ٽنڊي الهيار شهر جو درويش راھب فقير جن جي نالي سان راھب پاڙو منسوب آهي. تحرير : عبدالله جروار ٽنڊي الهيار جي مارڪيٽ ايريا سان متصل مشهور راھب پاڙو درويش بزرگ راھب فقير جي نالي سان ئي سڏجي ٿو. هن درويش جي تربت مارڪيٽ ايريا ۾ هن پاڙي ڏانهن ويندڙ مين گهٽي جي مهڙ ۾ واقع آهي. هاڻ چوڌاري جاين جي اڏاوت هئڻ ڪري گهٽ نظر اچي ٿي. ڪافي وقت پهرين ليکڪ منظور ڪالرو يا سائين غلام حسين سومرو صاحب مرحوم جيڪي هن ئي پاڙي سان تعلق رکن ٿا تصوير يا ڪجھ مواد لکيو هو. تازو پراڻن ڪتابن جا ورق اٿلائيندي امرتا رسالو شمارو 103 جون 2012ع جو مطالعو ڪندي هڪ مضمون ادا اڪبر سومري جو نظر مان گذريو جيڪو پاڻ حسن درس جي ياد ۾ لکيو اٿائون. حسن درس ٽنڊي الهيار ضلع جي ڳوٺ مشائخ هوتي جو رهواسي هو. حسن درس جي ٽنڊي الهيار جي تمام ٿورن ماڻهن سان تعلق اٿڻ ويهڻ، ڪچهريون ۽ حجتون هيون جن ۾ اڪبر سومرو، سائين عبدالغفور بڪيرو ۽ علي ڏنو جروار شامل هئا. اهڙا احوال سائين عبدالغفور ۽ سائين علي ڏني کان مليا آهن. خير اصل موضوع تي اچون. اڪبر سومرو درويش راھب فقير بابت لکي ٿو ته راھب فقير سندن ئي خاندان جو بزرگ ٿي گذريو آهي. اها ڳالھ حقيقت کي ويجهو آهي. جو ٽنڊي الهيار ۾ اڪبر سومري صاحب جو مائٽاڻو گهر جنهن ۾ سندن ڀاء سائين فيروز سومرو اڄ به رهي ٿو. راھب فقير جي تربت ان گهر سان بلڪل لڳ آهي. اها خبر ناهي هتي هي اڪيلي راھب فقير جي تربت آهي يا هتي ٻي ڪا تربت به موجود آهي . اڪبر سومرو لکي ٿو "حسن درس سان ميرپورخاص ۾ ڪامريڊ غلام محمد لغاري جي ڀاڻيجن مظهر لغاري ۽ اڪبر لغاري سان سندن ڪچهريون هونديون هيون. راتين جو مقامي درگاهن تي وڃي منهنجي خانداني بزرگ (پڙڏاڏي) ۽ صوفي اولياء حضرت راھب جي صوفياڻي شاعري جيڪا فقير اتي مخصوص راتين جو (خاص ڪري جمع جي رات) ڳائيندا رهندا هئا. ٻڌندا هئاسون. مون اڳ به لکيو آهي ته اسان جي ان خانداني بزرگ جا مريد ٿرپارڪر، ناري ڍوري جي علائقي، سانگهڙ ۽ بدين ۾ خاص طرح پکڙيل هئا. سندس ڪجھ شاعري محققن لطيف سائين، سچل، سامي، روحل ۽ ٻين صوفي شاعرن سان منسوب ڪئي آهي. جنهن جي ريسرچ ٿيڻ گهرجي. حضرت راھب سائين جو هڪڙو ڪلام آهي (سرائيڪي /سنڌي جو ميلاپ) تيرا مڪان مولا، هادي هر جاء وسين ٿو تون ئي تون، چلو ته آسمان ويکون، آگا ائين پسون، آسمان دي مثل تاري، تارن جو چنڊ به تون ئي تون، چلو ته دريا ويکون، آگا ائين پسون، دريا دي مثل لهرين، لهرن جو وير به تون ئي تون، چلو ته ڪشتي ويکون، آگا ائين پسون، ڪشتي دي مثل "راھب" راھب جو رب به تون ئي تون، تيرا مڪان مولا، سائين هر جاء وسين ٿو تون ئي تون، هاڻ راھب فقير جي ٻي به شاعري آهي يا نه. ان سلسلي ۾ اهل علم دوستن کي خاص طور تي ادا اڪبر سومرو، سائين فيروز سومرو. هن ئي پاڙي جو اديب ليکڪ ادا منظور ڪالرو ۽ سائين نياز شاھ بخاري صاحب جن ڪوشش وٺن وڌيڪ مواد به ملي سگهي ٿو. منهنجي هن تحرير جو مقصد راھب فقير صاحب جن جي شاعري جي پهلو کي به اجاگر ڪرڻ آهي. ( في الحال تصوير موجود ڪونهي. امرتا جي ان پرچي جي تصوير شامل ڪجي ٿي جن تان ڪجھ احوال ورتو ويو آهي.) Akber Soomro Feroz Ahmed Manzoor Hussain Niaz Shah Bukhari Ali Dino Jarwar Dars Ghulamrasool