آنند ڪمار موراڻي ڪراچي جي گلشن حديد واري علائقي ۾ سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي حوالي سان ٿيل سيمينار کي خطاب ڪندي اديبن ۽ دانشورن مطالبو ڪيو آهي ته جن خانگي اسڪولن ۾ سنڌي نه ٿي پڙهائي وڃي انهن جي رجسٽريشن ختم ڪئي وڃي . انهن جو چوڻ آهي ته سنڌي ٻولي کي بچائڻ لاءِ بنگالين جهڙي قرباني ڏيڻي پوندي ۽ بي حسي ختم ڪري اڳتي وڌڻو پوندو. انهن چوڻ هو ته تعليمي ادارن کي خانگي شعبي ۾ ڏيڻ جو مقصد سنڌي ٻولي جي خلاف هڪ سازش آهي. ان ڪري سڀني ڌرين کي اڳتي وڌي ڪري پنهنجي ٻولي جي تحفظ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. ٻئي طرف حيدرآباد ۾ سنڌي ٻولي جي حوالي سان ٿيل پروگرام کي خطاب ڪندي ناليوارن اديبن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻو پوندو. ان سلسلي ۾ سنڌ جي ڪلچر واري وزير سسئي پليجو اعلان ڪيو ته سنڌي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ قومي اسيمبلي۾ بل پيش ڪيو ويندو. جڏهن ته سنڌ اسيمبلي اڳ ۾ ئي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي لازمي پڙهائڻ جو ٺهراءَ منظور ڪري ڇڏيو هو. 1973ع ۾ سنڌي ٻولي جو بل منظور ڪيو ويو هو ان خلاف ڪجهه ماڻهن واويلا به ڪئي هئي پر هينئر تائين انهي بل تي عمل نه ڪيو ويو آهي. سنڌي ٻولي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ لاءِ ڪنهن قانون سازي جي ضرورت ناهي. پر 1973ع جي ٻولي واري بل کي جيڪڏهن لاڳو ڪيو وڃي ته ڪنهن ٻي ٻولي جو جنازو نه نڪرندو ۽ اهڙو تاثر اڳ ۾ ڏنو ويو هو ته اردو ڪا جنازا ذرا ڌوم سي نڪلي. اهو اصل ۾ ڪجهه ماڻهن جي ذهن جي خرابي هئي ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ پڻ 3 زبانون سرڪاري طور تسليم ٿيل آهن. جن ۾انگريزي، سنڌي ۽ اردو شامل آهن. پر سنڌ جي قومي ٻولي سنڌي ڇو نه هجڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اڪثريتي ماڻهن جي ٻولي اها ئي آهي ۽ ماضي ۾ به سنڌي درسگاهن ۽ دفترن جي ٻولي رهي چڪي آهي. تاريخ ۾ گهڻي کان گهڻا مدرسا ٺٽي ۾ رهيا آهن ۽ اهو رڪارڊ آهي ته ٺٽي ۾ 300 جي لڳ ڀڳ مدرسا هئا. جن ۾ آخوند سنڌي پڙهائيندا هئا ۽ ترخانن جي دور ۾ جڏهن سنڌي ٻولي کي مدرسن مان نيڪالي ڏني پئي وئي ته ان وقت جي استادن فارسي پڙهائڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ پنهنجون زبانون وڍائي ڇڏيون هيون . هن وقت زبانن ڪٽائڻ جو وقت ناهي پر ڪروڙين سنڌي ٻولي جيڪي ڏيهه پرڏيهه ۾ هن شاهوڪار ٻولي کي ڪتب آڻين ٿا. هن ٻولي ۾ 20 کان وڌيڪ اخبارون نڪرن ٿيون. رسالا شايع ٿين ٿا. چار کان پنج ٽي وي چينل 24 ڪلاڪ خبرون ۽ تفريحي پروگرام پيش ڪن ٿا ۽ اهڙي طرح سان انٽرنيٽ ۽ ٻين عالمي وسيلن جي زبان سنڌي ٻولي آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌي ٻولي جي وجود کي ڪو به خطرو ناهي پر ان ٻولي کي جيڪڏهن قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي ۽ صوبي ۾ رائج ڪيو وڃي ته سنڌي وڌيڪ ترقي ڪندي. اهو ڪم سنڌ جي تعليم جي وزارت ئي ڪري سگهي ٿي.اهي اسڪول جيڪي خانگي آهن. جيڪڏهن انهن ۾ مينيجمينٽ کي طلب ڪري چيو وڃي ته جيڪي اسڪول سنڌي ٻولي ۾تعليم نه ڏيندا يا اتي سبجيڪٽ طور سنڌي نه پڙهائي ويندي. اهڙن سمورن اسڪولن جي رجسٽريشن رد ڪئي ويندي ۽ پوءِ انتظامي قدم کڻندي عمل نه ڪندڙ ڪجهه اسڪولن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ته صورتحال بهتر ٿي سگهي ٿي. اها عجب صورتحال آهي ته اسان وٽ هزارين ڪاليج يونيورسٽيون ۽ ٻيون درسگاهون موجود آهن. پر انهن ۾ اهڙي ٻولي پڙهائي وڃي ٿي جنهن جو تعلق اڪثريتي عوام سان ناهي. جيڪڏهن سنڌي سان گڏ انگريزي کي لازمي ميڊيم طور رائج ڪيو وڃي ۽ ملڪ جي قومي زبانن کي سنڌي ۾ شامل ڪيو وڃي ته ان سان نه صرف ٻولي کي فائدو ٿيندو پر ان سان گڏوگڏ شاگردن کي پڻ پنهنجي مادري زبان ۾ تعليم ملي سگهندي. اهو هاڻ سنڌ جي تعليم جي وزارت جو ڪم آهي ته اها سنڌي ٻولي کي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڪيئن رائج ڪرائي ٿي. اهو تعليم جي وزارت جو فرض آهي ته اها سنڌي ٻولي کي ترقي وٺرائي ۽ جيڪو موجود ه نصاب آهي. ان تي پڻ نظرثاني ڪئي وڃي ته جيئن شاگردن کي جديد دور جي گهرجن کي سامهون رکندي بهترين تعليم ڏئي سگهجي ۽ هن سائنسي دور ۾ اڳتي وڌي جيڪڏهن سنڌي ٻولي ۾ سائنسي سبجيڪٽ ترجما ڪرايا وڃن ته ان سان ٻولي وڌيڪ شاهوڪار ۽ امير ٿيندي. ان ڪري سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اها تعليم جي وزارت کي هدايتن ڪري ته جيئن سمورن درسگاهن کي سنڌي ٻولي کي رائج ڪري سگهجي.