ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (36)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏3 اپريل 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    "ٻري جن ٻاري"
    ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (36)
    سائين اميد علي "آب" لغاري مرحوم
    ڳوٺ شادمان لغاري

    تحرير :عبدالستار لغاري

    قدرت جا فيصلا ھوندا آھن يا ماڻھو جي قسمت ۾ ھوندو آھي تہ ھو ڪڏھن ۽ ڪٿي پيدا ٿيندو، سندس دور يا زمانو ڪھڙو ھوندو. اھي فرد خوشنصيب ھوندا آھن، جيڪي ترقي يافتہ معاشري ۾ پيدا ٿيندا آهن، پسمانده سماج ۾ پيدا ٿيندڙ فردن کي جيئڻ لاءِ وڏا ڪشالا ڪٽڻا پوندا آهن، وڏي جدوجهد ۽ محنت ڪرڻي پوندي آھي. ۽ پسمانده سماج جا فرد جڏھن پنھنجا ٽارگيٽ حاصل ڪري وٺندا آهن تہ پوءِ ھو ان سماج مان پنھنجو ناتو ھميشہ لاءِ ٽوڙي ڇڏيندا آھن، پر تاريخ ۾ ڪجھ اھڙا فرد بہ آھن، جن ڪڏھن بہ سون تي سيڻ نہ مٽايا آھن. گلاب لغاري ويجھو ڳوٺ شادمان لغاري ۾ پنھنجي زندگي جو گھڻو عرصو گذاريندڙ سائين اميد علي آب لغاري بہ انھن فردن مان ھو، جن آخر تائين پنھنجن سان نينهن جو ناتو ڳنڍي رکيو، سماج جي بھتري ۽ ڀلائي لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو. ھو پنھنجي دور جو تعليمدان ھو، ھن جي ڪيل خدمتن کي گلاب لغاري ۽ آسپاس جا رھواسي ڪڏھن بہ فراموش نہ ڪري سگھندا. گلاب لغاري جي ويجھو ڳوٺ حافظ محمد عمر ۾ 29 آگسٽ 1934ع تي نبي بخش لغاري جي گھر ۾ جنم وٺندڙ اميد علي آب لغاري پنھنجي دور جو ھڪ بھترين استاد ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. اميد علي لغاري شاعري ۾ "آب" جو تخلص استعمال ڪندو ھو، کيس سنڌي، اردو، انگريزي، فارسي ۽ عربي ٻولين تي دسترس ھوندي ھئي. اميد علي آب لغاري پنھنجي پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول گلاب مان حاصل ڪئي، پرائمري تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ھو مسڻ وڏي لڳ ٽنڊوالھيار ۾ مدرسي ۾ ويو، جتي ھن مولوي محمد اسماعيل لغاري ۽ مولوي عبدالڪريم لغاري کان فارسي، عربي ۽ ديني تعليم حاصل ڪئي. وڌيڪ تعليم لاءِ ميرپور پراڻي مان حاجي اميد علي لغاري جي سرپرستي ۾ ھلندڙ اسڪول مان مئٽرڪ ڪيائين. انٽرميڊئيٽ ميرپور خاص ڪاليج مان حاصل ڪيائين. اميد علي آب لغاري 1956ع ۾ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ۾ JST طور پنھنجي نوڪري جو آغاز ڪيو. سائين اميد علي آب لغاري پنھنجو دور جا ھڪ زندہ دل، شفيق ۽ بھترين استاد رھيا، سندس ڪيترائي شاگرد وڏن عھدن تي پھتا. ھن ڇاڇرو، عمر ڪوٽ، ڍورونارو ۽ چمبڙ ۾ پنھنجي ڊيوٽي سرانجام ڏني. ھو 1994ع ۾ پنھنجي سروس جا 38سال پورا ڪري رٽائر ٿيو ۽ زندگي جو وڏو عرصو گلاب لغاري ۾ ٽيوشن بہ ڏنائين. ھن زندہ دل انسان 25 آڪٽوبر 2021ع تي وفات ڪئي. سائين اميد علي آب لغاري جا پٽ ۽ پوٽا بہ تعليم جھڙي پيغمري پيشي سان وابسطہ آھن، سندن وڏو پٽ حسن اميد ھن وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ پروفيسر آھي ۽ ننڍو پٽ ياسر عرفات گورنمينٽ پرائمري اسڪول شادمان لغاري ۾ پرائمري استاد آھي، جڏھن تہ سندس پوٽي محمودالحسن تازو ئي فزڪس سبجيڪٽ جي ڪميشن پاس ڪري سبجيڪٽ اسپيشلسٽ ٿيو آھي. سائين اميد علي آب لغاري زماني جي ستم ظريفين، سماجي ڏاڍ ۽ اقربا پروري تي بيحد سھڻي انداز سان شاعري ڪئي آھي. گھڻي ڀاڱي سندس شاعري علم عروض تي لکيل آھي، سندس اڻڇپيل شاعري جي مجموعي گلستان آب مان ڪجھ ڏجي ٿي.

    غزل
    ملن ٿا ڪي تہ مشڪل سان، سڄڻ سردار ڪي ڪي ڪي،
    منجھان تن موڪلايو پيا وڃن، مھندار ڪي ڪي ڪي.

    خدايا ھي تہ ڇا پيو ٿئي، خزان شايد اچڻ واري،
    وڃن ڇڏيو پيا بلبل، چمن چوڌار سي سي سي.

    ڀلي جت ڀي ھجن سي شل، ھجن آباد ۽ سرھا
    اسان جي آرزو ھي آ، وسن وسڪار سي سي سي.

    حسن اخلاق جا نڪتا، سدا سي ياد رھندا تن،
    مٺا ماکي تہ مشفق جي مکڻ موچار سي سي سي.

    نڪو خطرو نہ ڪا خاطر، نڪا پرواھ تنکي ڪا،
    خدا جو نام ۽ محمد رکن سونھار جي جي جي.

    الاھي ڪر عطا اھڙو دلين ۾ جوش ۽ جذبو،
    تہ ٿيون سالم سچا خادم، وطن سينگار سي سي سي.

    سدا مھراڻ ۾ شل موج سان "آب" رواني ھو،
    تہ جھانگي مرڪ سان مرڪي ھڻن جھونگار سي سي سي.

    غزل
    خواھ مخواھ ڪنھن سان ڀلا بدگماني ڇو ڪجي،
    راھگيرن سان ڀلا، رازداني ڇو ڪجي.

    تير نظرن جي سھڻن جي، جي نہ آ طاقت تہ پوءِ
    ماھ پارن جي ڀلا ميزباني ڇو ڪجي.

    جي ھجي چوکو چڱو پھچ پنھنجي ۾ تہ پوءِ
    پيش مھمان جي ڀلا، دال ماني ڇو ڪجي.

    مال ملڪيت جو ڏيکاري، رعب ڏاڍي داڙھ سان،
    خلق خالق سان ڀلا، خانداني ڇو ڪجي.

    عاشقي جو ويو زمانو، ھي تہ ڦشڪي دؤر آ،
    راھ ان ۾ پوءِ ڀلا رمزداني ڇو ڪجي.

    ملڪ پنھنجي ساڻ جنھنکي نا محبت ۽ پيار،
    ڀال ان سان ۽ ڀلا، مھرباني ڇو ڪجي.

    ھم ترازو سان ٿيڻ، منھن مقابل آ ڪمال،
    پاڻ ھيڻن سان ڀلا، پھلواني ڇو ڪجي.

    جو نٿو ڄاڻي قدر، دل لڳي ياري، اھڙي،
    بي وفا سان پوءِ ڀلا، دل ديواني ڇو ڪجي.

    جو نٿو چاھي وڙھڻ، ۽ نڪو جھيڙو جھٽو،
    تنھن ويچاري سان ڀلا، ڏاڍ جواني ڇو ڪجي.

    "آب" داڻو آھ جيسين، آھ تيسين زندگي،
    پوءِ الم ان جو ڀلا، جاوداني ڇو ڪجي.

    غزل
    پيارا پيار سان جيڪر، پڪارين ھا تہ ڇا ٿيئي ھا،
    ڇڏي ڪاوڙ مٺا مون ڏي، نھارين ھا تہ ڇا ٿيئي ھا.

    ڪري آسون اميدون ڪئين، آيس تنھنجي پيا در تي،
    ڪري دربان پنھنجي در جو، بيھارين ھا تہ ڇا ٿيئي ھا.

    اگر محبت نہ ھئي ليڪن، زماني ۾ زماني خاطر،
    پري کان ئي اشاري سان کيڪارين ھا تہ ڇا ٿيئي ھا.

    جتي نالا پچاريئي پئي، پيارا پيار وارن جا،
    اتي منھنجو بہ نالو جي، پچارين ھا تہ ڇا ٿيئي ھا.

    جڏھن محفل رچايئي پئي، رفيقن ۽ حبيبن جي،
    تڏھن مونکي بہ جي ڀر ۾، ويھارين ھا تہ ڇا ٿيئي ھا.

    ڀري جت جام پياريئي پئي، پيالا پرت جا پل پل،
    اتي ساقي، چڪو جي "آب" پيارين ھا تہ ڇا ٿيئي ھا.

    روزاني آجيان شڪارپور سنڌ تان ورتل تاريخ 02 اپريل 2024 ع بروز اڱارو
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو