ٽنڊي الهيار ۾ سائين ڏنل شاھ جو ريڊيو مڪينڪ جو دڪان

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏13 مارچ 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    مارڪيٽ ايريا ٽنڊي الهيار ۾ سائين ڏنل شاھ راشدي جو ريڊيو ٺاهڻ جو دڪان. (يادگيريون)
    تحرير : عبدالله جروار

    ڪو وقت هو جو شهر ۾ چپي تي ريڊيو جي وڪري ۽ ريڊيو مڪينڪ جا دڪان هوندا هئا. ڪٻٽن ۾ ڪي پراڻا ناقابل مرمت ريڊيا ان ڪري سجايا ويندا هئا. هر ڪو متوجه ٿئي ته هتي ريڊيا ٺاهيا ويندا آهن. ان وقت مارڪيت ايريا ۾ ڪافي دڪان هئا. هر فن مولا مستري استاد شوڪت زئونر هوندو هو. جنهن جو والد چاچو محمد علي زئونر واچن جو مستري هوندو هو. سندن اصل ڳوٺ عثمان شاہ هو. استاد شوڪت پاڻ واچون، ريڊيو، ٽيپ رڪارڊر، موٽر سائيڪل توڙي ڪار تائين گاڏين جي مرمت ڪري ڄاڻندو هو. سندس دڪان هاڻوڪي ڊاڪٽر راڻي جي اسپتال واري جڳھ تي هوندو هو. ان ڀرسان گهٽي ۾ غلام حيدر لغاري تپيدار جي جاء هوندي هئي. استاد شوڪت زئونر جي ريديو مڪينڪ شاگردن مان استاد عبدالمجيد به ناليوارو مستري ٿي گذريو آهي. ٽنڊي الهيار واسين کي ياد هوندو استاد عبدالمجيد جنهن جي نياڻي سان هڪ واقعو پيش آيو هو . جنهن تي وقت جو وزير اعظم نواز شريف صاحب به وٽس آيو هو. استاد شوڪت زئونر جي موٽر سائيڪل جو مڪينڪ شاگرد استاد ظفر صديقي مرحوم هو جنهن بعد ۾ موٽر سائيڪل مڪينڪ جو دڪان مين روڊ بس اسٽاپ تي هاڻوڪي حبيب بئنڪ کي سامهون کوليو هو. ان استاد ظفر صديقي کي هونڊا موٽر سائيڪل ڪمپني وارن جاپان ٽريننگ لاء به گهرايو هو هاڻ ڪجھ سال اڳ وفات ڪري ويو آهي.
    ريڊيو ۽ ٽيليويزن جو شوق ڪنهن وقت ۾ جنون اختيار ڪري ويو هو. جيئن اڄڪلھ موبائل فون جو استعمال جنون اختيار ڪري ويل آهي. ان وقت گهر ۾ ٽيليويزن خراب ٿيو ناهي ته ڄڻ سڄي گهر کي بخار وٺي ويو آهي. هر ڪو چاهيندو هو هاڻ جو هاڻ ٽيليويزن ٺهي وڃي. جو ٽيليويزن ۽ ريڊيو کان سواء وندر ورونهن جو ڪو ذريعو نه هوندو هو. وري مزي جي ڳالھ ٽيليويزن خريد ڪرڻ به هر ڪنهن جي پهچ ۾ نه هوندو هو. تنهنڪري عورتون ۽ ٻار جن جي گهرن ۾ ٽي وي نه هوندو هو پاڙي وارن گهرن ۾ ٽي وي ڏسڻ وينديون هيون. مرد ماڻهو ڪنهن بيٺڪ اوطاق يا هوٽل تي ٽي وي ڏسندا هئا. ريڊيو ۽ ٽيپ رڪارڊ جو شوق به ائين جنون تي هوندو هو. ريڊيو وڄندي وڄندي خراب ٿيو ته ڄڻ همراه وڏي مونجهاري ۾ اچي ويو. ڇو جو ملڪي توڙي غير ملڪي خبرن کان وٺي ملڪي توڙي غير ملڪي موسيقي ٻڌڻ، علم اخلاق، سميت کوڙ معلومات ريڊيو تان ئي ملندي هئي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، ڪراچي بعد ۾ خيرپور جي نشريات هوندي هئي. ٻئي طرف بي بي سي ريڊيو جي اردو نشريات صبح ۽ شام ٻه دفعا نشر ٿيندي هئي. ڪجھ وقت لاء بي بي سي اردو منجهند جو به اڌ ڪلاڪ لاء نشريات شروع ڪئي هئي جيڪا شارٽ ويوز تي هلندي هئي. . آل انڊيا ريڊيو جي نشريات صبح کان اردو نشريات ساڍي نوين بجي ختم ٿيندي هئي ٻي نشريات منجهند ڏيڍ بجي کان ساڍا چار بجي تائين. وري رات جو نوين کان ساڍي يارهين تائين جنهن روزانو رات ڏهين بجي مقبول فرمائشي پروگرام تعميل ارشاد نشر ٿيندو هو . ال انڊيا ريڊيو تان سنڌي سروس شام پنجين بجي ڀڳت ڪنور رام جي ڪلام سان شروع ٿيندي هئي جيڪا هڪ لاء ڪلاڪ هلندي هئي. ڇهين بجي کان ساڍي ڇهين تائين بلوچي پروگرام جنهن ۾ خميس ۽ آچر ڏينهن فرمائشي پروگرام هوندو هو. ان کان پوء اٺين بجي پشتو نشريات ٿيندي هئي. بهرحال اهو زندگي جو دلچسپ وقت هو. اهڙن مزيدار پروگرام هوندي ريڊيو جي خرابي سچ پچ ايذائيندڙ هوندي هئي پوء مڪينڪ جا نخرا برداشت ڪرڻا پوندا هئا. جو وٽن وڏي رش هوندي هئي. پوء اڄ نه سڀاڻي جون شنوايون ملنديون هيون.
    سو ذڪر ٿي ڪيوسين سائين ڏنل شاھ صاحب جو جنهنجو اصل نالو الهڏنو شاھ راشدي پيشي جي لحاظ کان پرائمري استاد هو جڏهن پارٽ ٽائيم ريديو مڪينڪ جو ڪم ڪندو هو. مارڪيٽ ايريا ۾ چاچي فتاح پاٽولي سائيڪلن واري کان هڪ دڪان ڇڏي ٻيو دڪان سائين الهڏني شاھ صاحب جو هو. سائين مٺن شاھ راشدي جي راشدي خاندان جو فرد هو. سندس دڪان تي ريڊيو ۽ ٽيپ رڪارڊ جي مرمت جو ڪم گهڻو هوندو هو . جڏهن تهب سائين مين سنڌي اسڪول جي شام جي شفٽ جو هيڊ ماستر هو. صبح جو دڪان تي هوندو هو . ريڊيو مڪنيڪ جي مارڪيٽ هئڻ ڪري سائين جا ڪافي شاگرد به ٿيا جن ۾ هڪ ته سائين ڏنل شاھ جو پنهنجو ڀاء هو جيڪو تصوير ڪم ڪندي نظر اچي پيو. اهو شاھ صاحب بعد ۾ ريڊيو مڪينڪ جو ڪم ڇڏي سندن پاڙي ۾ پهلواني سکي هيلٿ ڪلب قائم ڪئي هئائين. سندن نالو ياد نه پيو اچي. ان کان سواء مير ڌڻي بخش ٽالپر ۽ منهنجو سئوٽ اسلم به ريڊيو جو ڪم سکڻ ايندو هو. مير ڌڻي بخش ٽالپر اصل اسان جي ڳوٺ ويجهي قديمي ڳوٺ حمزو ٽالپر جا رهواسي مير خاندان جي مير نٿو خان ٽالپر جا فرزند هئا. مير ڌڻي بخش ٽالپر جو ننڍو ڀاءُ مير نصير خان ٽالپر مختيار ڪار آفيس ۾ ريڊر طور ڪم ڪري پيو. جڏهن ته ننڍڙو شاگرد حضور بخش سنجراڻي به سائين وٽ ڪم سکيو. حضور بخش سنجراڻي استاد امير سنجراڻي واچ ميڪر جو ڀاء هو.
    ريڊيو مڪينڪ جو ڪنهن دور ۾ وڏو مان هو. بند بازار ٽنڊي الهيار ۾ استاد سلامو ۽ ميمڻ پاڙي جي سيد اسلم شاھ صاحب به وڏو نالو ڪمايو. هاڻ هن دور ۾ ته ڪو سٺو ريڊيو مڪينڪ اڻلڀ آهي. ڪو ڪٿي مستري آهي به صحيح ته ان وٽ وقت گهٽ ڪم گهڻو هوندو آهي. ريڊيو يا ٽيپ ٺاهڻ جا مرضي جا پئسا وٺڻ سان گڏ تاريخ تي تاريخ ڏيندو آهي. ريڊيو جي مالڪ ۾ سگهه هوندي ته روز جا پنڌ ڪري نيٺ ريڊيو ٽيپ ٺهرائي ويندو نه ته اهو ٽيپ رڪارڊ يا ريڊيو ٻين مريضن سان گڏ الماري حوالي ٿي ويندو.
    [​IMG]
     
    ذيشان رشيد هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو