ليکڪ ايوب کوسو سنڌ ۾ جڏهن پڪل ڪڻڪ ۾ ڏانٽا پوندا آهن ۽ تتيءَ جي تيز رولاڪ اس ۾ لابارو ڪندي ڪنوارين ڪولهڻين جون مرڪون ڇلڪنديون آهن ۽ مٽي پگهريل پيشانين جو پاڻي چــُـمندي آهي، تڏهن سڄي سنڌ پيار جي پهرين نهار جي احساس جيان ٽڙي پوندي آهي. وري سياري جي شامن ۾ جڏهن ٻنين کي ڏنل پاڻي تي اڇا ٻگها لهندا ۽ کنڀ ڦڙڪائيندا اڏامندا آهن، تڏهن سنڌ مصور جي تصور جيئن جاڳي مـُـرڪي پوندي آهي. وري جڏهن پن ڇڻ رُت منظرن جي گهرن مان کاٽ هڻي سمورا رنگ چورائيندي آهي، تڏهن سنڌ سوچيندڙ شاعر جي بيچيني جو ڏيک ڏيڻ لڳندي آهي ۽ جڏهن اداس بهار رنگن جون ريشمي چنيون، ڪشمور کان ڪارونجهر تائين پکيڙي ڇڏيندي آهي، تڏهن سنڌ ڪچين جوانين جا خواب ٿي پوندي آهي! پر اهي سموريون ادائون ۽ سندرتائون رکڻ جي باوجود اهو اٽل ۽ بي رحم سچ پنهنجي جاءِ تي کيرٿر جبل جي چوٽي جيان اُڀو آهي ته سنڌ ۾ جاڳندڙ ساهن ۾ روايتي ڪني بيحسي جاڳندي رهي آهي، جيڪا اڃا تائين جاري آهي. اسان سنڌ واسين سنڌ جي تاريخ کي ڪڏهن به سمجهيو ئي ناهي، ان مان ڪو ننڍڙو سبق به حاصل ناهي ڪيو. اهو ئي اسان جو تاريخي الميو آهي. ان جو اهو ثبوت آهي ته سنڌ ۾ بي واجبين توڙي قتل عام تي مجموعي طور تي سڄي سنڌ اندر هر ڀيري کدڙن جي مڙهي تي شام ٽاڻي مڙي آيل ماٺ جهڙي صورتحال ۽ خاموشي روئندي رهي آهي. سنڌ جا ليڊر پنجابين، بهارين، پٺاڻن ۽ مهاجرن کي توڙي حڪومتن کي سنڌ جا دشمن سڏيندا آيا آهن، اهو سڀ پنهنجي جاءِ تي پر وڏو سچ اهو آهي ته سنڌ جو وڏو دشمن ٻيو ڪو نه پر اسان سنڌين جي روايتي بيحسي آهي. سنڌ جو دشمن خود اها اسان جي انفرادي سوچ آهي، جنهن سڄي قوم کي ڇڙوڇڙ رکيو آهي، جنهن جي نتيجي سنڌ کي برباد ڪيو آهي، جنهن ۾ اسان سڀ پورا پورا حصيدار آهيون! اسان پنهنجو پاڻ کان ڇا ڪڏهن اهو پڇي ڏٺو آهي ته سنڌ ۾ ٿيندڙ بي واجبين ۽ قتل عام تي اسان ڪيترو ۽ ڪهڙو احتجاج ڪيو آهي!؟ اها اڄ جي ڳالهه ناهي، اهو صدين کان ٿي رهيو آهي، جنهن جي تاريخ شاهد آهي! سنڌ جي آبادي روايتي بيحسي جي گٽر ۾ ڪري پنهنجو پاڻ سان وڏي ناانصافي ڪئي آهي، ان جو اهو کليو ثبوت آهي ته سنڌ ۾ دهشتگردن هٿان قتل ٿيل سنڌين لاءِ سنڌي آبادي ڪهڙو تاريخي احتجاج ڪيو؟ اڄ به معصوم ننڍڙي راجي باگڙياڻي جي ڪنن جون واليون ۽ ڳچي وڍيندڙ قاتل گم آهن! ڇا اسان ڪو ٿورو به احتجاج راجي جي ويندڙ ساهن جي نالي ڪيو آهي!؟ مرتضيٰ ڀٽي جو قتل اڃان ظاهر ناهي ٿيو، ڇا ان جي وري ڪا پڇا ڪنهن ڪئي آهي!؟ ڪراچي ۾ مينهن جي واڙن تي ڪـُـٺل ٻهراڙين جي نوجوانن جي قاتلن جو پتو، ڇا اسان مان ڪنهن ماڻهو، ڪنهن ادارن کان پڇيو آهي؟ ڇا ٽوڙي ڦاٽڪ جا شهيد اسان مان ڪنهن کي سگريٽ ڇڪيندي ياد آيا آهن!؟ ڇا نظير عباسي جا ڇڪي لاٿل ننهن اوهان مان ڪنهن کي مانيءَ جو گرهه وات ۾ وجهندي ياد آيا آهن؟ ٻيو ته ٺهيو، پر سنڌ جي صدين جي روح کي ڳائيندڙ محبوب ڪوي شيخ اياز جي وسريل قبر تي اسان مان ڪهڙن وڃي قل پڙهيا آهن!؟ اسان مان ڪهڙن هوش محمد جي قبر کي ياد ڪيو آهي!؟ ٿورو ايمانداريءَ سان انهن سوالن تي ضرور سوچجو! ڇو جو اهي سوال اڄ سنڌ جي چپن تي چـُـري رهيا آهن. ٿورو اهو به سوچجو ته سنڌ ۾ ديبل جي بندرگاهه وٽ جڏهن عربن جي ٻيڙن ۽ مسافرن کي سنڌ جي ڦورن ڦريو هو ته هڪ بيواهه عرب عورت جي دانهن تي غيرت کائي حجاج بن يوسف جي فوج ڪاهي اچي سنڌ ۽ حاڪمن کي ڇا سبق ڏنو هو!؟ ۽ ان جي ڀيٽ ۾ اسان سنڌ ۾ رهي سوين عورتن جي لـُـٽيل عزتن تي ڪيترو سوچيو آهي ۽ انهن لاءِ ڪيترو ۽ ڪهڙو احتجاج ڪيو آهي!؟ اهو ضرور پنهنجو پاڻ کان پڇجو! ۽ پوءِ جيڪو به جواب روح جون اونهايون ڏين، اهو به نه وسارجو! الميو اهو آهي جو اسان وٽ گڏيل سوچ جي ڏڪار جي ڪري بربادي ايندي رهي آهي. اڄ جون حالتون اهي آهن جو ڪچي جون آباديون سانجهي ٿيندي ئي ڌاڙيلن جي ڊپ ۽ ڪاررواين جي ڪري زندگيءَ کان محروم ٿي ڪربلا جو ڏيک ڏيڻ لڳيون آهن. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ان ڪري ڪچهرين جو روح ويندو رهيو آهي، سنڌ ۾ رڳو لاقانونيت آهي ۽ ان سان گڏ اجتماعي سوچ جي محرومي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ساڃاهه جا دربند ٿيندا رهيا آهن. ڀٽائي جي روضي تي ڀٽائي سان نڀائيندڙ ڪارن ڪپڙن ۾ رات جو راڳ ڳائيندڙ پيارا فقير، اَسـُـر جو تنبورن کي ڀر ۾ رکي سگريٽ جي دونهين جا ڇلا ٺاهي اٿڻ کان اڳ ۾ ڀٽائيءَ جو هي بيت: تتيءَ ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي، متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو!ّ سنڌ جي ٿڌي رات کي چـُـمي جيان ڏئي هڪ روايت کي روح ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر راڳ ۽ ڀٽائيءَ جو پيغام ٻڌندڙ ماڻهو ان پيغام کي وساري روايتي بيحسي جي احساسن ۾ ننڊون ڪندا رهن ٿا! ۽ ٻئي طرف پنهنجي سڌ جو هر روايتي وڏيرو وسڪي جي چڙهيل نشي ۾ رات جو ڀٽائي جو بيت خرمستيءَ ۾ جهونگاري ٿو ته: ماڻهو سڀ نه سهـُـڻا، پکي سڀ نه هنج، ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بـُـوءِ بهار جي. پر اها بدذوقي ڇا ڄاڻي ته ڀٽائيءَ جو پيغام ڇا آهي!؟ اها بهار جي بـُـوءِ ڪٿي آهي؟ اهو اڄ جي هن روايتي بيحسي کان اهم سوال آهي، جنهن جو جواب هر ڪو پنهنجي من ۾ ڳولي سگهي ٿو! بهار جي خوشبو ته زمانا ٿيا آهن جو سنڌ جي هوائن ناهي ڏٺي! سنڌ ته رڳو پن ڇڻ جي اداسي ڏٺي آهي، جنهن ۾ روايتي بيحسي جي ڪني بـُـوءِ آهي! جنهن اُداسي ۾ لڄالٽ ٿيل نياڻين جا ڳوڙها آهن، جنهن اداسي ۾ ڪجهه عرصو پهرين ٿر ۾ ڄايل ۽ دائي هٿان ڏاڏاڻن پاران مارايل معصوم نينگر جي ساهن جي ڇـُـهاءَ جي ڇڪتاڻ آهي! جنهن لاءِ ڪو به احتجاج ناهي ٿيو، جنهن لاءِ سوين سوال ٻـُـڏ-تر ۾ آهن. سنڌ جي بي رحمين ۽ بي واجبين جي صليب تي لڙڪيل وجود ۾ قصور رڳو ان سوچ جو آهي، جيڪا احساسن کان محروم آهي، جيڪا گڏيل رهڻ کان وانجهيل آهي. سنڌ جا ماڻهو يعني اسين، نام نهاد غيرتن جي نالي ۾ سڀ ڪجهه برباد ڪرڻ جو عملي مظاهرو ڪندي دير نٿا ڪريون، پر قومي غيرت اسان وٽ اڻلڀ آهي. سنڌ جي محرومي هر دؤر ۾ پنهنجا وارث ڳوليندي رهي آهي، پر سنڌ جي ڦٽيل وجود کي غير طبيبن جي پرائيويٽ طب گهرن ۾ داخل ڪرائي، ان جا وارث، ان جي پرگهور لهڻ وساريندا رهيا آهن ۽ پوڙهي ماءُ جهڙي اداس سنڌ پنهنجي وارثن کي ڀٽائيءَ جي هنن سٽن ۾ ساريندي رهي آهي ته: ڏينهن تتو ڏونگر ٻريو، ڀينر! کاڻي ڀون متان لاٿو مون، سندو جيئڻ آسرو! ڪڏهن ڪڏهن اها اداس سنڌ، اياز جي لفظن ۾ اهو به چوندي رهي آهي ته: اچين ٿو اوٺار، جهوڙا سڀ جهمڪن پيا، تڪي تنهنجا پار، ڪاٽيم ڪيڏيون راتڙيون! اها روايتي بيحسي ئي آهي جنهن جي ڪري سنڌ جا فنڪار، شاعر، اديب، مصور، محبوب، نياڻيون، نوجوان ۽ ٻار زندگيءَ کان محروم ٿيندا رهيا آهن، جنهن جي ڪري سنڌ پنهنجي اصل دڳ کان ڀٽڪيل رهي آهي. نتيجي ۾ هوءَ بهارن جي هڳاءَ بدران پن ڇڻ جا رنگ جهولي ۾ ڀريندي آئي آهي، جنهن جي اداسي کي لفظن ۾ بيان ڪري ئي نٿو سگهجي! سنڌ جو نئون ذهن سنڌ جي بگڙيل صورتحال کي ٺاهڻ لاءِ ڪيترو سنجيده آهي؟ اهو اهم سوال آهي، جنهن تي سوچڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هاڻ ڪو به صحيفو لهڻو ناهي، سنڌ جي منهن تي مرڪ آڻڻ لاءِ سنڌ جي نئين نسل کي ويچارڻو آهي. سنڌ مان خزائون تڙي ڪڍڻ لاءِ نئين نسل تي اهم ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. جيڪڏهن ان به روايتي بيحسي کي ورجايو ته پوءِ اها پن ڇڻ ٽرڻ ناممڪن ٿيندي! سو دوستو! ان تي ضرور سوچجو. جي سوچڻ نٿا چاهيو ته پوءِ پنهنجي تصور جي مئل هٿن سان سنڌ جي اداس چهري تي چادر وجهي ان روايتي بيحسي جي حق ۾ نعرو هڻي ان بيحسي ۾ ٿورو وڌيڪ تاريخي اضافو ڪري ڇڏجو، باقي فيصلو وقت پاڻهي ڪندو!