نئين پوسٽنگ تي رسمي پڇاڻو ٿيندو آهي ۽ ذميواري ڏبي آهي. سائين ڇا پڙهائيندئو؟ . ڪهڙو ڪلاس توهان پڙهائي سگهو ٿا.؟ جونيئر هونئن ئي منجهيل هوندو آهي. تنهن کي جيستائين ماحول سمجھ ۾ اچي سينئرس جي مرضي موجب هلڻو هوندو آهي. سو مون به اها خواهش ڏيکاري ته جيڪو ڪلاس فارغ هجي ڏيو. سندن فيصلي موجب پهريون ڪلاس مليو.جنهن جو حاضري جو رجسٽر منهنجي حوالي ڪري ذميواري ڏني وئي.
    ان وقت يعني سال 1982- 83 ڌاري پهرين ڪلاس ۾ تقريبن 120 ٻار هئا. جن ۾ ۾ پهرين پڪي، ڪچي ۽ پٽي کان سواء اڻ داخل ٻار به شامل هئا. اهو ڏينهن ائين گذري ويو. ٻئي ڏينهن صبح جو باقائدگي سان پڙهائي شروع ٿي. سينئر استادن جي رهنمائي سان سلسلو هن طرح جڙيو ته ڪتاب وارن ٻارن جو سبق ٻڌڻ صورتخطي لکائڻ ۽ نئون صبح ڏيئي ، انگ وغيره لکائڻ جو ڪم رسيس کان پهرين ڪبو ۽ جڏهن ته پٽي وارن ٻارن جو سبق رسيس کان پوء ٻڌبو ۽ نئون سبق ڏبو ائين سلسلو هليو. جنهن سان پڙهائي ۾ بهتري آئي. ان وقت نه ڪو مانيٽرنگ اسسٽنٽ نه ڪو ايپليڪيشن جو چڪر نه استادن تي بي اعتباري جو رواج هو . هر ڪو پنهنجو ڪم ڪندو هو ڪنهن کي هڪٻئي سان ڳالهائڻ جو وقت به نه هوندو هو. مختصر ڪچهري رسيس ۾ ٿيندي هئي يا موڪل وقت ماني کائڻ مهل. رسيس جي وقت استادن لاء چانھ ايندي هئي اهڙي طرح منجهند جي ماني به اسڪول ۾ ئي شاگرد کڻي ايندا ھئا . اسڪول ۾ نڪو لائيٽ نه بجلي، پکا ۽ نه پٽيوالو پر سچ پڇو ته انهن ڳالهين جي ڪا يادگيري به نه هئي. هر ڪو پنهنجو ڪم ذميواري سان ڪندو هو. جيئن سندس پڙهائي ساراه جوڳي بڻجي استاد ۽ اسڪول جو نالو ٿئي. مون پهريون ڀيرو هن اسڪول ۾ ڪاپي (نوٽ بوڪ) تي لکڻ جو رواج ڏٺو. ان زماني ۾ پرائمري ۾ عام طور تي فيئر يا رف ڪاپي وغيره جو رواج نه هو سليٽ ئي استعمال ڪئي ويندي هئي. هن اسڪول ۾ ٻار صبح جو گهران لکيل سبق جو ڪاپيون چيڪ ڪري لکت جي غلطين جي نشاندهي ڪبي هئي. لکت ۾ ڪمزور ٻارن کي ڪاپي جي ٻن ٽن صفحن تي مٿان هڪ هڪ لائين استاد لکي ڏيندو هو. مشق ڪاپي وانگر ٻار ان تي هيٺان لکي ايندا هئا. جنهن سان ٻارن جي اکرن ۾ سٺي بهتري آئي.
    اسڪول جي رڪارڊ جي ڪم سکڻ سمجهڻ ۾ سائين محمد جمن خاصخيلي ڪافي مددگار ٿيو. هر سال فيبروري ۾ پرائمري جو امتحان ٿيندو هو. اسان وٽ به ان سال ياد نه پيو اچي ته ڪهڙو سپروائيزر هو. انهن سالن ۾ سائين محمد مبين لاکو سعيد آباد وارو، سائين عبدالغنی ڀٽي صاحب نصرپور وارو، سائين حاجي خان ڪاڪيپوتو به ڪجھ عرصي لاء سپروائيزر ٿيو هو. امتحان وٺڻ ساڻن گڏ سائين وقار ميمڻ هيڊ ماستر پرائمري اسڪول مبارڪ جروار گڏ هو. اهڙي طرح وقت گذرندو رهيو. انهن ئي ڏينهن ۾ اسڪول کي هڪ نئون استاد سائين محمد رحيم درس صاحب مليو جيڪو خيبرن جي ڳوٺ جو هو. اهو استاد به بهترين پڙهائي ۾ سٺو يار ويس هو. اهو به پنڌ پري هئڻ ڪري ڪاماري شريف ۾ رهندو هو. ڪاماري شريف ۾ منهنجي مقرري ٻه دفعا ٿي هئي جو 1984 ڌاري ڳوٺ بدلي ٿي جتان 1985 ع ۾ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد موڪليو ويو. 1986 ع مان ٽريننگ تان واپسي تي هڪ دفعو ٻيهر ڪاماري شريف ۾ مقرر ڪيو ويو. هن اسڪول ۾ بهتر پڙهائي ڪري جي هاڪ ٻڌي ڀر پاسي جا ڪافي ٻار اچڻ لڳا. جنهنڪري شاگردن جي انرولمينٽ 400 جي لڳ ڀڳ ٿي وئي. جنهن سبب هن اسڪول کي ڪجھ وڌيڪ استاد مليا. نون استادن ۾ سائين عبدالله سنهڙو جنهن جو ڳوٺ قيصر سنهڙو ٽنڊو آدم روڊ ۽ ٻيو استاد سائين لکمير ڪاڪا صاحب هو. جيڪو به سعيد آباد لڳ ڳوٺ خير محمد ڪاڪا جو هو.
    ڪاماري شريف اسڪول سان گڏ ڳوٺ جو به ذڪر ڪجي ان وقت هن ڳوٺ ۾ بجلي ۽ روڊ کان علاوه پبلڪ ڪال آفيس توڙي پوسٽ آفيس جي سهوليت موجود هئي. ڪامارو شريف ڳوٺ کي ڪنهن زماني ۾ چوڌاري ڪوٽ آيل هو. جيڪو هاڻ ڪافي هنڌان ڊهي چڪو آهي. ٻي ڳالھ بزرگ اولياء بزرگ سائين پير اشرف شاھ قريشي جن جي درگاھ تي مقبري جي شاندار اڏاوت سان گڏ ڀرسان شاندار قديم مسجد موجود آهي. جنهن تي ڪاشي جو شاندار ڪم ٿيل آهي. جيڪو اڏاوت جي لحاظ هڪ شاهڪار آهي. هن درگاھ تي عورتن جي اچڻ تي پابندي سميت ڪنهن بدعت جي اجازت ناهي. ڪاماري شريف جي قريشي پير صاحبان هن درگاھ ڪڏهن به ڪمائي جو ذريعو نه بڻايو آهي. جيڪا پير صاحبان جي وڏائي آهي . درگاھ جي اڱڻ تي ڪاٺ جو وڏو انگاس لڳل آهي. جنهن بابت چيو وڃي ٿو هن انگاس ۾ رات جو بتي ٻاري لڳائي ويندي هئي جيئن پنڌ ويندڙ مسافر رستو ڀٽڪي نه وڃن پنهنجي منزل تي آساني سان پهچي سگهن. هن ڳوٺ ڀرسان وڏي ايراضي تي مشتمل تاريخي قبرستان پڻ آهي جنهن ۾ ڪاماري شريف جي رهواسين کان سواء ڀرپاسي جون آباد برادرين جا عزيز ۽ ناليواريون شخصيتون مدفون آهن.
    (هلندڙ)
    [​IMG]

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو