وہ روزے یاد آتے ہیں!

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏17 مارچ 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    وہ روزے یاد آتے ہیں!
    تحرير : عبدالله جروار

    ريڊيو ٻڌڻ جي عادت ننڍپڻ کان رهي آهي. ريڊيو پاڪستان، ريڊيو سيلون آل انڊيا ريڊيو اردو سروس رات جو دير تائين ٻڌڻ جيستائين ننڊ اچي. رات جو آل انڊيا ريڊيو جي اردو سروس تي هڪ مختصر پروگرام نشر ٿيندو هو. جنهن جو نالو هو "وہ روزے یاد آتے ہیں" اهو پروگرام رمضان مهيني ۾ نشر ٿيندو هو. جنهن ۾ ننڍپڻ ۾ والدين امڙ ۽ بابا جي ۽ ٻين عزيزن جي ڇپر ڇانو ۾ رکيل روزن کي ساريو ويندو هو. سو پاڻ به ماضي جي رکيل روزن کي ياد ڪريون. بابا سائين ۽ چاچا سڀ هڪ ئي گهر هڪ ئي چلھ هڪ ئي ڪني ٻوڙ جي رڌبي هئي. اهو زمانو سادگي وارو هوندو. سحري لاء سنجهي مان چانور رڌبا هئا. باقي ماني سحري مهل پچائبي هئي. چانھ ٺهندي هئي. ماني يا ڀت هر ڪو کير يا ڌئونري سان کائي . چانھ جو ڪوپ پي روزو رکبو هو. جڏهن ته روزو کولڻ مهل ٻوڙ لازمي رڌبو هو. ان کان گڏ لسي هوندي هئي. اهو زمانو برف وغيره جو نه هو ان لاء ٺڪر جي ڪوري ماٽي ۽ دلا بابا سائين رمضان شريف جي تياري ۾ اڳواٽ وٺي ڇڏيندو هو هڪ مٽڪو مسجد لاء خريد ڪبو هو. جنهن۾ پاڻي ڀري مٽڪي کي چوڌاري ڪپڙو ويڙهي مٿان ڪپڙي سان منهن ٻڌي ڇڏبو هو. اهو ئي مٽڪي وارو ٿڌو پاڻي مسجد ۾ جماعتي روزي کولڻ مهل پيئندا هئا. ڳوٺ جي سڀني ماني ايندي هئي پر ڪن گهرن مان ماني سان گڏ مسجد ۾ لسي به موڪليندا هئا جنهن کي وڏي ٿانو ۾ وجهي ان ۾ پاڻي ڪجھ لوڻ ملائي سڀني ۾ ورهائي ويندي هئي. مسجد ۾ ماني ورهائڻ بابا سائين، ڪڏهن چاچو محرم واڍو ۽ ادا ھادي بخش انجام ڏيندا هئا. رڳو اذان ڏيڻ واري کي الڳ ماني ڏني ويندي هئي باقي جماعت هڪ جاء تي روزو کوليندي هئي. ان روزي کولڻ واري جماعت ۾ ڳوٺ جي وڏڙن ۽ ٻارن سان گڏ مسافر ماڻهو به شامل ٿيندا هئا. اهو زمانو نه شربت ۽ فروٽ نه ئي برف عام هئي. اها جماعت روزي کولي نماز پڙهي هر ڪو پنهنجا پنهنجا ٿانو کڻي گهر روانو ٿيندو هو. اهو سلسلو اڄ به جاري آهي. ڳوٺ جي غريب توڙي امير جي گهر مان پهچ سارو ماني اڄ به ايندي آهي. اسان جي ڳوٺ ۾ رمضان مهيني جي جمع ڏينهن يا ڪڏهن جمعۃ الوداع ۽ ستاويهين رمضان المبارڪ تي چاچو دينو برفت پاڏو ڪهي گوشت ڪندو هو. بعد ۾ گوشت ڪرڻ وارو ڪم ڳچ عرصو احمد برفت به نباهيو. هنن کان گوشت هر ڪو ضرورت ۽ پهچ سارو وٺندو هو. اهو دور تمام سادگي وارو هو. ايتري پئسي جي ريل پيل نه هوندي هئي. نه برف شربتون ۽ فروٽ عام هئا. ان وقت ايترا روڊ رستا سواريون به عام نه هيون. هاڻ هر ڪا سهولت به آهي ته ٻئي طرف مهانگائي جو دانهون به آهن. جيڪو ڪجھ اڀري سڀري رب پاڪ جي ڏنل روزي تي شڪر ڪجي. رب پاڪ گهڻو ڏنو آهي ته ان مان انهن پاڙيسرين ۽ عزيزن جو خيال رکجي. جيڪي غريب آهن. ٻي پهچ آهن. انهن جي روزي کولڻ رکڻ ۾ مدد ڪجي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو