سنڌ جو ناليوارو موسيقار استاد غلام علي مرحوم تحرير : عبدالله جروار اڄ سنڌ جي ناليواري موسيقار غلام علي کي ياد ڪريون. جنهن وڌ کان وڌ سنڌي فلمن ۾ موسيقي ڏئي پنهنجو نالو ڪمايو. موسيقار غلام علي شيخ جو جنم بروز ڇنڇر 23 نومبر 1933 ع تي حيدرآباد شهر ۾ ٿيو. سندس والد صاحب جو نالو عبدالواحد شيخ هو. پاڻ مئٽرڪ جو امتحان نور محمد هاء اسڪول حيدرآباد مان پاس ڪيو. سندن وڌيڪ تعليم ڏانهن دلچسپي نه رهي. ننڍپڻ کان ئي فن جي دنيا ۾ آيا. جو سال 1945ع ڌاري پنهنجي والد صاحب سان گڏ جوڌپور جي مهاراجا جستونت سنگھ جي ڀاء جي شادي ۾ فرمارمنس ڪئي. ننڍپڻ کان اداڪاري ڏانهن شوق رکندڙ غلام علي" آسي عرف لوفر" نالي اسٽيج ڊرامي ۾ ڪم ڪري مقبوليت ماڻي 1953ع ڌاري سندس ملاقات شيخ حسن سان ٿي جنهن فلم عمر مارئي ۾ "کيت" جو ڪردار ڏنو. شيخ حسن صاحب جي تعلق سان سندن ملاقات اسماعيل ٻن واصف سان ٿي. جنهن سان غلام علي موسيقي ڪمپوز ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري. موسيقي ۾ گهڻي شوق جو اظهار ڪيو. جنهن تي شيخ حسن صاحب کيس ڪجھ ڌنون ٻڌڻ جي فرمائش ڪئي. جيڪي شيخ حسن صاحب کي پسند آيون. جنهن بعد غلام علي کي نذير بيگم جي آواز رشيد احمد لاشاري جا ٻول " دل منهنجي ڌڙڪي، اک منهنجي ڦڙڪي" جنهن کي پاڻ بهترين نموني ڪمپوز ڪيائون. جو نگهت سلطانه کي بيحد پسند آيو. جنهن بعد اهو فيصلو ٿيو غلام علي فلم ۾ "کيت" جي ادا ڪرڻ بجاء ڪمپوزر طور ڪم ڪري. ان بعد غلام علي ڪپوزر طور شاندار موسيقي ڏئي نالو ڪمايو. ان کان علاوه پاڻ پاڪستان ٽيليويزن تي پروگرام پرک ۾ موسيقي ڏنائون. پروگرام پرک جا ڪيترن ئي گيتن جي موسيقي استاد غلام علي مرحوم ڏني هئي. سنڌي فلمن جي موسيقار طور تاريخ ۾ مٿاهون مقام ماڻيندر استاد غلام علي ڪيترن ئي فلمن لاء موسيقي ڏئي شهرت جي آسمان تي پهچي ويا. استاد غلام علي 18 آگسٽ 1996ع تي وفات ڪئي پاڻ حيدرآباد ۾ آسوده خاڪ آهن. سندن موسيقي ڏنل سنڌي فلمن ۾ عمر مارئي، پرديسي، شهرو فيروز، چانڊوڪي، نوري ڄام تماچي، پنو عاقل، محبوب مٺا، مٺڙا شال ملن، جيجل ماء، البيلي، پيار ڪيو سينگار، پيار تان صدقي، منهنجو پيار پڪاري، رت جا رشتا، سنڌڙي تان صدقي، رت ۽ اجرڪ، ڌرتي ۽ آڪاش، اميد، ممتا، سورمي سنڌ جي، هو جمالو، دشمن، علي گوهر، بيوس، جيئي لطيف، محب شيدي، آئي مند بهار (اڻ رليز) قسمت ڪئي جدائي (اڻ رليز ٿيل) شامل آهن.. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پنهنجي ڪتاب ۾ غلام علي بابت هينئن لکيو آهي غلام علي هر فن مولا هيو. هن کي فلمي موسيقيءَ تي وڏو عبور حاصل هيو ۽ هو نوشاد کي پنهنجو روحاني استاد چوندو هيو، حيدرآباد ۾ رهڻ جي دوران هن سان شام جو منهنجون ڪچهريون ٿينديون هيو. ڊاڪٽرس ڪالونيءَ مان هلي اسان هوٽل سٽي گيٽ جي لان تي ويهي چانهه پيئندا هياسين. هڪ دفعي ڪنهن رڪشا ۾ ڪا خوبصورت عورت پئي وئي، استاد غلام علي مذاق ڪندي چيو ته ”جيڪر اسان سان چانهه پيئي ته.......!! مون وراڻيو ادا اهڙا پنهنجا ڀاڳ ڪٿي!! ٿوري دير کان پوءِ چيائين گانو ٺهي ويو. توهان ان جا ٻول لکو. مون ٻول لکيا. روز اسان سان محب ملن اهڙا پنهنجا ڀاڳ ڪٿي سهڻا ساجن ساڻ هلن اهڙا پنهنجا ڀاڳ ڪٿي ۽ پوءِ محمد يوسف جي آواز ۾ پوري ڪيسٽ ٿي، جنهن ۾ منهنجي شاعري هئي. اُن ۾ اهو ڪلام به شامل هيو. اها به هڪ الڳ ڪهاڻي آهي ته ڪيسٽ سجاد يوسف جي آواز ۾ ٿي ڪئي سين. ٽريڪ تيار ٿيا سجاد جي طبعيت خراب ٿي ۽ وڃي نفسياتي اسپتال ۾ داخل ٿيو. پوءِ جتي سجاد جو ٽريڪ ٺيڪ هيو. اهو رکيوسين باقي آپريشن ڪري محمد يوسف کان ڪيسٽ ڪرائي سين. استاد غلام علي اُن حق ۾ نه هيو ته تعمير حسين ڳائي پر مون ئي کيس راضي ڪيو۽ پرک پروگرام ۾ تعمير حسين جي آواز ۾ پهريون ڀيرو ڪلام ”هلي آءُ هلي آءُ“ رڪارد ڪرايو، جيڪو اڄ به مقبول آهي. استاد غلام علي پرک پروگرام ڪندو هو. پوءِ اڪثر اُن لاءِ شام واري اُن ڪچهريءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪن ڌنن تي ڪلام لکرائيندو هيو مددي ڪتاب : سنڌ ٽاڪيز ليکڪ : ڊاڪٽر محمود مغل صاحب ڪتاب: آئينا ۽ عڪس ليکڪ: ڊاڪٽر ذوالفقار سيال صاحب