بيوس عوام جو بلڊ پريشر

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ همانگير سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2010۔

  1. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    حڪيم نذير احمد شيخ
    هن دور ۾ بلڊ پريشر جو لفظ ايترو عام ٿي ويو آهي جو جنهن جي معنيٰ ۽ مفهوم لکڻ ۽ سمجهائڻ جي ضرورت نه آهي طبي زبان ۾ بلڊپريشر کي بلند فشار خون چئبو آهي. بلڊ پريشر ڪافي پراڻي بيماري آهي جنهن ايتري تيزي سان ترقي ۽ واڌارو ڪيو آهي جو ٻي ڪابه عام بيماري هن دور ۾ مقابلو نٿي ڪري سگهي. بلڊ پريشر وڌيڪ جي صورت ۾ هيٺيون Distlolic به وڌيل رهندو آهي ۽ مٿيون Systoylic به وڌيل رهندو آهي. هي تڪليف ڏيندڙ مرض آهي. هڪ ڀيرو جسم کي لڳي ويو ته چهٽي ويندو آهي. وڃڻ ۽ ڇڏڻ جو نالو ئي نه وٺندو آهي. البت احتياط پرهيز ۽ صحيح علاج جي ذريعي ڪنٽرول ۾ رهي سگهجي ٿو. هڪ برمست گهوڙو آهي جنهن جو لغام علاج جي ذريعي ڪنٽرول ۾ رکي سگهجي ٿو، هن مرض جو عمل سان ويجهو تعلق آهي ليڪن معاشرو ماحول ۽ طرز زندگي ايترو ته تبديل ٿي چڪي ايه جو هاڻي ننڍي عمر کان ئي ڪن حالتن جي ڪري ڪن ماڻهن ۾ وڌيل رهي ٿو. هي ته صرف مختصر تعارف هن مرض جو لکيو اٿم. اصل ڪالم ته بلڊپريشر جيڪو اڄ ڪلهه لاچار ۽ بيوس عوام جو هيمشه هاءِ (وڌيل) رهي ٿو ان متعلق لکڻو آهي. لکندڙ ۽ پڙهندڙبخوبي ڄاڻي ۽ سمجهي ٿو ته ڪير ڪيترو به لکي دانهون ڪوڪون ۽ هاءِ گهوڙا ڪري منهن مٿو پٽي جمهوري دور جي صاحب اقتدار تي ڪن ۽ اکين تائين اهڙي قسم جا فضول ۽ بي مقصد ڪالم انهن تي ڪو اثر نه ڪندا. اخبارن جا ڪاغذ ڪارا ٿين پيا. ٽي وي تي ٽاڪ شوز ٿين ٿا، ڪن تي جون به ان ڪري سرڻ جي ڪوشش ۽ همت نٿي ڪري ته متان ٽيڪس نه لڳي وڃي. ماضي ۾ شگر بلڊپريشر ۽ دل جون بيماريون وڏن ماڻهن لاءِ سمجهيون ويندوين هيون وچواري عرصي يعني ڏهه ٻارنهن سال اڳ وچولي ۽ سفيد پوش ماڻهن تائين اهي بيماريون وڌي آيون هاڻي مهانگائي، غربت بيروزگاري، بدامني، دهشتگردي، بي غيرتي، فحاشي، ادب، اخلاق، حيا جي کوٽ، ڀتا خوري، چوري ۽ غير محفوظ زندگي ايتري تيزي سان وڌندي ٿي وڃي جو خوف خدا ته پراڻو ۽ غير موثر لفظ ٿي چڪو آهي. ڪير صبح جو گهران روزي رزق ڪمائڻ لاءِ صحيح سلامت نڪري ۽ شام يا رات جو ساڳئي صحت مند حالت ۾ صحيح سلامت گهر خوش ٿي موٽي ته سمجهڻ گهرجي ته هي اهو خوش قسمت انسان آهي جنهن جي واردات جو اڃان وارو نه آهي. اسان جي معاشري ۾ اهڙا کوڙ سارا اسان جهڙا انسان ساهه کڻن پيا جيڪي روزانو ڪمائين ٿا ته خرچ آمدني ان کان ٻيڻو آهي. دال، بصر جيڪو غربت لاءِ سستي سودي طور مشهور هو اهو به هاڻي خريد ڪرڻ غريبن جي وس ۾ نه رهيو آهي. گذريل هڪ سال کان جنهن تيزي سان مهانگائي جو ميٽر ڊوڙي رهيو آهي. جنهن جي رڪجڻ ۽ هڪ جاءِ تي بيهڻ جو نالو ئي نه آهي ته ايندڙ دور ۽ زماني ۾ ٻين شين جو ته خير آهي. روزمره کاڌي پيتي، اٽي لٽي کي خريد ڪرڻ وڌيڪ مشڪل پيو نظر اچي. هڪ اخباري اطلاع مطابق دالين ۽ ڀاڄين ۽ روزمرهه کاڌي جي ٻين شين جا اگهه هڪ سال اندر اڍائي سو کان ٽي سو فيصد وڌيا آهن. گهڻي ڀاڱي اهي سڀ شيون اڪثر پنهنجي ئي ملڪ جون پيدا وار آهن. انسان پنهنجي جياپي لاءِ زندهه رهڻ لاءِ جيڪا خوراڪ غذا کاڌو کائي ٿو. ان جو ڪوبه ٻيو متبادل هرگز نه آهي. اخباري اطلاع ۽ رپورٽ مطابق ماڻهن حد کان وڌيڪ شين مهانگي ٿيڻ سبب کاڌي کائڻ جو مقدار گهٽائي ڇڏيو آهي. ٻين لفظن ۾چئجي ته اڌ ڍوءُ اڌ بک تي گذارو ڪرڻ تي مجبور آهن. حاڪمن ۽ اقتدار ڌڻين لاءِ هر شيءِ آساني سان هر وقت حاضر ۽ موجود آهي. ان لاءِ هڪ شاعر چيو آهي ته

    اپني مسيحا ڀرين گي ڪيا ڀلا مهانگائي ڪي گهائو،

    وطن ڪي ان رئيسون ڪو عمومن نهين معلوم آٽي دال ڪا ڀائو.

    عوامي دور ۾ ناانصافي، ظلم زيادتي، زور زبردستي هر ڪنهن کي ائين نظر ايندي آهي جيئن جيئن اڇي ڪپڙي تي ڪارو داغ. وزيرن، مشيرن ۽ صاحب اقتدار ۽ وڏن ڪامورن جا پگهار ۽ ٻيون سهولتون هر سال يا ڇهن مهينن ۾ ايتري انداز ۽ طريقي سان وڌايون وڃن ٿيون جيئن پاڻي جو گلاس فل ڀريل هجي پوءِ به ان ۾ وڌيڪ پاڻي وجهجهي عام ماڻهو ظلم، زيادتي جو ڪيترو به ستايل هجي، پيٽ ۾ بک ڀلي هجي ليڪن موجوده دور ۾ هرڪو آساني سان هر حقيقت جو شعور سمجهه ۽ عقل رکي ٿو. معاشري ۾ هڪ اهو به طبقو آهي. جيڪو غمي توڙي خوشي ۾ پنهنجي ڏيکاءُ نمائش، ساراهه ۽ واهه واهه ڪرائڻ لاءِ پئسو پاڻي وانگر خرچ ڪري ٿو. پاڙي ۾ ڀلي پنج بکيا رهندا هجن انهن جو فڪر نه آهي. احساس محرومي، ڪمتري جي نتيجي ۾ ماڻهن ۾ ذهني مرض، چڙ، بلڊپريشر، دل جو دورو ۽ خودڪشي ۽ پنهنجا عضوا وڪڻڻ جو رواج ۽ رجحان ڏينهون ڏينهن وڌندو نظر اچي ٿو. هر اداري ۾ ڪرپشن، بيقائدگي، لٽ مار، ٻي جو حق مارڻ، جيڪي ڪجهه هٿ لڳي سگهي ٿو اڄ ئي کائي کڻي وٺون، سڀاڻي ڪنهن ڏٺي آهي. قائدو قانون صرف شريف ۽ ڊڄندڙ ماڻهو لاءِ آهي. مٿي اگهاڙي، داداگير، چور، بدمعاش ڪٿي پڪڙجي به پوي ته ان کي ڇڏائڻ ۽ آزاد ڪرائڻ لاءِ فون هڪدم پهچيو وڃن. ڳالهه قانون جي نڪتي آهي ته هڪ اخباري خبر مطابق افغانستان جا ڪجهه وزير پاڪستان دوري تي آيا، انهن ۾ هڪ وزير ريلوي به هو. ڪنهن صحافي وزيرن کان سوال ڪيو ته توهان جي ملڪ افغانستان ۾ ريلوي ته آهي ئي ڪانه پوءِ ريلوي جو وزير ڪيئن ٿيو. جواب مليو ته توهان پاڪستان ۾ وزير قانون آهي پر اسان ڪڏهن توهان کان اهڙو سوال پڇيو آهي ته قانون آهي ڪٿي؟ جو وزير قانون توهان جي ملڪ ۾ آهي. عوام جتي پيٽ گذر لاءِ پريشان ۽ بي حال آهي، اتي بدامني، دهشتگردي، واپڊا جي داداگيري يعني لوڊشيڊنگ، محدود آمدني، بجيٽ جي بي ايماني، غير ضروري ۽ناجائز ٽيڪس، رٽائرڊ سرڪاري ملازمن يعني پينشنرن کي سنڌ ۾ سندن حق نه ملڻ، (جن پنهنجي جواني ۾ پنهنجي ادارن لاءِ خدمتون سرانجام ڏنيون) هي سڀ ظلم زيادتيون ٻي ڪنهن دور حڪومت ۾ هجن ها ته ڪنهن تي ميار نه هجي ها. هي سڀ ڪجهه عوامي حڪومت، عوامي دور ۾ ئي ٿي رهيو آهي.

    صرف دعا ئي ڪري سگهجي ٿي، ته شل پاڪ صاحب اقتدار جي ڪنن مان ڪپهه، اکين تان پٽيون هٽائي، عوام کي زباني نه جيڪو صرف تاڙين وڄائڻ ۽ نعرن جي لاءِ هوندو آهي، بلڪه حقيقي انصاف،آساني، امن، سلامتي، سستائي، سولائي، سک، سڪون سان ساهه کڻڻ، جو موقعو ملندو رهي ته دلين مان دعائن جا ڍير نڪرندا ٻي صورت ۾ وقت جو ڪم گذرڻ آهي گذري ويندو. ڪجهه ڪيل ڪمايل هوندو ته ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جي به قابل هوندا. ٻئي صورت ۾ ماٰضي جي آمرن ۽ حڪمرانن جو حشر سامهون آهي. هر ڪو هنن کي نفرت ۽ حقارت سان ياد ٿو ڪري، تاريخ خاص طرح سنڌ صوبي ۾ تعليم جي تباهي ۽ ڪرپشن پنهنجي انتها ۽ عروج تي آهي، قومن جي ترقي جي بنياد صحيح تعليم سان جڙيل آهي. منهنجو هڪ دوست جيڪو نانو به آهي، ڏوهٽن تي زور ڀريندو هو ته ڪراچي ۾ رهو ٿا سنڌي لکو ۽ ڳالهايو، ڏوهٽي چيس ته نانو آج مون گملي ۾ پودو اگايو آهي، ناني چيو ته اها سنڌي توکي ڪٿي ڪم ڪونه ايندي. وقت ۽ ماضي اهي ٽي شيون ڪنهن کي به بخش نه ڪنديون آهن. اڄ جيڪي پوکيون پيا سڀاڻي اهو ئي لڻبو، ميرٽ ۽ معيار هاڻي صرف ياد ڪرڻ جي لاءِ آهي نالا وڃي بچيا آهن. ڀونگ لاءِ اغوا ۽ ڀتا خوري، بي ايماني، ملاوٽ، چور بازاري، بي قابو مهانگائي، جڏهن کلي عام ٿيڻ لڳي ۽ حڪمران پُر سڪون هجي ته سڀ خير ۽ ٺيڪ آهي، مان ته محفوظ آهيان، اخبارن ۾ اهڙيون ڳالهيون لکندڙ واندا آهن. اجائي واويلا ٿا ڪن عام عوام به ائين ڊائيننگ ٽيبل تي اهڙي ئي طعام روزانو کائي ٿو جهڙا مان کاوان ٿو ته يقين ڄاڻو ته اهڙي خوش فهمي جو انجام هي آهي ته هن بطش ربڪ لشديد يعني منهنجي پڪڙ ۽ حساب تمام سخت آهي، خراب وقت ۽ واقعات، حادثات، اطلاع ڏيئي پڇي هرگز نه ايندا آهن. ان کان پهريائين جو اقبال جي هڪ شعر سان ڪالم ختم ڪيان پڙهندڙن جي لاءِ پيغام ٿو ڏيڻ چاهيان ته هن کان اڳ ڪالم انفرادي بيمارن جي متعلق لکندو رهندو آهيان هي اڄ جو ڪالم معاشري جي کوڙ سارين لا علاج بيمارين ۽ مسئلن متعلق آهي، جنهن مان ڪوبه بچيل ۽ رهيل نه آهي هر ڪو متاثر آهي. اهڙي فضول ڪالم پڙهڻ ۽ وقت وڃائڻ جي تڪليف برداشت ڪرڻ لاءِ مهرباني.

    کول ڪر آنکين ميري آئينه گفتار ۾

    آني والي دور ڪي دهندلي سي ايڪ تصوير ديک

    آزموده فتنه هي ايڪ اور ڀي گردون کي پاس

    سامني تقدير کي رسوائي تدبير ديک: اقبال

    ڪنهن به طبي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ خط لکي جوابي لفافو ائڊريس لکيل موڪلي جواب عاقل پلازه گورنمينٽ ڪاليج روڊ حيدرآباد کان حاصل ڪري سگهجي ٿو.

    رابطي لاءِ :2610633-0222634367-03009371907

    يا اي ميل: info@nazirherbals.com

    ڪالم لکي ختم ڪرڻ بعد ٻه دردناڪ خبرون اخبار ۾ پڙهڻ لاءِ مليون، جن جي پڙهڻ سان ذهن تي وڏو جهٽڪو لڳو، سوچيم ته مٿي جيڪو ڪجهه لکي آيو آهيان اهڙا درد ناڪ واقعات ۽ حادثات منهنجي مٿي لکيل ڪالم جي حمايت ۾ محل موقعي جي لحاظ سان وقت جي حڪمن جي لامحدود ۽ شاهانا فضول خرچن جي لاءِ هنن جي منهن ڏسڻ جي لاءِ آرسي آهي، هڪ خبر ۾ لکيل آهي ته جڏهن ماءُ ٻارن کي کير پيارڻ بجاءِ زهر پياري لاهور جي لياقت آباد جي هڪ ڪالوني ۾ رهندڙ هڪ ملازم جي گهر ۾ خود به ڪنهن اسپتال ۾ نرس هئي، پنهنجي چئن ٻارن کي گهرو ناچاقي، غربت ۽ خرچ پوري نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ پهرين چئن ٻارن کي روئندي زهر ڀريل سيون هڻي آخر ۾ خود کي زهر جي سئي هڻي ختم ڪيو. اهڙي ئي طرح هن غريب دنيا جي غربت کان هميشه جي لاءِ آجي ٿي وئي. ٻي خبر ۾ رحيم يار خان جي ويجهو ٽن ٻارن جي ماءُ غربت کان مجبور ٿي ٽن ٻارن سميت پاڻ کي ريل گاڏي هيٺان ڏيئي غربت ختم ڪئي هي سڀ اهي خبرون آهن جيڪي اخبار ۾ رپورٽر ممڪن آهي ته ڪٿي ميڊيا جي نه پهچڻ جي نتيجي ۾ رپورٽ نه ٿي سگهيون هجن. تحقيق جو ٻيو رخ ڏسجي ته اعليٰ ايوانن ۽ خاص هائوس جو روزاني جو خرچ لکن ۾ آهي ڪير پوئتي هٽڻ، سڌرڻ ۽ پاڻ کي گهٽ ۽ هيٺ ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آهي، اوچتن حادثن، بم ڌماڪن، زلزلن جو بنيادي سبب پنهنجي ڪُڌا ڪرتوت آهن.
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: بيوس عوام جو بلڊ پريشر

    حڪيم نذير احمد شيخ صاحب جو هي ڪالم وقتائتو، ڪارائتو ۽ انهن ماڻهن جي منهن تي چماٽ آهي، جيڪي وقت به وقت ”سب اڇا هي” جو راڳ ڳائين ٿا ۔۔۔ بيشڪ هي موجوده حالت گذريل 63 سالن جي تاريخ جو تسلسل آهي، اسان جا پڙهيل لکيل دوست اسانجي پاڪستاني سياستدانن جي تعريف ۾ پڻ وڏا وڏا ڪالم لکندا رهنٿا، پر هو اهو نٿا ٻڌائن ته 63 سالن جي تاريخ ۾ اهو ڦرلٽ وارو نظام تبديل ڇونه ٿي سگهيو آهي۔۔۔۔؟؟؟ جڏهن ايڏا وڏا ڏاها ۽ قدآور سياستدان ۽ شخص موجود هئا ته پو به هي غربت ۽ ناانصافي ڇو۔۔۔؟
    فوجي دور يا جمهوري دور ۔۔۔ ڪهڙو اهڙو دور آهي جنهن ۾ عوام جي کل نه لاٿي وئي هجي ۔۔۔ ڪهڙو اهڙو دور آهي جنهن ۾ اهڙا قانون نه ٺهيا هجن جن ۾ امير امير ۽ غريب غريب نه ٿيو هجي ۔۔۔؟ ڪو اهڙو دور ته ٻڌايو ۔۔۔۔؟؟؟؟ ته حيان ٺري ۔۔۔۔
    اڙي ادا سڀ رڍو ٻوٿ ڪاريون ۔۔۔ پاڪستان ائين آهي، ائين هوندو ۽ ائين ئي رهندو ۔۔۔ ڪا تبديلي نه ايندي ۽ نه وري تبديلي جي اميد ڪرڻ گهرجي ۔۔۔ باقي ته سڀ اسانجي سامهون آهي ۔۔۔ اسين سڀ هن دور جا شاهد آهيون ۽ ڏوهي پڻ ۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو