رات جو پويون پهر آهي شيخ اياز رات جو پويون پهر آهي هو ڦاسيءَ جي رسيءَ ۾ لڙڪي رهيو آهي، لُريءَ ۾ هن جا پير اگهاڙا آهن، پير، جي تخت تان لهي تختي تائين پهتا آهن، ۽ هاڻي مُڙي ويا آهن ۽ ڪنهن سوڙهيءَ گهٽيءَ جو رستو ڏيکارن ٿا. مان اُنهن ٿڌن پيرن تي پنهنجا ڪوسا هٿ رکي سوچان ٿو، ”جي مان هن کي جاڳايان، ته ڇا هو پنهنجو منهن مون کان لڪائيندو؟ هو، جو ڌرتيءَ جو ڌنار هو، ڇا هو اِهو مڃيندو ته رڍون ۽ بگهڙ گڏ نه پالبا آهن؟“