ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ گذاريل هڪ سال (2) تحرير : عبدالله جروار انگريزن جي دور ۾ جڏهن سنڌي ٻولي لاء عربي رسم الخط کي رائج ڪيو ويو. ان کان ترت پوء سنڌي ٻولي جي نصابي ڪتابن ۽ تعليمي ادارن قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. حيدرآباد ۾ پهريون تعليمي ادارو نارمل اسڪول جي نالي سان قائم ڪيو ويو. جنهن ۾ هڪ طرف ٻارڙن جي تعليم لاء اسڪول ۽ استادن جي تربيت لاء ادارو قائم ڪيو ويو. جيئن سموري سنڌ ۾ قائم ٿيندڙ سنڌي اسڪولن ۾ تربيت يافته استاد ملي سگهن. جيئن ته هي ادارو هاڻ شهر جي پوري وچ ۾ اچي ويو آهي تنهن هوندي ڪشاده ڪمرا هوادار ماحول مان اندازو ڪري سگهبو ته شروعاتي دور هي بنھ پرسڪون علائقو هو. اسان جي 1985 جي سيپٽمبر مهيني جي شروعاتي ڏينهن ۾ داخلا ٿي چڪي. سڀني ٽريننگ وٺندڙ استادن کي ڪلاس ملي ويا. مون کي پي ٽي سي جي " سي" ڪلاس ۾ داخلا ملي. جنهن جو ڪلاس ٽيچر سائين لطف الله قريشي صاحب هو اسان جو ڪلاس مين بلڊنگ جي چاڙهي تي هو. منهنجي خيال ۾ ٻه ڪلاس مٿي هئا ۽ عربي جو ڪلاس به مٿي هو. ڪلاس هلڻ جي پهرين سائين لطف الله صاحب جن پهريون پيرڊ ورتو پنهنجو تعارف ڪرائڻ کان پوء سڀني شاگردن ( هاڻ استاد بجاء شاگرد ٿياسون) کان تعارف پڇيو ويو. ڪلاس روم وڏو ڪشادو شاندار هودار هو. سائين لطف الله جن ڪلاس ۽ تعليم بابت هدايتون ڏنيون. جنهن ۾ اهو ٻڌايو ته صبح جو اٺين بجي اسيمبلي ۾ هر استاد کي پهچڻو آهي. اسيمبلي بعد ڪلاس شروع ٿيندا. سيميسٽر سسٽم بابت آگاهي ڏني. پهريان ڇھ مهينا پنج مضمون باقي پنج مضمون پوين مهينن ۾ ٿيندا. هر مضمون پنجاھ مارڪون سيميسٽر تحت ملنديون جڏهن باقي پنجاھ مارڪون سالياني امتحان ڪلاس ۾ رکيل هيون. تقريبن پنجاھ سٺ جي لڳ ٽريننگ وٺڻ وارا استاد هئاسين. آئون سائين رمضان ملاح، غازي غلام رسول ڪنڀار، فقير عبدالڪريم هڪ ئي ڪلاس ۾ هئاسين. پهرين سيميسٽر ۾ رکيل مضمون ۽ استاد هي هئا. رياضي : سائين لطف الله قريشي صاحب اصول تعليم : سائين محمد عمر عمراڻي صاحب نفسيات : سائين محمد شريف طالڀ صاحب اسلاميات : سائين آفتاب احمد قريشي صاحب سنڌي : سائين نياز محمد شيخ صاحب ٽريننگ ڪاليج ۾ استاد بهترين ڄاڻو پنهنجي مضمون تي مهارت رکندڙ هئا. سائين لطف الله قريشي صاحب هڪ بهترين شريف نيڪ نيت شخصيت هر وقت الله پاڪ جو خوف رکندڙ نفيس انسان هئا. رياضي جي مضمون جون گهڻيون ٿيوريز توڙي حساب وغيره کين ياد هئا. ڪڏهن به ڪتاب کولي نه ڏٺائون. وڌيڪ استادن جو ذڪر اڳتي ڪنداسين. روز جو ٽائيم ٽيبل هن طرح ٿيو. اسيمبلي کان پوء ڪلاس هلندا. وچ ۾ رسيس جنهن کان ڏيڍ بجي يا هڪ چاليھ تي موڪل ٿيندي. رسيس ۾ چانھ لاء الڳ ڪينٽين هئي. جنهن ۾ استاد ٽريننگ وٺندڙ استاد توڙي اداري جو عملو چانھ پيئندو. جڏهن ته هاسٽل ۾ رهڻ وارن استادن جي ماني جو انتظام ميس ۾ هوندو هو . اصل ۾ ميس ۽ هاسٽل جو انچارج سائين الهورايو ڪلوڙ صاحب هو. جنهن ميس مانيٽر طور جي ايس ٽي استادن مان هڪ استاد ثناء اللہ نالي مقرر ڪيو. جيڪو ٽنڊي جان محمد سائيڊ جو هو. ان وقت ٿرپارڪر ميرپور خاص جا استاد به حيدرآباد ۾ ٽريننگ وٺندا هئا. منهنجي خيال ۾ سائين ثناء اللہ هاڻ ٽنڊي جان محمد جي ڪنهن اسڪول ۾ هيڊ ماستر هوندو. ثناء الله جماڻي جي نالي سڃاتو وڃي ٿو. ميس جا الڳ ڪمرا هئا هڪ ر رڌ پچاء لاء هڪ ڊائننگ هال طور استعمال ٿيندو هو. بورچي سميت ٻيو عملو به مقرر هو. ميس ۾ ماني جا ٽي ويلا هلندا هئا. صبح جو ناشتو چانھ، منجهند ۽ رات جي ماني، رات جي ماني ۾ اڪثر دال چانور هوندا هئا. رات جي ماني کان پوء سمهڻي نماز پڙهي پنهنجي پنهنجي ڪمرن تي يا وري پنهنجي دوستن سان ڪچهري ۽ پڙهائي بابت حال احوال ٿيندا هئا. اسان جي گهڻي ڪمپني سائين غلام رسول غازي ، فقير عبدالڪريم ، سائين جمن ڊي بلوچ، غلام قادر ڪاڪا وارن سان هوندي هئي. اسان جا ڪافي دوست جن ۾ سائين محمد شريف بوزدار وارا ۽ نصرپور وارا دوست روزانو ڳوٺان ايندا هئا. ٽريننگ ڪاليج ۾ شاندار قديم مسجد به آهي. هر نماز جي وقت تي وڏي جماعت ٿيندي آهي . هن مسجد نماز پڙهڻ لاء گهڻا ماڻهو ڪاليج کان ٻاهريان دڪاندار وغيره گهڻا ايندا آهن. شايد اهي مسجد تي خرچ به ڪندا هوندا. مسجد جو هاڻ به بهتر انتظام آهي. ان وقت ڪاليج جو پرنسپال سائين محمد سليمان خاصخيلي صاحب هو. جيڪو ان وقت سڀني ٽريننگ انسٽيٽيوشن جو انسپيڪٽر به هو. وائيس پرنسپال طور به شخصيتون هيون هڪ سائين عبدالحلیم نظاماڻي صاحب جن جيڪي ٽنڊي سومري جا هئا. ٻيو سائين علي اڪبر ميمڻ صاحب. علي اڪبر نوجوان جو هو. روزانو اسيمبلي ۾ هو هوندو هو. ان وقت ڪاليج ۾ بهترين استادن جي شاندار ٽيم هئي. سائين شير شاه صاحب سائين ڊاڪٽر عبدالجبار مغل صاحب ليڪچرار لائبريري انچارج ۽ اخبار تعليم جو ايڊيٽر ۽ ساڻس ٻانهن ٻيلي سائين لائق سنڌي نذير احمد شيخ صاحب سائنس جو ليڪچرار سائين حيدرعلي لغاري صاحب سائين شميم صاحب سائين رياض بلوچ صاحب سائين روشن پنهور صاحب سائين سليم ميمڻ صاحب اڃا به ڪافي استاد هئا پر نالا ياد نه پيا اچن. موسيقي جو استاد سائين قمر سومرو صاحب ان سال ئي ٽريننگ ڪاليج هي سٽ وڏن اکرن لکي وئي "اچو سکڻ لاء، وڃو سيکارڻ لاء" Ghazi GhulamRasool Kunbhar Ali Muhammad Mallah Ali Imran Samo