ليکڪ نور سنڌي شاهنواز جوڻيجو جيڪو عوام دوستي ، راڄوڻي فيصلن، مظلومن جي داد رسي ڪرڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. سندس وصال کي 5 سال گذري ويا آهن پر اڄ به هزارين چاهيندڙن جا نيڻ سندس جدائي ۾ آلا آهن. اڄ به هزارين ماڻهو سندس ساروڻيون ساري روئي ڏين ٿا. چاچو شاهنواز ڪو وڏو جاگيردار نه هو هڪ ننڍو زميندار هو. ليڪن سندس رهڻي ڪهڻي روزانه سندس اوطاق تي ايندڙ کي ماني کارائڻ کان سواءِ نه ڇڏڻ انصاف ڀريا فيصلا ڪرڻ. سنڌ جي قديم ثقافت کي زنده رکڻ وارين روايتن علائقي توڙي سنڌ واسين کان ڪڏهن به نه وسرنديون. پاڻ انصاف ڀرين فيصلن جي حوالي سان سڄي ملڪ ۾ مشهور هو. بلوچستان جا سردار به ڏکين فيصلن جي حل لاءِ کيس گهرائيندا هئا. سندس فيصلا انتهائي منصفاڻه ۽ مکڻ مان وار ڪڍڻ واري چوڻي جيان هئڻ ڪري هر ماڻهو جي خواهش هوندي هئي ته فيصلو چاچا شاهنواز جوڻيجو کان ڪرايان سندس ڳوٺ سنجر جوڻيجو ۾ سندس اوطاق تي فيصلا ڪرائڻ وارن جا ميلا متل هوندا هئا. شاهنواز خان جوڻيجو کي جيڪي مولا خوبيون عطاڪيون انهن کيس آسمان تي پهچائي ڇڏيو. شاهنواز جوڻيجو سنڌ جو هڪ روايتي وڏيرو هو جنهن سنڌ جي ريتن، رسمن. ثقافت سان آخري گهڙي تائين نڀائيندو آيو. جنهن جي ڪري کيس ڪلاسيڪل وڏيرو جو لقب مليو. پاڻ سنڌ جي روايتي وڏيري جيان ڪڪڙن جو خفت کان وٺي رڇ ڪتن جي ويڙهه، ڀلن گهوڙن جي ڊوڙ، ملاکڙا، ڪٻڊي ۽ ٻيون رانديون ڏسڻ، بوسڪي يا اجرڪ جو پٽڪو ٻڌندو هو. سخاوت ۽ مهمان نوازي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. روزانو ڪم ڪارين ۽ هفتي ۾ فيصلن لاءِ ايندڙ سوين ماڻهن کي موسم آهر ٿڌو، چانهه ۽ ماني کارائيندو هو. سندس ڳالهائڻ جو انداز ئي نرالو هو. پرائي کي پنهنجو ڪري ڇڏيندو هو. جنهن ڪري نه صرف علائقي پر سڄي سنڌ جا ماڻهو سندس عاشق هئا. هن پنهنجي ڪردار پنهنجي عملن سان ظاهر ڪيو ته هو هميشه زنده آهي. پاڻ سچ ڳالهائيندڙ هو پوءِ ڪنهن کي سچ وڻي يا نه . هڪ بهادر، بيباڪ ۽ ارڏو ذهين انسان هو.سندس هالا جي مخدوم خاندان سان شروع کان وٺي نيازمندي رهي. پاڻ مخدوم طالب الموليٰ جن مان بيحد متاثر هئا. جواني کان وٺي آخري دم تائين هفتي ۾ 3 يا 4 ڀيرا مخدوم هائوس تي ڀيرو ڪندا هئا ۽ اتي مخدوم صاحبن وٽ ايندڙ ڏکيا فيصلا به انتهائي خوش اسلوبي سان ڪندا هئا. سندس چوڻ هو ته پاڻ زندگي ۾ ٽن ماڻهن سان عشق جي حد تائين محبت ڪئي انهن ۾ مخدوم امين فهيم، ڄام صادق علي خان، فداحسين ڏيرو ايترو اصول پرست جو ڪڏهن به ڪنهن سامهون جهڪڻ نه سکيو. سندس تعليم ٽن درجن کان گهٽ هئڻ جي باوجود پاڻ سنڌي، اردو، انگريزي اخبارون، ميگزين پڙهي ويندا هئا. کيس انگريزي جيل ۾ رسول بخش پليجو ۽ رفيع شفي سيکاري، سندس فارسي زبان تي به عبور هو. پاڻ تاريخي ، مذهبي ، دنيا جي جنگين نفسيات جا ڪتاب دلچسپي سان پڙهندا هئا پاڻ ڀلاري پٽ ڌڻي جي رسالي جا پارکو هئا. کين لطيف سائين جاڪيترائي شعر ياد هوندا هئا. پاڻ صبح سويري اٿي ورزش ڪندا هئا. بعد ۾ گهوڙا ڊوڙائيندو هو.زمين تي ويندو هو پاڻ ڀلوڙ ڪتن، بازن، ڪڪڙن، گهوڙن پالڻ جو شوقين هو. هنن جي کاڌ خوراڪ جو انتظام پنهنجي نگراني ۾ ڪندو هو. فيصلن ۾ ايندڙ ٻهراڙي جي ماڻهن جي غير سليقي واري گفتگو کي ڪڏهن خراب نه سمجهندو پر انهن کي کلندي صحيح ڪري ڇڏيندو هو. پاڻ سياست ۾ اچڻ بعد رڇ ڪتن جي ويڙهه ۽ سوئر تي ڪتن جي بڇ ۽ ڪڪڙن جي ويڙهه وارا شوق ختم ڪري ڇڏيا ليڪن گهوڙا ڊوڙائڻ واري شوق طبيعت سهي نه هئڻ جي باوجود جاري رکيو. پنهنجا گهوڙا ، ڪراچي، لاهور ۾ پير صاحب پاڳارو سان گڏ ريس ڪورس ۾ ڊوڙايا.پاڻ فيصلا حضرت علي جن جي فيصلن جي روشني ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. پاڻ سنڌ واسين سان ٿيندڙ ظلم زيادتين، سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي ٿيندڙ قوم پرست ڌرين جي احتجاجن لانگ مارچ، جلسن ۾ شريڪ ٿيندو هو. عوامي تحريڪ پاران ڪالاباغ ڊيم خلاف لانگ مارچ ۾ ڀٽ شاهه ۾ تقرير ڪرڻ جي ڏوهه ۽ گرفتار ٿيو ۽ جيل موڪليو ويو. هي بردبار بيباڪ، سچو سياستدان، ڪلاسيڪل وڏيرو چاچا شاهنواز جوڻيجو 14 جولاءِ تي صبح 4 وڳي سنگاپور جي هڪ اسپتال ۾ دم ڌڻي جي حوالي ڪيو.اڄ سندس 5 ورسي سندس ڳوٺ سنجو جوڻيجو ۾ ملهئاي پئي وڃي. اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين آديسي اٿي ويا ويا مڙهيون مون مارين جي جيءَ کي جيارين سي لاهوتي لڏي ويا.