ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾ گذاريل هڪ سال جي سفر جو احوال (1) تحرير : عبدالله جروار سو زندگي جو سفر هميشه روان دوان ئي رهيو آهي. جيئن آڪٽوبر 1982 ۾ نوڪري ملڻ بعد ڪافي وقت ڪاماري شريف ۾ گذريو جنهن جو ذڪر ڪري آياسين. درس ۽ تدريس جي شعبي تعليم ڏيڻ لاءِ تربيت به ضروري آهي . بهتر تربيت سان استاد پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ خاطر ۽ مستقبل جي معمار ٻارن جي تعليم بهتر ڪري سگهي ٿو. ان مقصد خاطر انگريزن پنهنجي دور ۾ هي ادارو قائم ڪيو . جنهن کي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد سڏجي ٿو. مختلف دورن ۾ هن اداري کي مختلف نالا ڏنا ويا آهن. حيدرآباد شهر جي پراڻي مارڪيٽ ايريا واري علائقي ۾ تلڪ چاڙهي مٿان بلند بالا قديم عمارت پنهنجي شان ۽ شوڪت سان قائم دائم آهي. هن اداري مان صدين کان بهترين استاد تعليم ۽ تربيت حاصل ڪري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تعليم ڏئي باشعور انسانن جي پرورش ڪئي. بهرحال ڳالھ کي مختصر ڪندي اسان پنهنجي وقت جي ڳالھ ڪنداسين. سال 1985 ع جي آگسٽ مهيني جي پوين ڏينهن ۾ اسان جي ٽريننگ جو آرڊر مليو. جنهن ۾ 26 مرد استاد هڪ خاتون ٽيچر شامل هئي. جيئن ته مرد ۽ عورت استادن لاء الڳ ڪاليج قائم آهن. سڀني استادن کي پهرين سيپٽمبر 1985 تي ڪاليج جوائن ڪرڻ جو حڪم مليل هو. ان زماني ۾ اسڪول ۽ آفيس مان باقائندي سروس بوڪ سميت ڪاليج موڪليو ويندو هو. جو ٽريننگ واري عرصي جو پگهار ڪاليج مان ملندو هو. ان آرڊر ملڻ شرط تياري کي لڳي وياسين. هن اداري مان سائين عبدالحڪيم جروار پنهنجي خرچ تي ٽريننگ پوري ڪري نڪتو هو. ٻيو اسان جو واقفڪار استاد سائين قاري علي محمد بڪيرو صاحب هئا. جن ان سال حاضر سروس استاد طور ٽريننگ پوري ڪئي هئي. مون سان گڏ منهنجو عزيز ۽ ساٿي سائين خير محمد جروار به هو. هاڻ ٽريننگ بابت ڪجھ خوف خدشا ڪيئن ٿيندو ڇا ٿيندو.؟ سائين قاري صاحب ۽ سائين عبدالحڪيم وارن همت ٻڌرائي ۽ اسان سان حيدرآباد ڪاليج گڏجي به آيا. جيئن ماحول کي سمجهي سگهجي. پهرين سيپٽمبر 1985 ع تي ڪاليج جوائن ڪيوسين. سڀني اس پاس جي ضلعن جا استاد ٽريننگ لاء آيا پئي. ٽريننگ ڪاليج ۾ ڄڻ ڪو وڏو ميلو متل هو. اسان سان مسئلو اهو هو ڳوٺ پري سواري جو انتظام نه هئڻ ڪري اچڻ وڃڻ ڏکيو هو. جنهن لاء ضروري هو هاسٽل ۾ بندوبست ٿئي. ان وقت هاسٽل توڙي ميس انچارج سائين الهورايو ڪلور صاحب هو. جنهن سان ملاقات ٿي. سائين جن هاسٽل ڏيڻ جي حامي ڀري. شروعاتي پنج ڏينهن داخلائن ۾ گذاريا. خير سڀني ٽريننگ وٺندڙ استادن کي ڌار ڌار ڪلاس مليا. پرائمري استادن جا ٽي ڪلاس هئا. اي، بي سي، سيڪشن هڪ اردو استادن جو الڳ سيڪشن هو جڏهن ته جي ايس ٽي (JST) استادن جو هڪ ڪلاس هو. جڏهن ته اوريئنٽل ٽيچرس لاء عربي ڪلاس به جدا هو. ڊرائنگ ٽيچرس جي تربيت لاء ويسع ڪشادو ڊرائننگ هال جنهن کي هاڻ ناليواري استاد مصور چترڪار سائين ع ق شيخ صاحب جن جي نالي منسوب ڪري ع ق شيخ گئلري قرار ڏنو ويو آهي. ان زماني ۾ سڀني شعبن جي استادن جي ٽريننگ هڪ ئي وقت شروع ٿيندي هئي ۽ پڄاڻي پڻ گڏ ٿيندي هئي. ٽنڊي الهيار تعلقي مان آيل گهڻن استادن سان اسان جي واقفيت به ٽريننگ ڪاليج ۾ ٿي. ڪجھ پهرين واقفڪار هئا. جن ۾ سائين غازي غلام رسول ڪنڀار چنبڙ کان، سائين جمن ڊي بلوچ مسو بوزدار کان ۽ سائين محمد شريف بوزدار ڌڱاڻي بوزدار کان. بهرحال مون کي ڪلاس سي مليو. ڪلاس ٽيچر استاد هن ريت ٿيا. ڪلاس A جو ڪلاس ٽيچر سائين محمد يوسف ميمڻ صاحب ڪلاس B جو ڪلاس ٽيچر سائين نبي بخش ڀرڳڙي صاحب ڪلاس C جو ڪلاس ٽيچر سائين لطف الله قريشي صاحب اردو سيڪشن جو ڪلاس سائين جو نالو ياد نه پيو اچي جي ايس ٽي استادن جو ڪلاس ٽيچر سائين يار محمد صاحب هو. اوريئنٽل ڪلاس جو ڪلاس ٽيچر سائين غلام سرور ٻرڙو صاحب هو جڏهن ڊرائنگ سيڪشن جدا هئڻ ڪري ڪلاس ٽيچر جي خبر ناهي. پر ڊرائنگ جي حوالي سان ان وقت سائين فتاح هاليپوٽو صاحب جن هن اداري جا روح روان هئا. سائين فتاح جو ادبي نالو شرجيل آهي. اهڙي طرح اسان ٽنڊي الهيار جا 26 ڄڻا ان سروس استاد هئاسين. هر ڪنهن پنهنجي سهوليت موجب ڪن هاسٽل ورتي. باقي جن کي اچ وڃ جي سهولت هئي انهن روزانو آئوٽ بيڪ جو فيصلو ڪيو. اسان کي هاسٽل جو ڪمرو نمبر 25 الاٽ ٿيو. جنهن ۾ آئون، سائين خير محمد ، سائين رمضان ملاح، سائين بهادر ميرجت شامل هئاسين. سائين بهادر احتياط طور هاسٽل ورتي. پر گهڻو ڪري ڳوٺ ويندو هو. اسان جي ڀرسان سعيد خان لغاري لڳ هالا جا لغاري استاد هئا. ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج کي ٽي هاسٽلون هيون. منهنجي خيال ۾ ٻه هتي ڪاليج ۾ هيون. جڏهن ته هڪ سري گھاٽ تي ٺهيل دڪانن مٿان هئي. جنهن ۾ ٽريننگ ڪاليج جا ڪجھ استاد به رهندا هئا. سائين لطف الله قريشي. سائين آفتاب احمد قريشي صاحب ۽ ڪجھ ٻيا استاد به اتي رهندا هئا. جڏهن ته ٻه پرائمري اسڪول به هن ڪاليج سان منسلڪ آهن جن کي پريڪٽسنگ اسڪول سڏيو ويندو آهي. هڪ ٽريننگ ڪاليج جي چوديواري اندر قائم پرائمري ۽ مڊل اسڪول قائد استاد سائين جان محمد جمالي مرحوم جي نالي سان منسوب آهي . ٻيو اسڪول مارڪيٽ ايريا ۾ قاضي عبدالقيوم پرائمري اسڪول. ٽريننگ ڪاليج وڏي ايراضي تي مشتمل آهي. جنهن ۾ آفيسون ڪلاس روم، شاندار لائبرري، سائنس ليبارٽري، ٻه وڏا ڊمانسٽريشن هال. هڪ هال مين دروازي سان لڳ هاسٽل جي ڪمرن مٿان ٺهيل آهي. جڏهن ته ٻيو هال مسجد شريف واري پاسي آهي. جڏهن ته ڊرائينگ هال (ع ق شيخ گئلري) مين دروازي جي کاٻي پاسي هاسٽل جي ڪمرن مٿان ٺهيل آهي. پراڻي عمارت جي جيتوڻيڪ مرمت ٿيندي رهي آهي. پر شاندار اڏاوت جو هڪ شاهڪار آهي. جيڪو سنڌ جي تعليم جي ترويج ۽ عظمت جو اهڃاڻ آهي. ٽنڊي الهيار مان پنهنجي خرچ تي ٽريننگ ڪندڙ استادن ۾ سائين اوصاف آفريدي، سائين مٺو بوزدار ڳوٺ مسوبوزدار ۽ سائين غلام حسين چانڊيو ڳوٺ ڀنڀرو کوه اسٽاپ جا هئا. اهي به اسان سان شامل ٿيا. Sain Ali Imran Samo Ghazi GhulamRasool Kunbhar Ali Muhammad Mallah #GECEformenhyderabad H Haji M. Akhtar Inayat #SELD Abdul Hakeem Jarwar Jarwar Abdul Hakeem