ڊپريشن کي بنا ڪنهن دوا جي به ختم ڪري سگهجي ٿو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ همانگير سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2010۔

  1. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    ڊاڪٽر عائشه

    اڄ مهانگائي، بيروزگار، بدامني، دهشتگردي ۽ افراتفري جي دور ۾ هر ٻيو شخص ڊپريشن جو شڪار ٿي رهيو آهي. اهو ڊپريشن نه صرف انسان صحت لاءِ هاڃيڪار آهي پر اهو معاشري ۽ ملڪي معيشت تي به وڏو اثر ڇڏي ٿو. ڊپريشن جا بنيادي ڪارڻ مهانگائي، بيروزگاري، بدامن، افراتفري ۽ ٻيا آهن. مهانگائي، بيروزگاري ۽ بدامني جو ذميوار ڪير آهي. اهو ڪو منجهيل سوال ناهي، انهي جي ذميواري رياست به آهي ته انهي سان گڏ سوسائٽي به شريڪ ذميوار آهي. عوام کي روزگار فراهم ڪرڻ، مهانگائي ۽ بدامني تي ڪنٽرول ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي پر رياست اڪيلي سر اهي ذميواريون نڀائي نٿي سگهي. عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي نه ڪرڻ رياست کي ڪردار ان ڪرڻو پوندو پر انهي ۾ سوسائٽي کي به پاڻ تي لاڳو فرض پورو ڪرڻو پوندو. اسان جيڪڏهن پنهنجو سموريون زميواريون پاڻ تان لاهي رڳو اسٽيٽ کي ذميوار قرار ڏينداسين ته اها به ناانصافي هوندي. ڪجهه اهڙا معاملا هوندا آهن جنهن ۾ اسان کي به پتوڙڻو پوندو آهي. انهي حوالي سان ڊپريشن کي گهٽائڻ لاءِ ماڻهو ڪجهه احتياطي تدبيرون اختيار ڪري فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو. انهي لاءِ انسان کي ننڍين ننڍين خوشين کي شيئر ڪرڻ گهرجي. وڏين خوشين جي انتظام ۾ به وقت پريشان رهڻ ۽ پاڻ کي ڏک ۾ رکڻ ڇڏي ڏيون. جيڪي ماڻهو هلڪي ڦلڪي خوشين مان لطف اندوز ٿين ڄاڻين ٿا ته ڪڏهن به ڊپريشن جو شڪار نه ٿيندا. پنهنجي خواهشن کي ڪنٽرول ۾رکي ڊپريشن کان بچي جو شڪار نه ٿيندا آهن. پنهنجي خواهش کي ڪنٽرول ۾ رکي ڊپريشن کان بچي سگهجي ٿو. ڇو ته ڊپريشن جو حملو ان وقت ٿئي ٿو جڏهن انسان جون خواهشون سندس صلاحيتون کان وڌيڪ هجن. ڊپريشن ۽ پريشاني کان بچڻ لاءِ ضروري آهي ته خواهشن کي گهٽايو وڃي يا پنهنجي صلاحيتن کي وڌايو وڃي. جيڪڏهن توهان ڪجهه وقت ٻنهي زندگي کي ڏيو ۽ ٿورو پنهنجي خواهشن جو جائزو وٺندو ته توهان کي خبر پئجي ويندي ته توهان جو ڪافي اهڙيون خواهشون هونديون جيڪي پوريون نه ٿين ته به توهان ۾ ڪو خاص فرق نه پوندو انهي لاءِ بهتر آهي ته ماڻهو کي پنهنجي صلاحيتي حالتن ۽ هاڻوڪي صورتحال جي پيش نظر خواهشون دل ۽ دماغ ۾ رکڻ کپن. اسان کي هرگز پنهنجون خواهشون ان صورتحال ۾ پوريون ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ کپي جنهن سان ٻئي ماڻهو جي زندگي متاثر ٿئي. اڪثر ماڻهو پنهجي بهتري لاءِ هر قدم کڻي ڇڏيندو آهي پر اسان اهو نه ڏسندا آهيون ته اسان جي خواهشن جي پورو ٿيڻ سان ڪنهن ٻئي جا حق متاثر ٿي رهيا آهن. جيڪڏهن ڪٿي ائين ٿئي ٿو ته اهو تشدد جي ذمري ۾ اچي ٿو. انسان کي ٻين کان گهٽ خواهشون رکڻ کپن. اميدون پوريون نه ٿيڻ تي ماڻهو مايوسي جو شڪار ٿي وڃي ٿو، يعني انهي جو سڌو دماغ تي اثر پوي ٿو. دماغ تي پوندڙ اثر پوري انساني صحت کي متاثر ڪري ٿو. پوءِ چاهي اهي اثر جنسي صحت تي يا دل تي ڇو نه پون. ماڻهو چڱي نموني جنجهوڙجي وڃي ٿو انهي ڪري ڪوشش ڪري خواهشون گهٽ رکڻ کپن، انهي سان ڪو فرق نه پوندو ۽ جيڪڏهن گهٽ خواهشون رکڻ سان ڪو ماڻهو توهان لاءِ ٿوري به قرباني ڏيندو آهي ته توهان به ان سان خوش ٿي ويندؤ، جڏهن ته پنهنجون خواهشون پوريون ڪرڻ لاءِ ٻين مان اميد گهٽ رکو ۽ اهو ضرور سوچو ته جيڪا خواهش توهان جي دل ۽ دماغ ۾ آهي اها توهان جي وس ۾ آهي ته انهي کي پوري ڪري سگهندؤ. ايترا وسيلا ۽ توهان وٽ اهڙو ماحول موجود آهي ته ڊپريشن جي صورت ۾ ماڻهو کي مسئلا پنهنجي دوستن توڙي گهر ڀاتين سان شيئر ڪرڻ گهرجن. جيڪڏهن ماڻهو شادي شده آهي ته کيس اهي پريشانيون ۽ خواهشون پنهنجي لائيف پارٽنر سان شيئر ڪرڻ گهرجن. ڇو ته لائيف پارٽر کي توهان جي زندگي جو وڏو احساس هوندو آهي ۽ چاهي زال هجي يا مرد هڪٻئي جي سارسنڀال جو ضرور خيال رکندا آهن.

    مسئلا شيئر ڪرڻ سان حل به ٿي سگهن ٿا يا گهٽ به ٿي سگهن ٿا. انهي لاءِ دوستن جي راءِ جو احترام ڪرڻ کپي ۽ پنهنجي سوچ ۽ عقل کي استعمال ڪندي مسئلن جي حل لاءِ وچيون رستو ڪڍڻ کپي، ڊپريشن ماڻهو کي انتها تي پهچائي سگهي ٿو ۽ ڪنهن به شيءَ جي انتها تي پهچي وڃڻ به نقصانڪار آهي.مايوسي پکيڙيندڙ ڊراما۽ فلمن کي نه ڏسڻ کپي، اهڙا ڪتاب نه پڙهڻ گهرجن جنهن سان توهان بيچيني محسوس ڪيو، مايوسي ختم ڪرڻ جو بهتر طريقو اهو به آهي ته ٻين جي محنت، ڪم ڪار ۽ تخليق جي تعريف ڪيو ۽ مثبت سوچ رکو، توهان جنهن دوست جي تعريف ڪندؤ اهو ڪنهن موڙ، ڪنهن محفل ۾ توهان جي ضرور تعريف ڪندو ۽ اها تعريف توهان کي پاڻ مان مايوسي ختم ڪرڻ ۾ وڏي مددگار ثابت ٿيندي. انسان کي پنهنجون ناڪاميون ٻين تي نه مڙهڻ گهرجن. پنهنجي غلطين کي تسليم ڪرڻ کپي، پنهنجو پاڻ ۾ ڏسو صفحو 6

    موجود ڪمزورين کي به ڏسڻ گهرجي ۽ انهن ڪمزورين کي ختم ڪرڻ لاءِ سوچي سمجهي اهڙا قدم کڻو ڇو ته توهان کي ڪٿي شرمندگي کي منهن نه ڏسڻو پوي. هر ناڪامي جي پويان ڪنهن جي سازش نه ڳوليو، پر انهن ناڪامين جا ڪارڻ ڳوليو ۽ پنهنجي خواهشن کي حقيقت جو روپ ڏيڻ لاءِ محنت ڪرڻ کپي، پنهنجي سوچ کي وسيع بڻايو ۽ انهي ۾ صاف سٿرائي آڻيو، ذهن کي نين ۽ تخليقي سوچن جو مرڪز بڻايو، ڪنهن جي به باري ۾ تصديق ٿيڻ بنا غلط نه سوچو ۽ ڪنهن تي به بنا ثبوتن جي الزام نه هڻو ڇو ته ڪنهن به ماڻهو جي لاپرواهي ڪنهن جي زندگي کي سخت متاثر ڪري سگهي ٿي.هر ڪنهن جو ڀلو سوچيو، انهي سان خدا توهان جو ڀلو ڪري ڇڏيندو. ڪنهن ٻئي جي ڏک تي پريشان ٿيڻ آسان آهي پر ڪنهن ٻئي جي خوشين ۾ خوش ٿيڻ انتهائي مشڪل ڪم آهي، توهان کي اهو مشڪل ڪم سرانجام ڏيڻ گهرجي ۽ ٻين جي خوشين ۾ پاڻ کي شامل ڪري رلي ملي وڃڻ گهرجي. ڪنهن سان به ساڙ نه ڪرڻ گهرجي. ساڙ به ماڻهو کي ذهني مريض بڻائي ڇڏيندو آهي. اهو به ضروري ناهي ته زندگي ۾ هر ماڻهو جي هر خواهش پوري ٿي وڃي. ڪنهن کي خواهشن کان وڌيڪ ملندو آهي ته ڪٿي وري خواهشون پوريون ٿيڻ کان اڌوريون رهجي وينديون آهن. انهي تي پريشان نه ٿيڻ گهرجي، رب پاڪ جو شڪريو ادا ڪرڻ گهرجي.

    ڪڏهن به پاڻ کي احساس ڪمتري ۾ نه وجھڻ گهرجي. ٿي سگهي ٿو ته توهان جي اندر ۾ ٻئي ماڻهو کان وڌيڪ صلاحيتون لڪيل هجن ۽ انهن کي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ سٺي سوچ پيدا ڪرڻ گهرجي. الله تعالي طرفان انسان کي ڏنل زندگي ۾لکين خوشيون آهن جن ذريعي ماڻهو پريشانين کان بچي سگهي ٿو ۽ انهي لاءِ بنا دوا جي شفا ملي ويندي آهي.
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڊپريشن کي بنا ڪنهن دوا جي به ختم ڪري سگهجي ٿو

    مطلب ته اهي بيماريون پاڪستان ۾ ختم نه ٿينديون، جيڪي به خطرناڪ بيماريون آهن، انهن جو ڪارڻ بک، بدًحالي، بدامني، سلامتي جو نه هجڻ، بيچيني، مهانگائي، غربت ۽ سچائي جي ڪمي وغيره وغيره، هاڻ جي پاڙون موجود هونديون ته ٻوٽا نڪرندا رهندا ۽ مسئلن جو جهنگ وڌندو رهندو ۔۔۔ پياري ملڪ پاڪستان ۾ اهي مسئلا ۽ مشڪلاتون نه ختم ٿينديون ۽ نه بيماريون جان ڇڏينديون ۔۔۔

    پاڪستان ۾ رهندڙ ويچارو انسان ڇا ڪري پنهنجو سوچيندڙ دماغ ۽ پنهنجي حساس دل ڪٿي رکي اچي ۔۔۔۔؟؟؟
     
  3. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: ڊپريشن کي بنا ڪنهن دوا جي به ختم ڪري سگهجي ٿو

    مهرباني سائين تمام سٺو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو