واگهومل اسان هر سماج کي جيڪڏهن معاشي، سياسي توڙي اقتصادي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته سڄو نظام ئي درجا بندي تي ٻڌل آهي پر اهڙي صورتحال تعليم کاتي ۾ پڻ رائج آهي. جيڪو پرائمري کان اعليٰ تعليم تائين ورهايل آهي. جنهن جا نالا ماڊرن انگريزي يا عجيب قسمن جا رکي پرائمري کان يونيورسٽي سطح جي تعليمي ادارن جي پبلسٽي ڪئي پئي وڃي، پر ان جي تعليمي معيار کي نٿو ڏٺو وڃي، ٻين لفظن ۾ اسان اهڙن ادارن کي ڪاروبار جو ذريعو به چئي سگهون ٿا. ڇاڪاڻ ته اهڙن اسڪولن، ڪاليجن توڙي ٻين خانگي ادارن ۾ ڳرين فيسز، پنهنجا پنهنجا ڊريس ڪتاب، توڙي نوٽ بڪ تائين سموريون شيون شاگردن کي پاڻ مهيا ڪندا آهن ۽ شاگردن جي والدين کان وڌيڪ رقم اوڳاڙي وڃي ٿي جيڪو عام ماڻهو پنهنجي ٻارن کي اهڙن اسڪولن ۾ موڪلڻ جو سوچي به نٿو سگهي. ساڳي جاءِ تي اسڪولن ۾ پڙهائيندڙ تمام ٿورڙي پگهار تي ڪم ڪندڙ ۽ سرڪاري استادن جي ڀيٽ ۾ ڪيئي ڀيرا گهٽ تعليم وارا هوندا آهن، پر انهن جو ڏيکاءُ صرف اسڪولن جي عمارت، گرائونڊ يا ان جي طريقيڪار تي هوندو آهي. اهڙي انتظام ۾ فرض سرانجام ڏيندڙ استادن جون پگهارون پڻ اوتريون ئي گهٽ هونديون. انهن ادارن ۾ انتظامي حوالي سان کڻي هر طرح جون سهولتون هجن ۽ عارضي طور تي انهن ادارن جي تعليم جو معيار به ڏسڻ جهڙو يا ڏيکاءُ وارو هجي پر هيڏيون ساريون فيسز ۽ وڏو خرچ برداشت ڪري جنهن اهي شاگرد اعليٰ تعليمي ادارن يا ڪنهن ڪميشن جي امتحان ۾ ويهن ٿا تڏهن خانگي ۽ عام سرڪاري ادارن ۾ پڙهيل ٻارن ۾ ڪو به فرق نظر نه ايندو هر سرڪاري اسڪول ڪاليج ۾ پڙهيل شاگردن جو تعليمي معيار خانگي اسڪولن ۾ پڙهيل شاگردن جي نسبت ۾ بهتر هوندو آهي خانگي ادارن جي ڏيکاءُ ۽ چٽاڀيٽي ۾ هلندڙ اسڪولن جو انگ سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ اهڙي ئي صورتحال اختيار ڪري چڪو آهي، جيڪو سرڪاري اسڪولن ۾ مقرر سٺن استادن، اسڪالرن توڙي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ کي ڪو به درجو نه ملڻ سبب انهن سرڪاري اسڪولن توڙي ڪاليجن ۾ پڙهائيندڙ استاد اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڪلاسن دوران شاگردن کي پڙهائڻ بدران ٽائيم پاس ڪرڻ جو طريقو اختيار ڪيو وڃي ٿو ۽ اهي ساڳيا استاد ۽ ساڳيا شاگرد وري سرڪار جي مقرر ڪيل وقت کانپوءِ يعني شام واري وقت ٽيوشن پڙهن. جنهن کي تعليم جو ڪاروبار پڻ چئي سگهجي ٿو. اساتاد وري ٽيوشن جي لالچ ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي وقت بدران ٽيوشن پڙهائڻ کي وڌيڪ اهميت ڏين اهڙي ڏيکاءَ ۽ تعليمي ڪاروبار واري ڍنگ ۾ غريب، پورهيت، مزدور، هاري، ننڍيون نوڪريون ڪندڙ يا کڻي ايئن چئجي ته عام ماڻهو پنهنجي اولاد کي پڙهائڻ جو سوچي به نٿو سگهي. حڪومت پرائمري سطح تائين تعليم مفت ڪري سمورا درسي ڪتاب ۽ تدريسي ڪورس مفت ۾ مهيا ڪيو وڃي ٿو پر اهو ساڳيو ڪورس خانگي اسڪولن ۾ نٿو پڙهايو وڃي.خانگي اسڪولن توڙي ڪاليجن ۾ پنهنجي مرضي جو نصاب پڙهايو وڃي ٿو. جيڪو سرڪاري سطح جي ڪنهن به اداري جو منظور ٿيل ناهي، اڪثر خانگي اسڪولن ۾ ڪتاب ۽ اسڪولي ڊريس پڻ لاڳاپيل اسڪول انتظاميا مهيا ڪندي آهي، انهن شاگردن کي ٻئي ڪنهن هنڌان ڪپڙا يا ڪتاب خريد ڪرڻ جي اجازت نه هوندي آهي.اهڙي صورتحال ۾ روشن خيالي جي نالن وارن خانگي اسڪولن ۾ بيوروڪريسي، ڪامورن، ڪاروباري ماڻهن، سرمائيدارن، وزيرن، توڙي اهڙي ئي طبقي سان واڳيل ماڻهن جو اولاد پڙهي ٿو ۽ سرڪار جي بي ڌياني ۽ انڌي انتظام ۾ هلندڙ سرڪاري اسڪولن ۾ وري به هارين، پورهيتن ۽ غريب طبقي سان واڳيل ماڻهن جو اولاد پڙهي ٿو. جيڪو اڳتي هلي ملڪي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پڙهائڻ جو سوچي به نٿا سگهن ڇاڪاڻ ته اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پڻ بيوروڪريٽس، سرمائيدارن ۽ حاڪميت رکندڙ ماڻهن سازش تحت طبقاتي نظام مڙهي ڇڏيو آهي. جتي معيار تعليم هر گهرج کي پورو ڪندڙ ناليوارن ادارن اعليٰ سطح جي في مقرر ڪئي وئي آهي. جيڪو صرف بيوروڪريٽس ۽ سرمائيار ئي ادا ڪري سگهن ٿا ۽ وري به انهن ادارن جي نالي تي وڏن عهدن تي اهڙن ماڻهن جي اولاد کي ئي مقرر ڪيو وڃي ٿو. جيڪو پرائمري کان اعليٰ تعليم تائين انهن ماڻهن پنهنجي لاءِ هڪ راهه هموار ڪئي آهي باقي رهيل کهيل ماڻهن ۽ عام ماڻهن جي اولاد لاءِ نوڪريون ڏيڻ لاءِ انيڪ مسئلا ۽ رڪاوٽون ترتيب سان کڙيون ڪيل آهن جنهن جو نامور اديب امرجليل جي ”ناول دل جي دنيا“ جي هڪڙي سٽ ۾ ئي سڌو سمجهايو آهي ته ”اسان وٽ ڪميشن ۾ زباني امتحان وٺڻ وارا اميدوارن کي ڪرسي جي ڀر ۾ ويهاري سندس ڪورس مان سوال پڇڻ بدران ذاتي حال وٺندا آهن، اهڙي سموري پروسيس کي سولي سنڌي ۾ جُٺ چئبو آهي “ ته اسان جي معاشري ۾ اهڙا ماڻهو جاڳيل ڪردار آهن جيڪي حقيقتن تي ٻڌل آهن. اسان وٽ تعليمي لحاظ کان به غريبي ۽ اميري جو فرق هڪ اهڙي رٿا تحت پيڙهيل طبقي کي هڪ مقرر ڪيل سطح تي رکڻ لاءِ اهڙي طرح مڙهيو ويو آهي، جنهن کان ڇوٽڪاري جو اسان سوچي نه ٿا سگهون. ڇاڪاڻ ته اهڙي نظام رائج ڪرڻ ۾ حڪومت پاڻ ملوث آهي. اڄ به ڪيترن ئي ادارن ۾ نوڪرين لاءِ اشتهار جاري ڪيا وڃن ٿا. جن ۾ اهي ادارا واضح طور لکن ٿا ته فلاڻي اداري مان ماسٽر ڪندڙ اميدوار کي اهليت ڏني ويندي. يعني فلاڻو ادارو اهڙو هوندو جتي غريب ۽ عام ماڻهو پنهنجي ٻارن کي پڙهائڻ جو سوچي به نه سگهندو. ان مان صاف ظاهر آهي ته پرائمري کان اعليٰ تعليم تائين طبقاتي نظام ۾ ورهائڻ هر دور ۾ حڪومت جو هٿ رهيو آهي ۽ انهن وڏن نالن وارن ادارن ۾ پڙهندڙ شاگردن کي ڀرتي ڪرڻ لاءِ هڪ سڌي راهه رکي وئي آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙن مهانگن ادارن ۾ غريبن جا ٻار پڙهيا ئي ڪونه هوندا.