صالح ميمڻ دنيا جي 10 بلند ترين عمارتن مان 4 آمريڪا، 4 چين ۽ 2 ملائيشيا ۾ تعمير ٿيل آهن جن مان سڀ کان وڏي بلند عمارت يونيورسل فنانشل سينٽر شنگهائي جي نالي سان چين ۾ موجود آهي. جيڪا 2001ع ۾ تعمير ٿي ۽ ان جي اوچائي 1490 فوٽ آهي، دنيا ۾ چوٿين نمبر تي آمريڪا ۾ سڀ کان وڏي 110 منزله عمارت، سيريز ٽاور شڪاگو جي نالي سان قائم آهي. جيڪا 1974ع ۾ ٺهي ۽ ان جي اوچائي 1450 فوٽ آهي. ان طرح ٻين نمبر تي دنيا جي ۽ ملائيشيا جي سڀ کان وڏي عمارت پيٽروناس ٽاور ون ڪوالالمپور جي نالي سان 1998ع ۾ تعمير ٿيل آهي. جنهن جي اوچائي 1483 فوٽ آهي. پيٽروناس ٽاور ٽو به ساڳي ملڪ ۽ شهر ۾ آهي جيڪا ٽاور ون سان گڏ ساڳئي سال دوران ٺهي راس ٿي جنهن جي اوچائي به ٽاورن جيتري ۽ منزلون به ٽاورن جيتريون آهن ۽ اها عمارت دنيا جي ٽيون نمبر وڏي ۽ ملائيشيا جي ٻيو نمبر وڏي عمارت آهي، چين جي ٻيو نمبر ۽ دنيا جي پنجون نمبر وڏي عمارت جن مائو بلڊنگ آهي، جيڪا 1999ع ۾ تعمير ٿي، 88 ماڙ جي ان عمارت جي اوچائي 1381 فوٽ آهي. آمريڪا جي نيويارڪ شهر ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر ون ۽ ٽو جي نالن سان 2 وڏيون عمارتون هيون جيڪي ترتيبوار 1992ع ۽ 1993ع ۾ مڪمل ٿيون. ٻنهي جون منزلون 110 هيون، ۽ انهن ٻنهي سينٽرن جي اوچائي ترتيب وار1363 ۽ 1362 فوٽ هئي. جيڪي دنيا جون 6هون نمبر ۽ آمريڪا جون ٻيون ۽ ٽيون نمبر وڏيون عمارتون هيون جن کي 11 سيپٽمبر 2001ع تي دهشتگردي واري عمل سان تباهه ڪيو ويو هو. دنيا جي ستون نمبر وڏي عمارت ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ آمريڪا جي ساڳئي شهر نيويارڪ ۾ آهي جيڪا ورلڊ سينٽر جي تباهي کان پوءِ آمريڪا جي ٻيون نمبر ۽ دنيا جي وڏين عمارتن ۾ سڀ کان پراڻي يعني 1931ع ۾ تعمير ٿيل 102 ماڙ عمارت ۽ 1250 فوٽ اوچائي تي آهي. دنيا جي 10 نمبر تي 2 وڏيون عمارتون هانگ ڪانگ(چين) ۾ سينٽرل پلازه ۽ بئنڪ آف چائينا جي نالن سان آهن. جيڪي ترتيب وار 1992ع ۽ 1989ع تعمير ٿيون. جن جون منزلون 78 ۽ 70 جن جي اوچائي 1227 ۽ 1209 فوٽ آهي. جڏهن ته هاڻ هانگ ڪانگ چائينا کان ڌار ٿي ويل علائقو پڻ آهي.