بطور استاد منهنجو پهريون اسڪول وليج ڪامارو شريف (آخري قسط) تحرير : عبدالله جروار منهنجي بطور استاد پهريون اسڪول ڪامارو شريف وليج بابت مضمون ٽن قسطن ۾ لکي چڪو آهيان. ان سلسلي جو هي آخري مضمون آهي. ڪامارو شريف اسڪول ۾ ڊيوٽي دوران هڪ ٻئي کان سکڻ جو ڀرپور موقعو مليو. ان سان اسڪول ۾ ٻارن جي تعليم ۾ بهتري آئي پر اسان کي به پنهنجي تعليم جاري رکڻ جو چڱو موقعو مليو. جيئن ته سائين لکمير ڪاڪا صاحب اسان جو هيڊ ماستر هو. هفتيوار موڪل تي پنهنجي ڳوٺ خير محمد ڪاڪا ويندو هو. ڳوٺان چڪر لڳائي سائين جن جو حيدرآباد جي دوستن وٽ اچڻ وڃڻ هوندو هو. جنهن سان تعليمي سرگرمين بابت حال احوال ملندو رهندو هو. سائين لکمير ڪاڪا صاحب کي اها ڄاڻ ملي ته 1988ع ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي بي ايڊ جا ڪلاس شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي. جنهن جي جي تياري جاري آهي. ان ئي سال داخلا جو اعلان ٿيو. سائين لکمير ڪاڪا مرحوم پهرين سال ئي داخلا ورتي. سائين جي داخلا ته ٿي وئي پر جيئن ته ڪتاب ڇپائي جي مرحلي ۾ هئا وقت سر ڇپجي نه سگهيا. اهڙي طرح سان ان ڪري ان سال مڪمل ڪلاس هلي نه سگهيا. جيستائين ٻيو سال به شروع ٿي ويو اهو سال 1989 هو جنهن ۾ نيون داخلائون شروع ٿيون. ان وقت جيتوڻيڪ ڪامارو شريف مان بدلي ٿي ويو هئس. پر سائين لکمير ڪاڪا مرحوم سان رابطو هوندو هو . ان جي چوڻ تي داخلا ورتي. ائين اسان جي بي ايڊ جي پڙهائي شروع ٿي. منهنجي ڳوٺ کان روزانو اڄ وڃ جي پريشاني سبب سائين لکمير ڪاڪا صاحب جن مون کي ڪاماري شريف رهڻ جي صلاح ڏني. جيڪا مون کي به دل سان لڳي. اهڙي طرح اسان ٻئي سائين لکمير ڪاڪا ۽ آئون گڏ رهڻ لڳاسين. جڏهن سائين عبدالله سينهرو ۽ ٻيا استاد روزانو ايندا ويندا هئا. اسان جو معمول اهو بڻيو ته صبح جو اسڪول ۾ پڙهائي اسڪول ۾ منجهند جي ماني کائي. موڪل کان پوء پنهنجي رهائش جي ڪمري تي ايندا هئاسين. پير صاحبان طرفان اهو مليل ڪمرو جيڪو سائين ڊاڪٽر ابراهيم خليل قريشي صاحب جن جي بنگلي سان لڳ هو . اتي اسان جي رهائش هوندي هئي. ڀر ۾ درگاھ ۽ مسجد هئڻ ڪري نماز وغيره به آساني سان ادا ڪرڻ جي سهولت هئي. پير صاحبان طرفان ماني جو توڙي وقت سر چانھ جو بندوبست هوندو هو . ڪجھ وقت ته پراڻو خليفو فقير جعفر مرحوم پاڻ کڻي ايندو هو. ان جي وفات کان پوء ٻيا ملازم آڻيندا هئا. اسان جو روز جو معمول اهو هوندو هو ته اسڪول مان موڪل کان پوء نماز پڙهي آرام ڪندا هئاسين. جنهن بعد وچين نماز ڌاري چانھ به ايندي هئي چانھ پاڻي پي نماز پڙهي شام جو واڪ تي نڪرندا هئاسين جيڪا ڳوٺ جيئو ڪاڪيپوتي تائين هوندي هئي جتي اوطاقي يار ويس انسان دوست حاجي محمد هاشم ڪاڪيپوتي مرحوم جي اوطاق ۽ سيٺ شوڪت هاليپوٽو جنهنجو ريزڪي دڪان ۽ اتي جي چڪي هوندي هئي اتي روزانو شام جو اسان جي ڪچهري هوندي هئي. مغرب نماز واپس ڪامارو شريف ۾ پڙهندا هئاسين. اهو تقريبن روز جو معمول هوندو هو. ڪامارو شريف پرامن ۽ پرسڪون ڳوٺ هو. جنهن ڪري اسان کي ڪا پريشاني نه ٿيندي هئي. اسان وٽ رات جو سمهڻي نماز بعد ڪچهري تي ڳوٺ وارا به ايندا هئا جن ۾ چاچو محمد عمراڻي، چاچو بچل دل / مستوئي ٻيو به هڪ همراه جنهن کي ڊاڪٽر سڏيندا هئا پر ان جو نالو وسري ويو اٿم. سائين ڊاڪٽر پير ابراهيم خليل قريشي صاحب جن جو ڊرائيور مير صاحب نالو ته خبر ناهي ڇا هئس. پر مير صاحب سڏيندا هئس. رات جو پتي راند ٿيندي هئي ۽ ڪچهري پئي هلندي هئي. جيستائين همراه ٿڪن. سائين اشرف شاھ جن جي درگاھ تي چنڊ جي هر مهيني جي سهائي سومر تي وايون ۽ مولود پڙهيا ويندا هئا. جيڪي مقامي ۽ آس پاس جا فقير پڙهندا هئا. جڏهن ته هر مهيني جي چوڏهين تاريخ تي پري پري جا مولودي ۽ فقير ايندا هئا. جيڪي سڄي رات وايون ۽ مولود پڙهندا هئا. روح پرور منظر هوندو هو. سڄي رات چانھ جا دور هلندا هئا. صبح جو سڀني مولودين ۽ فقيرن کي نيرن پاڻي ڪرائي خرچ ڀاڙو ڏئي موڪل ڏني ويندي هئي. اهو سمورو انتظام ان وقت جو سجاده نشين درگاھ سائين پير ابراهيم خليل قريشي جن ڪندا هئا. الله پاڪ انهن بزرگن کي جنت الفردوس ۾ اعلي ا مقام عطا فرمائي. زندگي جو سفر ائين روان دوان رهيو آهي. سڀ ڪجھ انسان جي روز پاڻي سان منسلڪ آهي. الله پاڪ جنهن جي روزي رزق جنهن بهاني سان جتي لکيو آهي اتي ئي کائڻو آهي. وقت پنهنجي رفتار سان هلندو رهيو. سال 1989 اچي پهتو. وقت جي هڪ مجبوري سبب مون کي ڪجھ ڏينھن لاء موڪل وٺڻي پئي. ان وقت سب ڊويزنل ايڊيوڪيشن آفيسر سائين ساجن ملاح صاحب هو جنهن موڪل منظور ڪرڻ فرمائي اهڙي طرح ڪاماري شريف ۾ ڊيوٽي جو سفر پڄاڻي تي پهتو. ڪجھ ڏينھن جي موڪل بعد سائين ساجن ملاح صاحب مون کي گهرائي گورنمينٽ پرائمري اسڪول بڪيرا شريف جو آرڊر ڏنو. ڪاماري شريف ۾ سٺو ۽ ڀلو وقت عزت سان گذريو. جيڪي منهنجي زندگي جا يادگار سال رهيا. اڄ به ڪافي شاگردن توڙي دوستن ميل ملاقات يا فيس بوڪ سوشل ميڊيا تي رابطو آهي. ڪافي شاگرد سٺين پوسٽن تي آهن. جن بابت ٻڌي خوشي ٿئي ٿي . اسان استادن جي عزت ڪن ٿا سٺن لفظن سان ياد ڪن ٿا. ان کان وڌ ڇا گهرجي. انشاء اللہ ايندڙ مضمون ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾ گذاريل هڪ سال بابت لکبو. Pir Muhammad Ameen Pir Taj Muhammad Zakir Hussain Ramoon Charan