گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٽنڊو قيصر جي کنڊرات بڻيل عمارت

'مختلف موضوع' فورم ۾ همانگير سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2010۔

  1. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    اسد علي ۽ اظهر خاصخيلي

    ٽنڊو قيصر، ضلع حيدآباد جو هڪ تاريخي ۽ ترقي يافته ڳوٺ نه بلڪه هڪ ننڍڙو شهر سڏجي ته بهتر ٿيندو. ٽنڊو قيصر کي انبن ۽ ٻيرن جو شهر پڻ سڏيو ويندو آهي، هن شهر کي ٻين به مختلف پهلوئن سان سڃاتو وڃي ٿو. سنڌ صوبي جي عظيم بزرگ حضرت مراد شاهه بادشاهه جو هر سال لڳندڙ ميلو به هن ڳوٺ جي وڏي سڃاڻپ آهي. زراعت سان، هن شهر جو قديم زماني کان واسطو رهيو آهي، انبن، ٻيرن ۽ زيتونن جو واپار هجي يا وري ووئنڻ ۽ ڪڻڪ جي پيدوار هجي، هي ڳوٺ هميشه ناميارو رهيو آهي.

    آبادي جي لحاظ کان، گذريل آدمشماري مطابق هن ڳوٺ ۾ رهندڙ ماڻهن جو تعداد اٽڪل20000 آهي، جيڪي مختلف طبقن ۽ ذاتن سان تعلق رکن ٿا. هن ڳوٺ جا اڪثر ماڻهو تعليمي يافته آهن ۽ وڏن وڏن سرڪاري توڙي غير سرڪاري عهدن ۽ نوڪرين تي ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته، باقي ماڻهو پنهنجي ڪاروبار ۽ واپار ۾ مصروف آهن، جهڙوڪ انبن، ٻيرن ۽ زيتونن جو واپار، مينهن ۽ ٻڪرين جا واڙا (لائيواسٽاڪ فارم)، ڪڪڙين جي پالنا (پولٽري فارم)، ٻنيون ٻارا پوکڻ وغيره.

    بحرال، اهڙين خوبين تي جيڪڏهن لکبو ته شايد پنن جا پنا ڀرجي ويندا. هاڻي اچو ته اصل حقيقت تي ڪجهه روشني وجهون. گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول، ٽنڊو قيصر، جيڪو هن خطي جو سڀ کان پراڻو اسڪول آهي. تاريخ پڙهڻ کان پوءِ خبر پئي ته، هي اسڪول سال 1880ع واري ڏهاڪي دوران قائم ٿيو هو. جيتري قدر اسڪول جي عمارت جو تعلق آهي، سا ته اسڪول قائم ٿيڻ کان به ڪافي ساري پراڻي آهي. هي اسڪول ڳوٺ جي پهرين اسڪول طور سڃاتو ويندو آهي. اسڪول ۾ شاگردن جو وڌندڙ تعداد کي ڏسي، حڪومت سال 1970ع واري ڏهاڪي دوران وڌيڪ ٽي ڪلاس روم ٺهرايا هئا، جيڪي هاڻي استعمال جوڳا نه رهيا آهن. جيتري قدر، اسڪول جي پهرين عمارت جو تعلق آهي، سا هن وقت مڪمل طور تي تباه ٿي، کنڊرات بڻجي چڪي آهي. جيتوڻيڪ، اسڪول جي مرمت به ٿيندي رهي آهي، پر شايد، مرمت دوران استعمال ٿيندڙ سامان/ شين جي اعلى خاصيت نه هئڻ ڪري يا ٺيڪيدارن جي وڌيڪ ڪميشن جي ڪري يا ڪنهن ٻئي سبب ڪري، اسڪول جي عمارت پنهنجا پير ٻڌي نه سگهي. بدقسمتي سان هاڻي اسڪول جا صرف ٻه ڪلاس روم آهن، جيڪي ڪجهه ئي وقت پهرين، حڪومت جي مهربانين سان ٺهرايا ويا هئا، تن ۾ ڪجهه شاگرد درس حاصل ڪري رهيا آهن، باقي ويچارا کليل آسمان هيٺان، نٽهڻ اُس جي سخت گرمي ۽ سياري جي سرد هوائن ۾ ويهي پنهنجو مستقبل سنواري رهيا آهن.

    اسڪول جي پٽ، بلڪه پوري عمارت کي جڏهن اسان مين روڊ سان ڀيٽندا سون ته، اهوروڊ کان اٽڪل 5 کان 6 فٽ هيٺ نظرايندو، جنهن جي ڪيترائي سال گذرڻ باوجود ڀرائي نه ڪرائي وئي آهي. جڏهن به ٿوري گهڻي برسات پوي ٿي ته، پورو اسڪول پاڻي هيٺ اچي وڃي ٿو ۽ شاگرد ويچارا مهينو اڌ، تعليم پرائڻ کان محروم ٿيو وڃن ٿا.

    افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته، اسان جي ڳوٺ جا پڙهيل لکيل ماڻهو وڏن وڏن احدن تي هئڻ جي باوجود به، ڪو خاص ڌيان نه ڏئي رهيا آهن ته، جنهن اسڪول جي هنجهه مان پڙهي، اسان هن منزل تي پهتا آهيون، تنهن جو هن وقت ڪهڙو حال آهي!؟. اهو اسڪول موجود به آهي يا نه!؟ يا موئن جي دڙي وانگر صرف کنڊرات پيل آهن!؟..... پر شايد هو پنهنجي ڪمن ڪارن ۾ ڪجهه وڌيڪ مصروف ۽ رڌل آهن يا وري شايد هنن جا ٻارهاڻي شهرن جي اسڪولن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن، ان ڪري هنن جو ڪو خاص ڌيان نه رهيو آهي. سوال اهو به اڀري ٿو ته!؟ اهي پنهنجي ٻارن کي ڳوٺاڻي اسڪول ۾ داخلا ڇو نه وٺرائي رهيا آهن!؟ ان جا ڪافي سارا سبب ٿي سگهن ٿا. مثال طور، اسڪول جي پراڻي عمارت، اڻپورو پڙهائي جو نظام۽ شاگردن جي پڙهائي لاءِ ضروري سهولتون جي غير موجودگي وغيره.

    جڏهن ته غريبن جا ٻار، جيڪي ويچارا، غير سرڪاري اسڪولن/ادارن ۾ پڙهڻ جو سوچي به نٿا سگهن، ڇاڪاڻ ته اڄڪلهه جي مهنگائي واري دور ۾، ٻه وقت جا ويلا کائي ، پيٽ پالڻ ئي ڏاڍو مشڪل آهي، ڏسو صفحو 6

    سي ويچارا، غير سرڪاري اسڪولن/ادارن جو خرچو برداشت ڪيئن ٿا ڪري سگهن. اهي ويچارا الله جي آسري، انهي پراڻي اسڪول ۾ تعليم پرائڻ تي مجبور ٿيو پون، چاهي اها نٽهڻ اُس هجي يا سرد هوائون يا وري ڀتن ۽ ڇتن مان اوچتو چاپڙ ڪرندا هجن.

    افسوس سان اهو به چوڻو ٿو پوي ته، اسان جي تڪ جا، چار چڱا يا چونڊيل نمائندا، جيڪي ووٽ وٺڻ لاءِ ته، ڳوٺ جون ننڍڙيون توڙي وڏيون گهٽيون لتاڙي، هر عام توڙي خاص کي منٿ ميڙ ڪندا آهن، پر چونڊجڻ کان پوءِ، اچڻ ته پري ٿيو پر نهارڻ لاءِ به تيار نه هوندا آهن. جن ماڻهن اسان کي ووٽ ڏئي، پنهجو خاص نمائندو چونڊي، هن ڪرسي تي آندو آهي، تن ويچارن جا به ڪجهه جائز مسئلا حل ڪريون!؟. بحرال، چوندا آهن ته، ”ڪر ڀلو ته ٿئي ڀلو“ يا ”جهڙي پوک تهڙي لوب“. آخر ته، عام ماڻهو ۾ به شعور ايندو ۽ هو پنهنجي ڀلي بري جو فيصلو پاڻ ڪندو. پر شايد ان وقت ڪجهه دير ٿي چڪي هوندي ۽ ماڻهو اهڙن نمائدن سان ملڻ ته پري، پر نهارڻ به پسند نه ڪندا!؟ ....

    هن وقت گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ٽنڊو قيصر جي اهڙي زبون حالت هئڻ جي باوجود به، اٽڪل 600 شاگردن جي داخلا آهي، جن مان ڪجهه ڳوٺ ٽنڊوقيصر سان واسطو رکن ٿا، ته ڪي وري پاڙيسري ڳوٺن مان هلي اچي، تعليم حاصل ڪن ٿا. پر بدقسمتي، سان اهي سڀئي شاگرد ڪلاس رومن جي بجاءِ، کليل آسمان جي هيٺان، تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن. مينهن مينهوڳي ۾ هنن کي، اهو ئي ڊپ ۽ خدشو رهي ٿو ته، متان مينهن اچي کين پسائي نه وجهي يا وري ڀر واري ڪلاسن جي ڀتن مان ڪا ڀت يا ان جا چاپڙ اچي کين زخمي نه ڪري وجهي. هي ننڍڙا گلڙا، اهڙو رسڪ کڻڻ جي باوجود به، پنهنجا ڪلاس وٺن ٿا. ننڍڙن گلڙن جو کليل آسمان هيٺان ويهڻ، نٽهڻ اُس جي گرمي برداشت ڪرڻ، جهڪون ۽ جهولا سهڻ ۽ سردي جو سرد هوائن کي سيني سان لڳائڻ، سچ پچ ته دل ڏکائيندڙ ۽ من کي دهلائندڙ نظارو هوندو آهي. ڪاش اهڙي حالتن کي ڏسڻ لاءِ ڪو ڪهي اچي، ته ڪيئن اسان جا نوان ڦٽندڙ گل زندگي جي شروعاتي ڏاڪي ۾ ئي پنهنجي خوشبو وڃائي رهيا آهن. ياد رهي ته، اهي نه صرف ڳوٺ ٽنڊو قيصر جي مستقبل جا تارا آهن پر ملڪ جي مستقبل جا پڻ روشن سهارا آهن. چوندا آهن ته، زمين ۾ پوکيل ٻوٽي جي واڌ ويجهه جو دارو مدار، زمين جي کاڌ خوراڪ تي هوندو آهي، جيڪڏهن زمين بنجر هوندي ته، ٻوٽا پنهنجي نشونما حاصل نه ڪري سگهندا. ساڳئي نموني ٻارن جي بهتر تربيت ۽ تعليم ۾، پنهنجي مائٽن ۽ گهر کان پوءِ، استاد ۽ هڪ بهتر اسڪول جو ڪردار هوندو آهي.

    شاگردن جي پڙهائي لاءِ سازگار ماحول يعني بهتر اسڪول جو هجڻ لازمي آهي، جيڪڏهن اسڪول جي عمارت مضبوط ٺهيل نه هوندي ته ٻار پنهنجي زندگي بچائڻ لاءِ کليل آسمان هيٺ ئي تعليم حاصل ڪرڻ پسند ڪندا. شاگردن جي مستقبل کي تباه ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ،

    ٽنڊي قيصر جي سڀني عام طوڙي خاص رهواسين، استادن ۽ شاگردن جو فقط هڪ ئي عرض آهي ته، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول جي عمارت جي نئين سر تعمير ڪرائي وڃي.

    ڳوٺ ٽنڊو قيصر جي شاگردن جي روشن مستقبل لاءِ، سڀني سرمائيدارن، چونڊيل نمائيدان، پهچ وارن ماڻهن ۽ سڀني لاڳاپيل حڪومتي ۽ غير حڪومتي ادارن کي عرض ٿو ڪجي ته، هو مهرباني ڪري پنهنجي مصرورف زندگي مان ڪجهه پل ڪڍي، هن تاريخي اسڪول جي سار لهن ۽ ڪو ڪو جوڳو قدم کڻن ته، جيئن شاگردن جي تعليم برباد ٿيڻ کان بچي ۽ انهن جو مستقبل سنوارجي سگهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو