بطور استاد منهنجو پهريون اسڪول وليج ڪامارو شريف (3) تحرير : عبدالله جروار ڪاماري شريف اسڪول توڙي ڳوٺ بابت ڪافي احوال لکي چڪو آهيان. اڃا ڪافي ڳالهيون لکڻ چاهيان ٿو. جيڪي اڃا به رهجي ويون آهن. ڪاماري شريف ۾ ٻن مختلف وقتن تي مون پنج ڇھ سال گذاريا. اهو منهنجي زندگي جو يادگار وقت رهيو. جن ۾ اسان استادن جي محنتن کي ڳوٺاڻن توڙي آس پاس جي ماڻهن عزت ڏني. اها عزت اڄ به قائم آهي. ڪافي اسان جا شاگرد وڏن تي به پهتا آهن. . جيڪي وڌيڪ پڙهي نه سگهيا پر سندن زندگي بهتر گذارڻ ۾ اسان جي ڏنل تعليم جو ڪجھ حصو ضرور رهيو هوندو. اسڪول ۾ پڙهائڻ دوران ڪافي شخصيتون اسان سان ملڻ به اينديون رهنديون هيون . جن ۾ سائين محمد هارون لغاري صاحب ۽ سندن ڀاء اصغر علي لغاري صاحب. سائين هارون ان وقت يونيورسٽي ۾ پڙهندو هو موڪل وغيره تي ڪڏهن ڪاماري شريف اچڻ تي اسڪول به ايندو هو . سائين تعليم کاتي ۾ استادن جي ٽريننگ واري شعبي ۾ وڏي عهدي تي رهيو آهي. اصغر علي لغاري مهراڻ شگر مل ۾ نوڪري ڪندو هو. سائين علي حسن خاصخيلي مرحوم اڳوڻو پرنسپال ايس ايم ڪاليج ٽنڊوالھيار ۽ سندس ڀاء سائين علي اڪبر خاصخيلي جن به ايندا هئا. ان وقت سائين علي حسن خاصخيلي ۽ سندن ڀائر ڪاماري ويجهو سندن ڳوٺ ۾ رهندا هئا. سندن ڀائيٽيا ۽ ٻيا عزيز هتي پڙهڻ ايندا هئا. هڪ شخصيت جيڪا روز يا هڪ ڏينهن ڇڏي ٻئي ڏينهن اسان وٽ اسڪول ۾ ايندي هئي. اها شخصيت هئي پير سليم شاھ جي. شاھ سليم صاحب سائين ڊاڪٽر پير ابراهيم خليل صاحب جن جا ننڍا فرزند هئا. سائين دلچسپ مزاج جا مالڪ هئا. روزانو ٽن کان چار اخبارون ۽ ڪجھ رسالا خريد ڪندا هئا. ڪامارو اسٽاپ تان چڪر لڳائي اخبارون کڻي اسان وٽ اسڪول ايندا هئا. سائين سليم شاھ جي گهڻي دلچسپي اداڪار محمد علي سان هوندي هئي. اسڪول ۾ روزانو سائين انهن خطن جي لاء ايندو هو. جيڪي سائين اداڪار محمد علي کي لکيا هئا. انهن خطن جي جواب جو هميشه منتظر رهندو هو. اسان کي سائين سليم شاه صاحب جي اسڪول اچڻ ڪري نئين اخبار پڙهڻ جو موقعو ملندو هو. ان وقت ڪامارو شريف جي پوسٽ آفيس جو انچارج هيڊ ماستر هوندو هو. پهرين اها چارج سائين مجاهد محمد آچر لاشاري صاحب جن وٽ هئي. سندن رٽائرڊ ٿيڻ تي سائين جمن خاصخيلي انچارج ٿيو. بعد ۾ سائين لکمير ڪاڪا. ان وقت ڪاماري شريف جي پبلڪ ڪال آفيس (فون) به اسڪول ۾ لڳل هئي بعد ۾ ان جو ڪنيڪشن پير صاحب جي بنگلي لڳ ان ڪمري ۾ لڳايو ويو جتي اسان استاد رهندا هئاسين. اسڪول ۾ استادن جي اچڻ وڃڻ بدلي جو سلسلو پڻ جاري رهيو. سائين غلام نبي سريوال بدلي ٿي ويو. نون استاد ۾ سائين محمد رحيم درس ۽ سائين لکمير ڪاڪا جن آيا. محمد رحيم درس نئين مقرري طور هن اسڪول ۾ آيو پر ڪجھ وقت ۾ بدلي ڪرائي ويو. جڏهن ته سائين لکمير ڪاڪا جن ڪجھ عرصو ٽنڊي الهيار کان چمبڙ روڊ تي قائم پرائمري اسڪول گولو هاليپوٽو ۾ رهيا ۽ جتان ڳوٺ جمع ڪاتيار بڪيرا شيخ ڀرڪيو روڊ تي لڳ مڪان شريف بدلي ٿيا. ان پرائمري اسڪول کان ڪامارو شريف بدلي ٿي آيا. سائين لکمير جي ڪامارو شريف بدلي ٿي اچڻ کان پوء ڳوٺ جمع ڪاتيار جي معزز شخصيت وڏيرو خالقڏنو ڪاتيار کين ٻيهر پنهنجي ڳوٺ بدلي ڪرائڻ لاء وٽس هلي آيا. پر سائين پنهنجي سهوليت موجب واپس وڃڻ تي راضي نه ٿيا. هي اسڪول ميرپورخاص حيدرآباد مين روڊ تي هئڻ ڪري اچڻ وڃڻ جي سهوليت هئي ان ڪري ساڻن معذرت ڪئي. ان دوران هيڊ ماستر سائين جمن خاصخيلي جي به بدلي ٿي. نئون استاد سائين عبدالله سينهرو آيو. هوڏانهن سائين پير بشير خان قريشي صاحب جن ضلع ڪائونسل جا ميمبر هئا. جن جي ڪوشش سان هن ڳوٺ ۾ مڊل اسڪول منظور ٿيو. پر مڊل اسڪول جي بلڊنگ جي تعمير تائين برانچ مڊل اسڪول هلائڻ جي پرميشن ملي. جنهن جو مين اسڪول هاء اسڪول خواجه ڳوٺ هو. اهو ليٽر آئون ۽ سائين لکمير ڪاڪا کڻي هاء اسڪول سلطان آباد خواجه ڳوٺ وياسين. جتي جو ان وقت هيڊ ماستر سائين محمد ابراهيم نظاماڻي صاحب جن هئا. سائين محمد ابراهيم نظاماڻي بهترين هر دلعزيز بزرگ ۽ شفيق انسان هئا. سندن رهنمائي ۾ برانچ مڊل اسڪول ڪامارو شريف شروع ڪيو ويو. جنهن جي ذميواري نوجوان استاد سائين عبدالله سينهرو صاحب جي حوالي ڪئي وئي. شال ته ياد نه پيو اچيم پر اهو رڪارڊ اسڪول ۾ موجود هوندو. منهنجي دور جي شاگردن جو ذڪر ڪندس گلزار خاصخيلي، غلام حسين خاصخيلي، عبدالغنی مستوئي، ڪارو چارڻ، رامون چارڻ، هاضيو چارڻ ، محمد عرس لغاري پنهون، هيرو، گل چارڻ، نصر اللہ، علي محمد هاليپوٽو، احمد هاليپوٽو، صوفن خاصخيلي، موهن مينگهواڙ، عبدالرحيم هاليپوٽو، نسيم ڪوري، گڊو هاليپوٽو (اسان جو دادلو شاگرد جنهنجون ٻاتيون ٻوليون دل خوش ڪري ڇڏينديون هيون،) رياض ڪوري. پير غلام مصطفي ا، پير نور محمد جن جا ٻه فرزند جن کي روزانو سائين نور محمد شاھ موٽر سائيڪل تي ڇڏي ويندو هو. حاجي هاشم ڪاڪيپوتو جا فرزند دين محمد ۽ سندس ڀاء. ڊاڪٽر عبدالرزاق لغاري جو فرزند عبدالخالق، عبدالشڪور ، ابوبڪر ۽ نوح لغاري،، فضل حق لغاري، منور لغاري ۽ سندس ڀاء يوسف لغاري، شاڪر هاليپوٽو، هارون هاليپوٽو، موهن ۽ جنهور ميگھواڙ ڳوٺ جادو لغاري. بهرحال ڪافي شاگرد هئا ڪيترا نالا لکجن. اسڪول ۾ ٻارن جي وڌيڪ تعداد کي ڏسي هڪ وڌيڪ استاد موڪليو ويو. اهو هر دلعزيز استاد هو سائين قادر بخش رند ڳوٺ بيگن جروار جو. جهڙو پڙهائڻ جو بهترين استاد اهڙو ئي ڪچهري جو مور. سندس ڪچهري به ٻڌڻ جھڙي هوندي هئي . سائين قادر بخش رند ڪافي سال هن اسڪول رهڻ کان پوء ڳوٺ بيگن جروار بدلي ٿيو. جتي جواني ۾ ئي وفات ڪري ويو انشاء الله آخري قسط ۾ باقي احوال ڪبو