ڪڏهن کنڊ کان به مٺي ٿي لڳي، ڪڏهن زهر کان ڀي ڪڙي زندگي. وفا ناٿن شاهي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏30 مارچ 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    175
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    ڪڏهن کنڊ کان مٺي ٿي لڳي، ڪڏهن زهر کان ڪڙي زندگي!
    وفا ناٿن شاهي

    ﻏﺰﻝ
    ﻣﭡﻲ ﺯﻧﺪﮔﻲ ﻳﺎ ڪڙﻱ ﺯﻧﺪﮔﻲ،
    ﻧﻪ ﻣﻮﻥ ڏﻱ ڪڏﻫﻦ ﭜﻲ ﻟڙﻱ ﺯﻧﺪﮔﻲ.
    ﺟﺎ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﻋﺒﺎﺩﺕ ۾ ﮔﺬﺭﻱ ﻭﺋﻲ،
    ﻟﮙﻲ ﭤﻲ ﺍُﻫﺎﺋﻲ ﮔﻬڙﻱ ﺯﻧﺪﮔﻲ.
    ﺟﻲ ﺍُﻥ ۾ ﺟﻴﮡ ﺟﻲ ﻧﻪ ﺧﻮﺑﻲ ﻫﺠﻲ،
    ﺗﻪ ﻭﺍﺭﻱﺀَ ﺟﻲ ﺁﻫﻲ ﺩڙﻱ ﺯﻧﺪﮔﻲ.
    ﻗﻴﺎﻣﺖ ﮐﺎﻥ ﺍﮖ ۾ ﻧﻪ ﺍﻳﻨﺪﻱ ﻭﺭﻱ،
    ﺗڏﻱ ﺗﺎﻥ ﻣﻮﻥ ﺍﻫڙﻱ ﺗڙﻱ ﺯﻧﺪﮔﻲ.
    ﻓﺮﺷﺘﻮ ﮂڪﺮﺟﻲ ﻭﻳﻮ ﻣﻮﺕ ﺟﻮ،
    ﺟڏﻫﻦ ﺯﻧﺪﮔﻲﺀَ ﻣﺎﻥ ﺍڙﻱ ﺯﻧﺪﮔﻲ.
    ڪڏﻫﻦ ﮐﻨڊ ﮐﺎﻥ ﭜﻲ ﻣﭡﻲ ﭤﻲ ﻟﮙﻲ،
    ڪڏﻫﻦ ﺯﻫﺮ ﮐﺎﻥ ﭜﻲ ڪڙﻱ ﺯﻧﺪﮔﻲ.
    ﻣﺘﺎﻥ ﻭﻗﺖ ﮐﺎﻥ ﺍﮖ ﻣﺮﻱ ﻣﺎﻥ ﻭﭸﺎﻥ،
    ﻧﻪ ڏﻱ ﺳﻮﺭ ﺍﻳڏﺍ، ﺍڙﻱ ﺯﻧﺪﮔﻲ.
    ﻭﻓﺎ ! ﻣﻮﺕ ﺟﺎ ڪﻦ ﮐڙﺍ ﭤﻲ ﻭﻳﺎ،
    ﺍﺋﻴﻦ ﺯﻧﺪﮔﻲﺀَ ﻟﺌﻪ ﺭڙﻱ ﺯﻧﺪﮔﻲ
     
    jamot هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو