هڏن جو ٽٽڻ ۽ انهي کي جوڙڻ جو علاج

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ همانگير سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2010۔

  1. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    هن ڌرتي تي جنم وٺندڙ هر ساهه واري شيءَ کي زندهه رهڻ ۽ پنهنجو وجود برقرار رکڻ لاءِ پاڻ پتوڙڻو پوندو آهي. ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه وڃائڻو به پوندو آهي ۽ اهو هڪ قدرتي نظام آهي، انسان بيمار ٿيڻ تي تڪليفون ڏسندو آهي ۽ علاج معالجو ڪرائڻ تي صحتيابي حاصل ڪري ٿو. جيڪڏهن ماڻهو جي ڪار جو انجڻ خراب ٿي وڃي ته هو انهي کي مڪينڪ وٽ کڻي ويندو آهي، گهر ۾ پاڻي جي پائيپ لائين خراب ٿي وڃي ته توهان کي پلمبر وٽ وڃڻو پوندو آهي. جيڪڏهن پير جي هڏي ٽٽي پوي ته ماڻهو ڊاڪٽر

    وٽ ويندو آهي پر زندگي ۾ ٻين

    ٽٽندڙ شين جي ڀيٽ ۾ هڏين جي مرمت جو ڪم انهي وقت کان پهريان شروع ٿي وڃي ٿو جڏهن ماڻهو ڊاڪٽر سان ملاقات لاءِ ويٽنگ روم ۾ انتظار ڪندو رهندو آهي. الله تعاليٰ انساني جسم ۾ اهڙي حيرت انگيز شفايابي جي صلاحيت رکي آهي جيڪا انسان کي مختلف قسم جي بيمارين، ٽوڙ ڦوڙ ۽ زخمن کان پاڻمرادو نجات ڏياري صحتمند زندگي طرف وٺي ويندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ٽٽل هڏي ڪجهه مهينن دوران اهڙي خوبصورتي ۽ صفائي سان جڙي ويندي آهي جو ايڪسري ۾ اهو به پتو نه پوندو آهي ته اها هڏي ڪڏهن ٽٽي به هئي. ڊاڪٽر ٽٽل هڏين جي شفايابي جي عمل ۾ اهم ۽ زندگي بچائڻ وارو ڪردار ادا ڪندا آهن. عملي طور هي ماهر عام طور اسان جي جسم جي مدد ڪن ٿا. جيئن توهان پنهنجي اندر ٿيل ٽوڙ ڦوڙ کي درست ڪرڻ جي قابل بڻجي وڃو، ڊاڪٽر اصل ۾هڏين جي مرمت ۽ انهي جي اڳ ملي اڳ واري شڪل ۾ واپس آڻڻ لاءِ بهترين حالتون فراهم ڪن ٿا. باقي صلاحتون انسان اندر موجود هونديون آهن.

    اهو ڄاڻڻ يقينن وڏي دلچسپي ۽ حيراني جي ڳالهه هوندي ته اسان جي جسم جو حياتياتي نظام ڪهڙي نموني ڪم ڪري ٿو ۽ ڪيئن هو ٽٽل هڏي واپس جڙي وڃي ٿي، اڳ جيان مضبوط رهي ٿي. انهن کي سمجهڻ لاءِ پهريان توهان کي اهو ڏسڻو پوندو ته هڏيون ڪهڙي شيءَ مان ٺهيل هونديون آهن ۽ حقيقي معنٰي ۾ ڪيتريون زنده آهن اهو سمجهڻ لهڻ آسان آهي ته اوهان جون هڏيون ظاهري طور ٺوس ۽ بي جان ٿين ٿيون. جنهن تي اسان جو پورو ڍانچو ٻڌل هوندو آهي پر هڏين جو اهو ڍانچو ائين جسم جو هڪ زنده حصو هوندو آهي. جيئن نرم نازڪ گوشت ۽ ٻيا عضوا هوندا آهن. اسان جو جسم معدنيات کي سخت ٺوس هڏين جمع ڪري رکي ٿو. اسان جون اهي هڏيون رت جا ڳاڙها جزا هڏين اندر ڳاڙهي رنگ جي مک ۾ تيار ڪنديون آهن. هڏين جي انهي مک کي Osteoclasts چوندا آهن. اهي مسلسل ٽٽندا رهندا آهن ۽ انهن جي جاءِ تي هڏين جا نوان جيوگهرڙا Osteo blasts جنم وٺندا رهندا آهن. اهڙي نموني هڏين جي افزائش جو عمل جاري رهندو آهي. هڏين جي هن ٻي قسم جي جيو گهرڙي جو نالو chondroblasts آهي جيڪو نيون ڪرڪري هڏيون ٺاهيندو آهي. شروعاتي اهي 3 قسم جا جيوگهرڙا هڏين جي افزائش جا ذميوار هوندا آهن. ائين هڏين جي نئين سر جوڙ جڪ جو عمل جاري رهي ٿو. ڪجهه مهينن ۾ پراڻي هڏين جي ٽشوز جي جاءِ تي نوان ٽشوز والاريندا آهن.

    فريڪچر جا قسم

    ٽٽل هڏين ۾ سڀ کان گهٽ نقصان پهچائيندڙ فريڪچر کي Simple Fracture چوندا آهن، انهي ۾ڪنهن هڪ جاءِ هڏي ٽٽل هوندي آهي ۽ هڏي جي ٽٽڻ سان ڪو ٻيو زخم ناهي ٿيندو پر ڪي فريڪچر سنگين نوعيت جا به هوندا آهن جن ۾ هيٺيان فريڪچر شامل آهن.

    Compound Fracture : انهي ۾ فريڪچر جي صورت ۾ ٽٽل هڏي کل ٽوڙي ٻاهر نڪري ايندي آهي.

    Impacted Fracture: انهي ۾ ٽٽل هڏي جو هڪ حصو ٻي

    هڏي ۾ داخل ٿي ويندو آهي ته

    انهي کي ايمپيڪٽيڊ فريڪچر چوندا آهن.

    Comminuted Fracture: اها فريڪچر جو اهو قسم آهي جنهن ۾ هڏي جو هڪ حصو ٽٽي چور چورو ٿي ويندو آهي.

    Greenstick Fracture: انهي ۾ فريڪر جي صورت ۾ ٻار جي هڏي مڙي ويندي آهي پر ٽٽندي ناهي

    Arulsion Fracture: اهو فريڪچر ان وقت ڏسڻ ۾ ايندو آهي جڏهن مشڪن (Muscles) کي انتهائي شديد ڌڪ لڳندو آهي، نتيجي ۾ هڏيون ۽ انهي سان گڏ ڳنڍيل عضون تي زور پوندو آهي ۽ هڏيون ڏکنديون آهن.

    Pathological : ڪجهه بيمارين جي ڪري جڏهن هڏيون ڪمزور ئي ٿينديون آهن ته اهي معمولي دٻاءُ تي به ٽٽي پونديون آهن. انهي کي پيٿو ليجيڪل فريڪچر چوندا آهن.

    هڏي جوڙڻ جو عمل:

    جڏهن ڪنهن حادثي جي ڪري هڏي ٽٽي ويندي آهي ته فورن اسان جو جسم انهي کي ٻيهر پنهنجي جاءِ تي آڻڻ جي ڪوشش شروع ڪندو آهي. ڊاڪٽر اڪثر انهي جسماني عمل کي 4 مرحلن ۾ ورهائيندا آهن. انهي ۾ هڪ اهو عمل آهي جڏهن هڏي ٽٽندي آهي ته انهي سان ڳنڍيل رت جون ننڍڙيون ناليون به هيٺ مٿي ٿي وينديون آهن. متاثر حصي ۾ رت ڄمڻ جي ڪري ٽٽل هڏين جا ٽٽل حصا پاڻ ۾ مليل رهندا آهن ۽ انهن جي مرمت جي راهه ائين هموار ٿي ويندي آهي. رت جي چمڻ سان ٽٽل هڏين جي ناهموار ڪنارن تائين خون وهڻ جو سلسلو رڪجي ويندو آهي. تازي رت جي فراهمي نه ٿيڻ ڪري هڏين ۾ موجود جيو گهرڙا مري ويندا آهن زخمي حصي مان مُردن ۽ نقصان رسيل ٽشوز کي الڳ ڪرڻ لاءِ جيو گهرڙا پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيندا آهن. جنهن جي ڪري اتي سوڄ ٿيندي آهي پوءِ ڄميل حصي مان رت جون ننڍڙيون ناليون ٺهڻ شروع ٿينديون آهن، جنهن سان متاثر حصي کي صاف ڪرڻ جو عمل شروع ٿيندو آهي.

    ٻيو اهو ته ڪيترن ئي ڏينهن کان پوءِ رت جي ڳنڍي Fracture Hematoma وڌيڪ ٽشوز جي صورت اختيار ڪري وٺندي آهي. انهي ٽشوز کي Soft Callus چوندا آهن. فائبر ۽ پلاسٽڪ جيو گهرڙا هڏين ۽ لاڳاپيل ٽشوز ۾ ملندڙ اهم پروٽين Collagen جو ريشو تيار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن. اهو Callus اڪثر 3 هفتن تائين برقرار رهندو آهي. ٽيون اهو ته ڪڏهن ڪڏهن هڏين جا جيو گهرڙا Osteoblasts پنهنجو ڪم سنڀالي وٺندا آهن ۽ اهي وڌيڪ سيل تيار ڪندا آهن. جيڪي بعد ۾ Callus کي مضبوط ڪندا آهن. انهي کان پوءِ ڪونڊرو پلاسٽس جيوگهرڙا خاص قسم جون ڪرڪري هڏيون تيار ڪندا آهن. جن کي Fibrocartilage چوندا آهن. ڏسو صفحو 6

    ڪجهه عرصي کان پوءِ اهي سخت Fibrocartilginous Cellus ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا.

    ائين ٽٽل هڏين جي ٻنهي سرن وچ ۾ خال گهٽ ٺوس Bone Calus ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا آهن. اهو سخت خول 3 کان 4 مهينن تائين برقرار رهندو آهي ۽ هڏي کي ضروري تحفظ ۽ استحڪام فراهم ڪري ٿو. ايتري قدر جو هڏي جي شفايابي جو عمل شروع ٿي ويندو آهي. چوٿون اهو ته انسان جو جسم گوشت اندر هڏي کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. انهي سان گڏ مُرده هڏي جي زرن کي ٻيهر جذب ڪرڻ شروع ڪندو آهي پر اهو نئين هڏي جو جوڙ في الحال انهي ئي قابل ناهي هوندو ته ڪو دٻاءُ برداشت ڪري سگهي. اوسٽيو ڪلاسٽس ۽ اوسٽيو بلاسٽس انهي کان پوءِ ڪيترن ئي مهينن تائين هڏي جي نئين سر جوڙ جڪ ۾ مصروف هوندا آهن جنهن کان پوءِ Bone Callus قومي ٺوس هڏي جو روپ ڌاري وٺندو آهي، انهي دوران هڏي ۾ رت جي چرپر بهتر ٿيڻ لڳندي آهي ۽ هڏي کي مستحڪم ڪرڻ واري غذا مثلن ڪيلشيم ۽ فاسفورس جي اتي آمد سان هڏي مظبوط ٿي ويندا آهي.

    ڪهڙيون مشڪالتون ٿي سگهن ٿيون ؟

    خدانخواسته جيڪڏهن ڪا هڪ هڏي يا هڏيون ٽٽي وڃن ته مختلف قسم جون پيچيدگيون سامهون اچي سگهن ٿيون. انهن جو دارومدار انهي تي هوندو آهي ته ڪهڙي هڏي ٽٽي آهي هڏي ٽٽڻ جي سنگيني ڪيتري وڌيڪ آهي ۽ متاثر شخص جي عمر ڇا آهي. ٻار کي اڪثر اهڙا حادثا پيش ايندا رهندا آهن پر انهن جون هڏيون بالغ ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيزي سان ۽ مڪمل ٺيڪ ٺاڪ ٿي وينديون آهن. ڪمپائونڊ فريڪچر جي صورت ۾ جراثيمي انفيڪشن جو خراب وڌي ويندو آهي. ڇو ته انهي قسم جي فريڪچر ۾ کل به ٽٽي پوندي آهي ۽ جراثيم کي جسم اندر داخل ٿيڻ جو موقعو ملندو آهي. پاسراٽيون جيڪڏهن ٽٽي وڃن ته انهي سان جسم جا اهم اندروني عضوا به متاثر ٿي سگهن ٿا.

    هڏين جي شفايابي جي عمل دوران عدم توجهه جي ڪري ٻين عضون يا ٽشوز کي به نقصان پهچي سگهي ٿو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو