ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (35)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏30 مارچ 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    "ٻري جن ٻاري "
    ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (35)
    سائين محب علي خاصخيلي مرحوم
    ڳوٺ مٺو خاصخيلي تعلقہ چمبڙ ضلع ٽنڊوالهيار
    تحرير : عبدالله جروار

    سائين محب علي خاصخيلي مرحوم ڳوٺ مٺو خاصخيلي جي فقير مزاج انسان ڇٽي فقير جي گهر ۾ 9 سيپٽمبر 1961ع تي جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪئي. وڌيڪ پڙهڻ لاء ڳوٺ صاحب خان جروار جي مڊل اسڪول داخل ٿيو جتان اٺون ڪلاس پاس ڪرڻ کان پوء ديھ ساجناه جي ڳوٺ الهداد ٽالپر جي نيڪ مرد ۽ معزز شخصيت استاد سائين خان محمد ٽالپر جي مدد سان وڌيڪ تعليم حاصل لاء ڳوٺ الهداد ٽالپر ۾ رهيو. هن علائقي جي ويجهي ۽ قديم هاء اسڪول خواجه ڳوٺ سلطان آباد ۾ نائين ڪلاس ۾ داخلا ورتي. ان عرصي ۾ مير صاحب کيس پڙهائڻ ۾ ڀرپور مدد ڪئي. مذڪوره مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ان عرصي ۾ سندن والد صاحب به فوت ٿي چڪو هو هن پنهنجي همت ۽ الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي مدد سان پنهنجي تعليم جاري رکي. ان زماني ۾ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ داخلا مئٽرڪ جي بنياد تي ٿيندي هئي. جتي سائين محب علي به داخلا ورتي. ڪجھ عرصو ڳوٺ مصري جروار ويجهو پنهنجي عزيزن خاصخيلي برادري وارن وٽ پڻ رهيو. جتان کيس يونيورسٽي اچڻ وڃڻ جي سهوليت ميسر ٿي. جنهن ڪري پنهنجي تعليم بي ايس سي تائين حاصل ڪري سگهيو. سال 1987ع ۾ بي ايس سي پاس ڪرڻ ترت ئي پرائمري استادن جي ڀرتي لاء درخواستون گهرايون ويون. جنهن سائين محب علي پڻ اميدوار بڻيو. انٽرويو دواران استادن جي ڀرتي ڪرڻ واري ٽيم جو ان وقت سربراہ ناليوارو تعليم کاتي جو آفيسر سائين بقا محمد قريشي صاحب کانئس انٽرويو ورتو. زرعي يونيورسٽي جو گريجوئيٽ ڏسي کيس پرائمري ماستري بجاء کيس پنهنجي تعليم جاري جو چيو. جنهن سائين محب علي خاصخيلي صاحب پنهنجي غربت سبب اڳتي نه پڙهي سگهڻ جو عذر ڄاڻايو. . اهڙي طرح ان انٽرويو ۾ پاس ٿيڻ تي 05 جون 1988ع تي کيس پرائمري استاد جي نوڪري جو آرڊر مليو. سندن پهرين مقرري گورنمينٽ پرائمري اسڪول بختاور پتافي ۾ ٿي. جتان 03 سيپٽمبر 1992 تي بدلي ٿي گورنمينٽ پرائمري اسڪول الھ بخش جروار ۾ جوائن ٿيا. باقي عرصو هن ئي اسڪول ۾ رهيو. سائين محب علي غريب گهر جو فرد هو ۽ ڏکين حالتن ۾ تعليم حاصل ڪئي هئي ان ڪري کيس تعليم جو وڏو قدر هو. بنا سبب جي اسڪول مان موڪل به نه ڪندو هو. ٻارن کي ايمانداري ۽ محنت سان پڙهايائين.
    ڊيوٽي دوران ئي دل جو دورو پوڻ سبب 24 مارچ 2007ع تي جواني ۾ ئي سائين جي وفات ٿي. اسان جي ڳوٺن۾ سائين جي شاگردن جو وڏو تعداد اڄ به کين سٺن لفظن سان ياد ڪري ٿو.

    Sain Jarwar Sher Muhammed
    Khudadad Jarwar
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو