منهنجا محسن، منهنجا سائين. تحرير : عبدالله جروار هي چار شخصيتون آهن. جيڪي پنهنجي پسند موضوعن ۽ مضمونن ۾ چڱي ڄاڻ ۽ دلچسپي رکندڙ آهن. نه رڳو انهن موضوعن ۾ ڄاڻ بلڪ چڱي مهارت رکن ٿا. اڄ هن پوسٽ لکڻ جو مقصد ٻڌائيندو هلان هنن علم، ادب، تاريخ توڙي صحافت جهڙي موضوع سان وابسته شخصيتن جي همت افزائي مون لاء وڏي ڏڍ ۽ حوصلا افزائي جو سبب بڻي آهي. ٻيهر ڪتاب پڙهڻ ڏانهن راغب ٿي سگهيو آهيان. پر ڪچيون ڦڪيون تحريرون لکڻ به لڳو آهيان. ڪتاب پڙهڻ۽ وٺڻ جو شوق ته ننڍپڻ کان رهيو آهي. پر ڪڏهن ليکڪ ۽ شاعر نه ٿي سگهيو آهيان. جڏهن فيس بوڪ جو جهان جڙيو ته هنن شخصيتن سان ويجهڙائي ٿي. هنن شخصيتن مختلف وقتن ۽ موقعن تي مون کي لکڻ لاء همٿايو. هي شخصيتون جن جون تصويرون رکيون اٿم. اهي آهن. سائين مٺل جسڪاڻي صاحب سائين فتح محمد شھزاد ٿيٻو صاحب سائين مير اعظم علي ٽالپر صاحب سائين مشتاق بخاري صاحب سائين مٺل جسڪاڻي منهنجي تحريرن کي فيس بوڪ تي پڙهي وقت به وقت رهنمائي ڪندو رهندو آهي. سائين پاڻ وڏو ليکڪ ۽ مختلف مضمون ۽ موضوعن تي تمام بهترين مضمون، ڪهاڻيون شاعري پر گهڻو ڪجھ لکيو ڇپيو اٿن سائين فتح محمد شھزاد ٿيٻو صاحب. سائين پهرين ملاقات ۾ مون کي مختلف موضوع ۽ شخصيتن تي لکڻ جو چيو ۽ حوصله افزائي ڪئي آهي. سائين پاڻ تاريخ سان گهڻي دلچسپي ڄاڻ رکڻ ٿا. گهڻ پڙهيا انسان آهن . تاريخ خاص طور سنڌ جي تاريخ تي دسترس اٿن. مير اعظم علي ٽالپر صاحب. پاڻ بهترين ليکڪ آهن عبرت اخبار جا مستقل ڪالم نگار آهن. سندن ڪالم ۾ تاريخي حوالا پڻ هوندا آهن . اهي ملڪي سياست هجي عالمي سياست توڙي فلمي جهان هجي. پر مير صاحب جا اهي حوالا مستند هوندا آهن. سائين مير صاحب جهڙا ليکڪ اڄ جي دور ڪي چند ڪڻا بچيا آهن. مختلف موضوعن تي لکڻ لاءِ سائين منهنجي حوصله افزائي ڪندا رهندا آهن. سائين مشتاق بخاري صاحب جن روزاني آجيان شڪارپور سنڌ جا سرواڻ آهن. وڏي عرصي کان منهنجين ڪچن ڦڪين تحريرن کي پنهنجي اخبار ۾ جاء ڏيندا رهيا آهن. سائين جي ان مهرباني سبب سچ ته وڏو حوصلو ملندو آهي. سائين بخاري صاحب مون سميت ڪيترن نون ليکڪن کي پنهنجي اخبار ۾ جاء ڏئي لکڻ پڙهڻ جي قابل بڻايو آهي. آئون هنن معزز شخصيتن جو بيحد ٿورائتو آهيان. اميد ٿو ڪريان ته اهو محبتن جو سلسلو جاري رهندو. رواني آجيان شڪارپور سنڌ تاريخ 30 مارچ 2024ع Mithal Jiskani Shahzad Fateh Muhammad Thebo Azam Ali Talpur Mushtaq Bukhari