اڄ ڪالهه عام انسانن کي قرآن کان پري رکڻ جي لاءِ باقاعدگيءَ سان هڪ منظم مهم هلائي پئي وڃي ته، جيستائين اوهين درزن کن ٻيا مددي علم نه پڙهندئو، تيستائين اوهان کي قرآن سمجهه ۾ نه ايندو، اوهان جو ڪم اهو آهي ته صرف قرآن مجيد جي تلاوت ڪريو، يا قرآن مجيد پڙهي پنهنجن مردن کي ثواب بخشيو، باقي قرآن تي غور نه ڪجو، متان گمراهه نه ٿي وڃو، ڇو ته قرآن اوهان جي سمجهه کان مٿي آهي. اها هڪ انسان دشمن مهم آهي، ۽ انسانيت کي پنهنجو غلام بڻائڻ جي سازش آهي. ڇو ته قرآن اهو واحد ڪتاب آهي جيڪو انسانيت کي انسانن جي غلاميءَ مان ڪڍي خدائي توحيد ڏانهن سڏي ٿو. انسانيت کي پنهنجو غلام بڻائڻ جي ذهنيت رکندڙ مذهبي طبقي وارا يا سرمائيدار يا خدائي خلق تي ڏاڍ ۽ ظلم سان حڪمراني ڪندڙ، اهي ڪيئن چاهيندا ته خدا جي اٻوجهه مخلوق خدا جو پيغام سمجهي! جيڪڏهن اهي خدا جو پيغام سمجهي ويا ته اسان جي چڱ مڙسي چٽ ٿي ويندي، رسول الله ﷺجن جي زندگيءَ تي نظر وجهو، انهن ٽن قسمن جا ماڻهو ئي هئا جيڪي قرآن جا سڀ کان وڏا دشمن ٿي بيٺا. مڪي ۾ سرمائيدارانه ذهنيت رکندڙ وڏيرا هئا، جيڪي قرآن ۽ توحيد جا صرف ان جي ڪري مخالف ٿي بيٺا ته متان عام ماڻهو اهو پيغام مڃي وٺن، ۽ اسان جي چنبي مان نڪري وڃن. نبي اڪرم ﷺ جن مديني ۾ آيا ته مديني ۾ ٻيو ڪو دشمن ڪو نه هو، اهي ئي ماڻهو سڀ کان وڏا دشمن ٿي بيٺا جيڪي مذهبي روپ ڌاري انسانيت کي پنهنجو غلام رکڻ چاهين پيا. انهن ڏٺو ته جيڪڏهن رسول ﷺ جن جو پيغام ماڻهو مڃي وٺن ٿا ته اهي اسان جي غلاميءَ مان نڪري ويندا، تنهن ڪري انهن ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي اسلام جي مخالفت ڪئي. اهي توريت جا ڄاڻو هئا، خدائي علمن جا وڏا عالم هئا. انهن کي سئو فيصد يقين هو ته محمد ﷺ الله جو سچو رسول آهي، بلڪه قرآن ته ايترو به چوي ٿو ته اهي نبي اڪرم ﷺ جن کي ائين سڃاڻن ۽ صحيح سمجهن پيا، جيئن اهي پنهنجن پٽن کي سڃاڻيندا آهن. بلڪه پٽن کان به وڌيڪ نبي اڪرم ﷺ جن جي صداقت کي سڃاڻن پيا. حقيقت سمجهڻ جي باوجود هو پنهنجن ذاتي غرضن جي لاءِ حق جا مخالف ٿي بيٺا ۽ حق سان ٽڪراءُ ۾ اچي ويا. قرآن جو پيغام مڪي ۽ مديني کان ٻاهر جڏهن بين الاقوامي طور تي ڦهلجڻ لڳو ته قيصر ۽ ڪسريٰ جيڪي انسانيت کي پنهنجو سياسي غلام بڻايون ويٺا هئا. اهي قرآن جا سڀ کان وڏا دشمن ٿي بيٺا. اڄ ڪلهه به صورتحال ساڳي ئي آهي، پر ان جو افسوسناڪ پهلو هي آهي ته اڄ اسان جو مذهبي طبقو ڪٿي شعوري ۽ ڪٿي لاشعوري طور تي سرمائيدارن ۽ عالمي قوتن جي ونگار وهي رهيو آهي ۽ سڄو زور اهڙي نظام تعليم تي ڏئي رهيو آهي. جنهن تحت صرف اهي ماڻهو پيدا ٿين ٿا جيڪي معاشي طور تي سرمائيدارن جا ڳيجھو ۽ غلام هجن ٿا، ۽ انهن جي ئي نوڪري ڏيندا وتن ٿا، جڏهن انسانيت جا رهبر ئي سرمائيدارن جا غلام بڻجي وڃن ته پوءِ خدا جي خلق جو ڇا ٿيندو؟ ۽ ان جو جوابدار ڪير هوندو؟ فَیا ویلتا یا حسرتا!! اهو نتيجو آهي قرآن کان دوريءَ جو، جو اڄ امت مسلمه ذلت جي پستين ۾ ڪاهي پئي آهي. قرآن جو محافظ ۽ شارح مذهبي طبقو، انساني غلاميءَ جي مختلف طريقن تي مزاحمت ڪرڻ بجاءِ چند رسمن کي مڪمل دين سمجھيون ويٺو آهي. انسانيت کي سرمائيدارن جي ظلم ۽ استحصال کان بچائڻ جي بجاءِ هو هر موقعي تي پنهنجن مالي مفادن خاطر سرمائيدار جو ساٿي بڻجي وڃي ٿو، ڇو ته هوسرمائيدار جي ساٿ کانسواءِ پنھنجو جهان جوڙي نٿو سگهي. قرآن سچ پچ هدايت، نجات ۽ هر قسم جي ظلمن۽ استحصال کان ڇوٽڪاري جو ذريعو آهي، جڏهن قرآن آيو ئي انسانن جي هدايت ۽ ڇوٽڪاري جي لاءِ آهي ته پوءِ اهو ڪيئن چئي سگهجي ٿو ته جيستائين اوهين درزن کن مددي علم نه سمجهندؤ تيستائين اوهان کي الله جو قرآن سمجهه ۾ نه ايندو؟ ڇا ان کان وڌيڪ به ٻيو ڪو خدا جي ڪلام سان ظلم ٿي سگهي ٿو؟ جڏهن ته قرآن صاف طور تي چئي ٿو ته الله جو ڪتاب صاف، سٿرو، سهنجو ۽ فصيح آهي. ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڏکيائي نه آهي. هو هر دور جي حالتن سان ٺهڪندڙ ۽ هر حال ۾ انسانيت جي رهنمائي ڪندڙ آهي.