• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان

عبدﷲ جروار

سينيئر رڪن
" ٻري جن ٻاري"
ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (34)
سائين محمد بخش ڀٽي مرحوم
ٽنڊو غلام حيدر
تحرير : اڪبر علي جروار

1. سائين محمد بخش ڀٽي ولد محمد بچل ڀٽي؛
1945ع کان مڪتب صاحب خان جروار ۾ سرڪاري استادن جي مقرري جو سلسلو شروع ٿيوجنهن ۾ شروعات ۾ جيڪي استاد صاحبان آيا اهي ٻئي ڀٽي هئا انهن مان هڪ سائين محمد عثمان ڀٽي ۽ ٻيو سائين محمد بخش ڀٽي. سائين محمد بخش ڀٽي جو جنم بدين ضلعي جي رپ شريف ۾ سال 1922ع ۾ ٿيو، پاڻ اڃا ننڍي ڄمار جا هئا ته سندن والد جي وفات ٿي پوءِ کين سندن ڏاڏي سائين مولوي محمد يعقوب ڀٽي نپايو، سائين مولوي يعقوب ڀٽي هڪ ماهر تعليمدان هئا سندن گهڻو وقت هيڊمعلم طور مسلم اسڪول غلام حسين لنڊ ۾ گذريو، سائين محمد بخش ڀٽي سائين مولوي محمد يعقوب جي نگراني هيٺ رپ شريف مان سال 1936ع ۾ سنڌي فائنل پاس ڪيائون جنهن کانپوءِ ٻي مهاڀاري لڙائي دوران برطانوي آرمي جوائن ڪيائون پاڻ 1939ع کان 1945ع تائين برطانوي آرمي ۾ انجينيئرنگ ڪور جو حصو رهيا، جنهن دوران هڪدفعي بحري جهاز ذريعي ملائيشيا ويندي سمنڊ ۾ حادثاتي طور ڪري پيا هئا مسلسل ٽي ڏينهن سمنڊ جي کاري پاڻي ۾ رهيا جنهن ڪري جسم جي کل پڻ سڙي وئي هئي سال 1945ع ۾ مهاڀاري لڙائي جي خاتمي کانپوءِ برٽش آرمي ڇڏي. تدريسي کاتي جو انتخاب ڪيائون پاڻ سرڪاري استاد طور مقرر ٿيا ۽ سندن پهرين مقرري ملا مڪتب اسڪول صاحب خان جروار ضلع ٽنڊوالهيار ۾ ٿي. جتان پوءِ سندن بدلي مسلم اسڪول غلام حسين نبي بخش لنڊ ۾ ٿي ان دوران جي وي جي ٽريننگ 1952ع ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائون ۽ ايس وي جي ٽريننگ 1956ع ۾ ڪيائون، پاڻ 1956ع ۾ پرائمري اسڪول بچل خان احمداني ۾ ، 1958ع ۾ پرائمري اسڪول ٻيٻڙي ۾ ۽ 1960ع ۾ پرائمري اسڪول الهيار ترڪ ۾ رهيا. سال 1960ع ۾ ٽنڊو غلام حيدر جي هڪ نيڪ مرد وڏيري ارباب جمالي ڳوٺ ۾ اسڪول کولرايو جنهن لاءِ هڪ قابل استاد جي ضرورت پئي ان لاء پاڻ سائين محمد بخش ڀٽي جو انتخاب ڪيائون ۽ کين ٽنڊو غلام حيدر ۾ پلاٽ جو ٽڪرو ڏيئي مستقل رهائش جي گذارش ڪيائين جيڪا سائين محمد بخش ڀٽي قبول ڪئي پاڻ سال 1960ع ۾ ٽنڊو غلام حيدر ۾ آيا ۽ اتي ئي رهي پيا ۽ سال 1979ع ۾ رٽائر ٿيا. سائين محد بخش ڀٽي دوران سروس ۽ رٽائرنمينٽ کانپوءِ به علائقي جي فلاح ۽ بهبود جي لاء پڻ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون، ٽنڊو غلام حيدر ۾ تعليم و تدريس جي باقائده آغاز ڪرڻ وارا سائين محمد بخش ڀٽي ئي هئا، پاڻ سال 1960ع ۾ سم ۽ ڪلر کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي تحقيق ان وقت جي صدر ايوب خان جي اڳيان پيش ڪئي جتي روس جي ماهرن جي هڪ ٽيم سندس تحقيق کي گهڻو ساراهيو، پاڻ مسلم ليگ جا سرگرم ڪارڪن پڻ رهيا هئا، پاڻ مسلم ليگ يوٿ حيدرآباد ڊويزن جا صدر پڻ رهيا، خاڪسار تحريڪ تحريڪ ۾ حصو ورتو هئائون ، کين برٽش دور ۾ سنڌو درياء جي سروي لاءِ پڻ مقرر ڪيو ويو هو جنهن دوران ڪشمير کان چيرو تائين سنڌو درياء جو سفر ڪيائون.سندن وفات 30 مئي 1993ع ۾ ٿي. سندن فرزندن ۾ عبدالله خان ڀٽي صاحب، ناليوارو ليکڪ اورنگزيب ڀٽي صاحب ۽ غلام سرور صاحب بهترين شخصيتون آهن.
rTFyf4x.jpeg
 
Back
Top