”غلامي اخلاقي قدرن کي ساڙي ڇڏي ٿي“

'مختلف موضوع' فورم ۾ همانگير سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2010۔

  1. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    ليکڪ مرتضيٰ سيال

    1. جيڪڏهن اوهان سچ نه ٿا ڳالهائي سگهو ته پاڻ کي مهذب ۽ باشعور سمجهڻ پاڻ کي دوکو ڏيڻ آهي. ”مهذب ماڻهو نه ڪوڙ ڳالهائي سگهي ٿو ۽ نه ئي ڪوڙ جو ساٿ ڏئي سگهي ٿو.“ اڪثر ننڍڙا جملا زندگيءَ جي وڏين حقيقتن جو اظهار هوندا آهن. ڪم ال سنگهه جي انهيءَ ڳالهه کي ڪنهن به طرح رد نه ٿو ڪري سگهجي. اهڙي طرح لارڊ بائرن جي هن ڳالهه ۾ به تمام وڏو وزن آهي، ”هر اهو جملو خوبصورت آهي جيڪو اسان جي اُميدن مطابق هجي.“ هر ڳالهه کي دنيا جي اک سان نه ڏسڻ گهرجي پر اڪثر ماڻهو پنهنجو اميج بهتر رکڻ لاءِ دنيا جو ضرورت کان وڌيڪ خيال رکن ٿا. روزمره جي زندگيءَ ۾ واقعي دنيا جي سوچ جو خيال رکڻو پوي ٿو پر زندگيءَ جا سڀئي فيصلا دنيا جي سوچ مطابق ڪجن اهو بلڪل غلط آهي. دنيا توهان لاءِ ڇا ٿي سوچي اهو ايترو اهم ناهي پر اهو وڌيڪ اهم آهي ته توهان جيڪو ڪجهه ڪيو پيا اهو سچائي ۽ ايمانداريءَ مطابق آهي يا نه. هر ماڻهوءَ کي دنيا ڏانهن نه پر پنهنجي ضمير ڏانهن جوابدار هئڻ گهرجي، توهان صحيح رستي تي آهيو ته پوري يقين سان هلندا رهو. ڪير ڇا ٿو چوي يا سمجهي اُن تي سوچڻ بجاءِ پنهنجي منزل ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي. رڳو ماڻهو جي سوچ کي نظر ۾ رکڻ ذهني غلامي آهي. هڪ ڏاهي جي خيال مطابق ”غلامي اخلاقي قدرن کي ساڙي ڇڏي ٿي.“ کوڙ اهڙا ماڻهو آهن جيڪي رڳو دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ نيڪ، شريف ۽ ايماندار آهن جڏهن ته حقيقت ۾ سندن نيتون ۽ عمل انسان دشمنن وارا آهن. سـُـٺائي هڪ اهڙو سچ آهي جنهن کي ڪنهن جي سهاري يا گواهي جي ضرورت ناهي.

    2. بـُـرائي ڦهلائيندڙ ته انسان دشمن آهن ئي پر اهي وڌيڪ غليظ آهن جيڪي برائي ڦهلائيندڙ جو ساٿ ڏين ٿا، ننڍڙي ۽ گندي سوچ جو اظهار اهو آهي جو هو لوفرن کي همٿائن ٿا، غلط عمل کي نندڻ ۽ اُن کي غلط چوڻ بجاءِ پنهنجي سطحي پڻي ۽ حسد کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ برائي لاءِ همٿاءَ وارو رويو رکن ٿا. اهي ڀلي پاڻ کي انسان دوست سڏائن يا سماج سڌار پر اهي گندي نالي ۾ پلجندڙ ڪيڙن کان وڌيڪ ڪا به اهميت نٿا رکن. ڪوڙ جي مخالفت ڪرڻ سچائي ۽ فضيلت جي علامت آهي جڏهن ته ڪمينائپ کي همٿائڻ بي ضمير هئڻ جي نشاني آهي. جڏهن ماڻهوءَ ۾ ضمير زنده نه ٿو رهي ته اُن مان چڱائيءَ جي اُميد رکڻ بيوقوفي آهي. زنده ضمير دشمن به ڏکئي وقت ۾ سچ ۽ فضيلت جو ساٿ ڏيندو پر بي ضمير دوست تڪليف واري وقت سانڊي وانگر رنگ بدلائيندو.

    3. اسان روزانه ڪيتريون ئي منافقيون ڪندا رهون ٿا پر انهن جو ڪو به حساب ڪتاب نه ٿا رکون. ٻين جي ننڍڙين ڳالهين تي به کين مختلف لقبن سان نوازيندا رهون ٿا، اهي اسان کي مفادپرست، ننڍڙا، سطحي، منافق، دوکيباز ۽ الائي ڇا ڇا لڳن ٿا پر اسين پاڻ ڇا آهيون! اُن تي سوچڻ لاءِ به تيار ناهيون. پنهنجن ڪوتاهين جو ڪو به ڪاٿو ڪونهي، جيڪو ڪجهه اسين ڪيون اهو سڀ صحيح آهي پر اهو ساڳو ڪم ڪو ٻيو ڪري ته اهو غلط آهي. سڀني براين جي باوجود اسين پاڻ کي معتبر سمجهندا رهون ٿا ۽ ٻيا معتبر هوندي به اسان لاءِ خراب آهن. ڪو به ماڻهو پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائڻ لاءِ تيار ڪونهي. هر ماڻهو پنهنجي من جي مير کي صاف ڪرڻ جي سچائيءَ سان ڪوشش ڪري ۽ پاڻ کي ايماندار انسان بڻائي ته سمورو سماج روشن خيال بڻجي سگهي ٿو.

    4. انساني زندگيءَ ۾ مونجهارا ايترا ته وڌي ويا آهن جو هر ماڻهو مسئلن ۾ وڪوڙيل آهي. هڪ ئي وقت لاتعداد سوچون گڏ گڏ هلن ٿيون. اڪثر ماڻهو ذهني طور دٻاءُ جو شڪار بڻيل آهن جڏهن ته ذهني طور تي آزاد ماڻهو ئي بهتر رٿابندي ۽ بهتر نتيجا ڏئي سگهن ٿا. ترقي ته برابر ٿي آهي پر اهڙي ترقي ناهي ٿي جنهن سان مسئلن ۾ گهٽتائي آئي هـُـجي، ماڻهن جي پريشانين ۾ واڌارو آيو آهي. حقيقي ۽ پائيدار ترقي اُن کي چئي سگهجي ٿو جنهن سان سهولتن ۾ واڌارو اچي ۽ مسئلن ۾ گهٽتائي ممڪن بڻجي سگهي، اهڙي ترقي تڏهن ممڪن آهي جڏهن هر ماڻهو رڳو مال ميڙڻ واري سوچ ختم ڪري پنهنجي حصي جو ڪم ايمانداري ۽ نيڪ نيتيءَ سان ڪندو.

    5. تبديلي لاءِ هر انسان تمام وڏو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، جيڪڏهن سڀ ڪجهه تبديل ڪرڻ ممڪن ناهي ته به گهڻو ڪجهه تبديل ڪرڻ ممڪن آهي. پنهنجن مصروفيتن مان ٿورڙو وقت ڪڍي انهن ماڻهن لاءِ سوچڻ گهرجي جن کي زندگيءَ جي ڪا به سهولت ميسر ناهي، انهن جي سهائتا لاءِ بنهه ٿورڙي ڪوشش ڪبي ته به انهن جا ڪافي مسئلا حل ٿي ويندا ۽ هو زندگيءَ ڏانهن موٽي سگهندا.

    6. اڪثر پريشانيون اسان کي زندگيءَ کان الڳ ڪري ڇڏينديون آهن، جيڪي ماڻهو پريشانين کي چئلينج سمجهي انهن جو مقابلو ڪندا آهن اُهي ڏکين حالتن ۾ به زندگيءَ جو سفر جاري رکي سگهندا آهن. مايوسي ۽ خودڪشي ۾ ڪو به فرق ناهي، ثابت قدم ماڻهو پريشانين هٿان شڪست کائڻ بجاءِ پريشانين کي شڪست ڏئي زندگيءَ جو هٿ پڪڙي اڳتي وڌندا رهندا آهن.

    7. جن دوستين ۾ ايمانداري ۽ پاڻ ارپڻ وارو جذبو ناهي اهي گهڻي وقت تائين هلي ناهن سگهنديون. هر نئين شيءِ سـُـٺي هوندي آهي پر دوستي جيتري پراڻي هوندي آهي اوتري مضبوط ۽ سـُـٺي هوندي آهي. اُن کان وڌيڪ ڪو به غريب ٿي نه ٿو سگهي جنهن جو ڪو سٺو دوست ناهي. سٺي دوست ۽ سٺي ڪتاب جي سڃاڻپ رکندڙ ڪڏهن به مايوس ٿي نه ٿو سگهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو