تعليم جو زوال ۽ شاگرد

'مختلف موضوع' فورم ۾ همانگير سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2010۔

  1. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    عبدالفتاح شيخ ڀٽو
    سنڌ جا شاگرد جيڪي مختلف اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪن ٿا انهن مان ڪئين شاگرد وقت پاس ڪرڻ (Time Pass) ڪرڻ لاءِ وڃن ٿا ۽ انهن مان گهڻائي شاگرد ڪنهن نه ڪنهن سياسي تنظيم سان واسطو رکن ٿا. جيڪي شاگرد پڙهائي ۾ دلچسپي رکن ٿا دل وجان سان محنت ڪري پڙهن ٿا ته انهن کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ڪنهن نه ڪنهن سازش ۾ ڦاسائي انهن کي پڙهائي ڪرڻ کان اثرانداز ڪن ٿا انهن شاگردن کي جيڪي مختلف تنظيمن سان واسطو رکن ٿا انهن کي پوري پڪ هوندي آهي ته اسين امتحانن جي وقت ڪاپي ڪري پاس ٿي ڊگري وٺي وينداسين ۽ پوءِ پنهنجي پنهنجي گهر وڃي ڊاڙون هڻنداسين ته اسين ڦلاڻي يونيورسٽي مان ڦلاڻي ڊگري حاصل ڪئي.نوان نوان خيال نوان نظريا هميشه مختلف ماڻهن جي دماغن مان ئي ملندا آهن پائلو فريزي چيو آهي ته سٺو سياستدان اهو آهي جيڪو تمام گهڻي پري واري نظر (دور انديش) رکندو هجي.

    ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ سنڌي ماڻهو تمام گهٽ پڙهيل هئا ۽ اهي نوڪريون وٺڻ جي اهل ڪونه هئا ان وقت جي حالتن جي مطابق ڀٽي صاحب ڪاپي ڪري پاس ٿي ڊگري وٺڻ جو نظريو ڏنو ۽ ان جي لوڙهه توهين اڄ پاڻ ڏسو ٿا. اسان جي ماڻهن جي دماغ مان محنت ڪرڻ جي همٿ ئي ختم ٿي چڪي آهي ان جو اسان جاپان مان مثال وٺون ٿا . جاپان اڄ ترقي جي اوج تي آهي. 1970ع جي ڏهاڪي ۾ جاپان ۾ گهڻي بک ۽ بدحالي هئي تڏهن عالمي سامراج نياپو اماڻيو ته اسين توهان جي مدد ڪرڻ چاهيون ٿا. جاپاني حڪمرانن اها سوچ ڪئي ته جيڪڏهن اسين اڄ هنن جا محتاج ٿي پنهنجا پيٽ ڀري ويهنداسين ته سڄي عمر اسان انهن جا غلام ۽ انهن جي اڳيان هٿ ڦهلائيندا رهنداسين پوءِ جاپان جي حڪمرانن انهن (سامراج) کي چيو ته جيڪڏهن توهان اسان کي واقعي امداد ڏيڻ چاهيو ٿا ته اسان کي سٺا پروفيسر، ليڪچرار فراهم ڪريو جيڪي اسان جي نسلن کي سٺي تعليم ڏئي سگهن ۽ پوءِ اها امداد توهين انهن کي پگهار جي صورت ۾ ڏيو ۽ انهن جي ڊگهي نظر (دورانديش) جي ڪري اڄ جاپان تمام گهڻو ترقي يافته ملڪ آهي.

    تعليم جيڪا اڄ اسين پنهنجي اکين سان تباهه ٿيندي ڏسون ٿا اها ڪا هڪ ڏينهن جي رٿا نه آهي پر اها صديون اڳ ٿيل هئي ۽ ان جا اثر اسان کي هاڻي تمام تيزيءَ سان نظر اچي رهيا آهن مثال جيئن اسين زمين ۾ ڪو به ٻج پوکيندا آهيون ان جو اسان کي ڦل هڪ سال کان پوءِ ملندو آهي ان طريقي سان حڪمرانن مختلف دورن ۾ مختلف ماڻهن جي هٿان تعليم تباهه ڪرائي آهي. ان جو ڦل اڄ اسان کي ملي رهيو آهي. اهڙي طرح اسان جي ملڪ ۾ هيئن سوچيو ويو ته هيٺين طبقي جا ماڻهو ترقي نه ڪري وڃن ۽ اسان جي مٿان چڙهت نه ڪري وڃن ۽ پوءِ وري متان اسان جي ڳچيءَ ۾ هٿ وجهن ۽ اتي رهندڙ هندو طبقو انهن جو ڀرپور ساٿ ڏيندو هو انهن غدار وڏيرن ۽ سرمائيدارن جو ڇاڪاڻ ته اتي رهندڙ هندو اتان جا تمام وڏا واپاري هئا ۽ اهي انهن غريبن مزدورن پورهيتن کي هميشه حساب ڪتاب ۾ ٺڳيندا رهندا هئا پوءِ هندو برادريءَ سوچيو ته جيڪڏهن اهي ماڻهو پڙهي پيا ته پوءِ اسان جا به اَڪَ ڪارا ٿي پوندا. تنهن ڪري اهي انهن سرمائيدارن جو ساٿ ڏيندا هئا انهن سامراجن مختلف روين ۾ مختلف شڪلين ۾ دهشتگرد ٽولا تيار ڪيا هئا جنهن جو مقصد هڪ ئي هيو تعليم تباهه ڪرڻ ۽ جاهل ماڻهو پيدا ڪرڻ .مثال هڪڙا چار دوست هجن پر انهن کي ڪراچي وڃڻو هجي مطلب انهن جو هڪ ئي مقصد هجي ته اسان کي ڪراچي پهچڻو آهي پوءِ اهي چارئي دوست مختلف رستن مختلف طريقن سان ڪراچي هڪ ئي جاءِ تي پهچن انهيءَ وانگر سرمائيدارن ۽ وڏيرن مختلف پارٽيون ٺاهيون جيئن انهن هڪ دهشتگرد مافيا ٽولو تيار ڪيو ۽ مختلف تنظيمون مختلف پارٽيون تيار ڪيون ويون جيڪي شاگرد جي پڙهائي کي تمام گهڻو متاثر ڪنديون هيون ڪڏهن شاگردن جون پڙهائيون روڪيون وينديون هيون ته ڪڏهن هڙتالون ڪيون وينديون هيون پر بهانا ٻيا ٻيا هوندا هئا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو