ڪهاڻي ندي جو نوحو

'ڪهاڻيون' فورم ۾ همانگير سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2010۔

  1. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    ليکڪ اختر حفيظ

    شام ٿي چڪي هئي،سڄي شهر تي سُرمئي رنگ جي چادر ويڙهجي وئي هئي.اهو رنگ ڄڻ ته هر وجود کي اداس ڪري ڇڏيندوهو.اُهي ٻئي ندي ڪناري ويٺل هئا.ندي ڇا هئي ڄڻ ته ڪنهن صحرا جو ڏيک هو،ورهيه ٿيا درياهه جو پيٽ پاڻي سان نه ڀراڻو هو.هر پاسي چمڪندڙ واريءَ جا ذرا هئا،ڪٿي ڪٿي وشال نديءَ جي پيٽ ۾ ڪجهه پاڻي جا دُٻا هئا،جيڪي سينورجي ويا هئا پر هڪ وڏي نديءَ ۾ انهن جي ڪهڙي حيثيت هئي.آسمان سج جي هلڪي روشني جي ڪري ڳاڙهسرو نظر پئي آيو،جڏهن ندي وهندي هئي ته نيري آسمان جو عڪس نديءَ ۾ائين نظر ايندو هو ڄڻ ته پورو آسمان انهي نديءَ جي هنج ۾ آرام ڪري رهيو هجي ۽ اهو پنهنجو چهرو نديءَ جي اکين ۾ پيو ڏسندوهو.ڪناري جي ٻنهي پاسي درياهه کان آشنا ٻيڙيون ڄڻ ته بيواهه هيون،ڪنهن مهل هوا لڳي ٿي ته واري جا ذرا آسپاس وکري ٿي ويا.

    ”سسئي تو ڪڏهن نديءَ کي پنهنجي مستيءَ ۾ وهندي ڏٺو آهي؟“لطيف پڇيو.

    ”ها،ڪافي وقت پهرين ڏٺو هئم،جيڪا هوا هن وقت واري اڏائي رهي آهي،اها هوا نديءَ جي وجود سان کيڏندي رهندي هئي ۽ انهي مان اٿندڙ هر لهر جي پنهنجي موسيقي هوندي هئي،هاڻي ته هر پاسي واريءَ کي ڏسي اکين ۾ پاڻي ٿو ڀرجي اچي“ هن اداسي مان چيو.

    ”هي ندي اسان جي ڌرتي جي سينڌ آهي،جنهن کي هتان جو هو ماڻهو سالم ڏسڻ ٿو چاهي ۽ ٻيو هي رڳو اسان لاءِ پاڻيءَ جو وهڪرو ناهي بلڪه ماءُ آهي ائين سمجهه ته ٿڃ آهي ۽ هن جو پاڻي هتان جي هر ماڻهن جي رڳن ۾ رت بڻجي وهي ٿو،مون ڪيئي ڀيرا هتان لهندڙ سج جو منظرڏٺو آهي پر هاڻي آئون هتي انهيءَ سج کي ڪونه ڏسي سگهندو آهيان جنهن جو عڪس نديءَ ۾ ناهي“ لطيف سج ڏانهن کڄندڙ نظرون ڦيرائيندي چيو.

    ”توکي ڇا لڳندو آهي،هي درياهه وري ائين وهندو؟وري ساڳي مستي ۾،جنهن ۾ ڪئين خوشيون ۽ ڪئين رنگ شامل هوندا هئا ۽ وري هر ماڻهو ائين خوش ٿيندو جيئن هو ڪنهن دور ۾ هو؟“سسئي پڇيو.

    ”ها آئون مايوس ڪونه آهيان پر انهيءَ لاءِ وڙهڻ جي ضرورت آهي،پنهنجي پاڻيءَ لاءِ هڪ وڏي ويڙهه جي ضرورت آهي.مون هڪ سنڌ انهيءَ مهاڻي جي اکين ۾ ڏٺي آهي جنهن جي اکين ۾ انهيءَ ڪري پاڻي هو جو نديءَ ۾ پاڻي ناهي ۽ هڪ سنڌ اها آهي، جيڪا منهنجي ۽ تنهنجي اکين ۾ آهي.جيڪا بظاهر ته خوشحال آهي پر اصل ۾ ائين ناهي.مون جيڪا سنڌ مُهاڻي جي اکين ۾ ڏٺي هئي جنهن لاءِ ڪُل ڪائنات هي نديءَ آهي،اها سنڌ به اسان جي آهي جنهن ۾ اُڃ آهي، بُک ۽ بدحالي آهي ڇا تون نه چاهيندين ته انهيءَ مزدور ۽ هاري جي اکين ۾ انهيءَ سنڌ جا خواب هجن جنهن ۾ ڪو بُکيو ۽ اُگهاڙو نه هجي“

    ”پر جنهن ويڙهه جي تون ڳالهه ڪري رهيو آهين،اها ته اسين هارائي چڪا آهيون ڇا ٿيو آهي هيستائين؟ڪوبه ناهي جيڪو اسان جي آواز کي ٻڌي اسان جو آواز جن ڪنن تائين پهچي ٿو ،اهي ٻوڙا آهن،ڪير آهي جيڪو اسان جي آواز کي ٻڌي ۽ وراڻي ڏئي؟انهي ۾ ته ويڙهه جي ڳالهه ئي اجائي آهي.“

    ”سسئي اڃا ويڙهه شروع ئي ڪٿي ٿي آهي،اڃا ته فقط اعلان ٿيو آهي ۽ تون چوين ٿي ته اسين هارائي ويا آهيون.آئون يا ڪو به باضمير ماڻهو ظلم خلاف پنهنجا چپ سِبي نٿو سگهي ۽ نه ئي آئون پنهنجا چپ سبڻ چاهيان ٿو.جڏهن ظلم ۽ جبر خلاف آواز اٿاربو ته ظلم وڌندو آهي پر گهٽجي نٿو سگهي،آئون ڌرتي ۽ پاڻي لاءَ وڙهندي ماريو وڃان ته نه رڳو تون پر هر ماڻهو مون تي فخر ڪندو پر ظلم سهي بزدل ٿي مرڻ مون کي قبول ناهي ۽ پوءِ جڏهن جبر خلاف هڪ به آواز اٿاربو آهي ته لکين خاموش زبانون کُلي پونديون آهن ۽ اهو آواز حاڪمن جي نڙيءَ تي ننهن بڻجي گهُٽو ڏيندو آهي.آئون به اهڙي زبان ٿيڻ چاهيان ٿو جيڪا ظلم جي ديوارن ۾ نه رڳو ڏار وجهي پر انهيءَ کي ڪيرائي پَٽ ڪري ڇڏي“

    سسئي محسوس ڪيو ته اها ڳالهه ڪندي لطيف جي اکين ۾ چمڪ ۽ اعتماد گڏ اڀري رهيا هئا.

    ”پر ائين نٿو ٿي سگهي ته سڀ ڪجهه حالتن تي ڇڏي ڏيون ۽ سڀ ڪجهه آهستي آهستي ٺيڪ ٿي وڃي. ٿي سگهي ٿو اهو وقت تمام ويجهو هجي جو هن نديءَ جو پاڻي ڪنارن کي وري چمڻ لڳي“

    ”حالتن جي سڌرڻ ۽ سٺي وقت جي انتظار ۾ نسل ختم ٿي ويندا.جيڪي ماڻهو حالتن جي سٺي ٿيڻ جو انتظار ڪندا آهن،اهي به ظلم ۾ ايترا ئي ڀاڱي ڀائيوار هوندا آهن جيترو ظلم ڪندڙ هوندو آهي.ڳالهه رڳو هن نسل جي ناهي پر ايندڙ نسل جي به آهي.آئون پنهنجو نالو غدارن ۾ لکائڻ نٿو چاهيان.اهو چوڻ ته تاريخ پنهنجو حساب پاڻ وٺندي اها اجائي ڳالهه آهي انهي کان بهتر آهي ته اسين پاڻ ڪا جدوجهد ڪري نئين تاريخ لکون.جيڪا ظالم لاءِِ عبرتناڪ هجي.دنيا ۾ ڪوبه انسان ڪمزور ناهي پر پاڻ کي ڪمزور سمجهي ٿو ۽ ڪوبه ظالم ايترو طاقتور ناهي بلڪه اسين پاڻ کي ڪمزور سمجهندا آهيون،انهي ڪري اهو اسان کي زور آواز لڳندو آهي.جڏهن ڪمزورن جو آواز هڪ ٿيندو ته اها اهڙي طاقت بڻجي اڀرندو آهي جيڪا اُڀ به ڏاري سگهي ٿي ۽ انهيءَ آواز ۾ تنهنجو ۽ منهنجو آواز به شامل هجڻ ضروري آهي.“

    ”پر تون ته ڄاڻين ٿو ته اسان وٽ ڪنهن احتجاج ۽ آواز کي موٽ ناهي ملي،انهيءَ ڪري اها ڪوشش فضول آهي،ڪجهه به نه ٿيندو ۽ ائين سڀ ڪجهه هلندو رهندو“.

    ”ائين مايوسي ۾ نتيجا ڪڍي ويهي رهڻ اجائي ڳالهه آهي،قومن جي تقدير عام ماڻهو به مٽائي سگهي ٿو،جيڪڏهن ماضي ۾ آواز کي نه ٻڌو ويو ته ڇا هميشه لاءِ ائين ٿيندو رهندو؟ جڏهن تاريخ آرس ڀڃي اٿندي آهي ته سڀ ڪجهه مٽجي ويندو آهي.مون ته ڇا بلڪه تو به انهن مائرن،پيرين اگهاڙن ٻارن ۽ ليڙون ليڙون ٿيل وجودن کي سج جي تپندڙ اُس ۾ پاڻيءَ جي ڦڙي لاءِ احتجاج ڪندي ڏٺو آهي ۽ انهن جو آواز ڪڏهن ناهي مرڻو،اهو آواز تاريخ ۽ وقت جي ڪنن ۾ هڪ چيخ بڻجي لهندو.اهو ئي آواز اسان جي نجات جو ذريعو بڻبو،ڇا اسين هن نديءَ ڪناري ويٺا آهيون ته توکي ائين نٿو محسوس ٿئي ته هي ندي پنهجو نوحو ٻڌائي رهي هجي،جيڪڏهن تون اهو نوحو ٻڌي نٿي سگهين انهي جي حالت ته ڏسي سگهين ٿي ڇا هن جي ورهين کان خاموشي اسان سان اها شڪايت نٿي ڪري ته هي وري تار ٿي وهڻ ٿي چاهي،جيڪو ماڻهو نديءَ جو نوحو ٻڌي به ڪجهه نٿو ڪري ته انهيءَ کي هن ڌرتي تي جيئڻ جو ڪوبه حق ناهي“ هن جي اکين ۾ ڪاوڙ اڀرڻ لڳي.

    ”اهو ته صحيح آهي پر اهو سڀ ڪجهه ايترو سولو به ناهي جيترو نظر اچي ٿو“

    ”آئون ڄاڻان ٿو ته اهو سڀ ڪجهه آسان ناهي پر اها ويڙهه انهي ڪري نه وڙهجي جو ڪم ڏکيو آهي،جيڪي انهي خوف کان ويڙهه ناهن ڪندا،اهي سڀ ڪجهه وڃائي ويهندا آهن.تو کي ياد آهي مون توکي چيو هو ته منهنجي خواهش آهي ته چانڊوڪي رات ۾ جڏهن هي ندي پنهنجي مستي ۾ وهندي هجي ۽ جهونگاريندي اڳيان وڌندي هجي ته آئون تنهنجو هٿ پڪڙي هلان ۽ صبح تائين هتي ئي ويٺا هجون“ اها ڳالهه ڪندي هن جي چپن تي مرڪ تري آئي۽ سسئي جي چهري تي به هلڪي هلڪي مرڪ اُڀري آئي.

    ”ها اهو ته آئون به چاهيان ٿي ته هر چانڊوڪي رات ۾ پاڻ ٻئي هتي اچون ۽ زندگيءَ جا حَسين پل گذاريون پر ها تمنا الئه ڪڏهن پوري ٿيندي؟“ هوءَ ڪجهه اُداس ٿي وئي.

    ”ها مونکي به انهي وقت جو انتظار آهي پر اسان جي انهي خواهش کان وڌيڪ ماڻهن جا ڏک وڌيڪ اهم آهن ڇا ٿيو جيڪڏهن اسان جي اها خواهش پوري نه ٿي،ٿي سگهي ٿو ايندڙ نسل اهو سڀ ڪجهه ڪري سگهي ۽ ڏسي سگهي جنهن کان اسين محروم آهيون.جيڪڏهن اسان جي قرباني سان هر ايندڙ نسل خوش ٿي حياتي گذاري سگهي ٿو ته اهو سودو ايڏو مهانگو ناهي پر انهي لاءِ جدوجهد جي ضرورت آهي،انهي کانسواءِ ڪجهه به نه ٿي سگهندو“

    سج آسمان تان غائب ٿي چڪو هو،شام رات سان گلي ملي رهي هئي.آسمان تي موجود چنڊ آهستي آهستي روشن ٿي رهيو هو پکين جي پنهنجن آکيرن ڏانهن واپسي جاري هئي،لطيف ۽ سسئي اٿي بيٺا

    ”سسئي! هو ڏس اڄوڪو سج به لهي ويو پر اسان کي نئون سج اڀارڻو آهي،اهڙو سج جيڪو انقلاب جي علامت بڻجي نروار ٿئي،جيڪو تنهنجي ۽ منهنجي اکين ۾ آهي ۽ جڏهن اهو سج اُڀرندو ته هي ندي وري ڪڏهن به پنهنجو نوحو نه ٻڌائيندي.جيڪڏهن تون مون سان آهين ته تنهنجي هر وِک به مون سان کڄڻ گهرجي“هن پنهنجو هٿ سسئي ڏانهن وڌائيندي چيو

    ”آئون به اهڙو آواز ٿينديس جيڪو آسمان ڏاري وجهي“سسئي پنهنجو هٿ لطيف جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيو.پوءِ ٻئي وِک وِک سان ملائي هڪ نئين منزل ڏانهن روانا ٿي ويا.هنن جي پيرن جا نشان واريءَ جي سيني تي نروار ٿي رهيا هئا، جيڪي انهي ڏسا ڏانهن پئي ويا جتان نئون سج نروار ٿيڻو هو.
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: ڪهاڻي ندي جو نوحو

    مهرباني ادا تمام سٺو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو